تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ھاءِ وي جا ڌاڙيل ۽ ڪھاڻي جو گرز … مختيار راھو

ڪھاڻي ۽ تحقيق جو پاڻ ۾ گھڻو تعلق ناھي پر ڪھاڻي اڪثر تحقيق کان انڪري نياري ھوندي آھي جو اھا شين ۽ واقعن جي ترتيب کي سٽ ڏئي الٽ پلٽ ڪري ڇڏيندي آھي اھا پنھنجي ڪردارن جي مٿان حڪم ھلائڻ لڳندي آھي، ٽڪ ٻڌي ڪھاڻي ٻڌندڙ ماڻھو ڪھاڻي کي پاڻ سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. جڏھن ته ان جي من ۾ ھڪ آس اڀري پوندي آھي ته ھي ڪھاڻي جو ڪردار ڏسجانءِ ڪجهھ اھڙو ڪندو جنھن جي توقع عام دنيا نه ٿي رکي. ڪھاڻي ھلندي جڏھن ڪھاڻي جھٽڪو ڏئي ڇرڪ ڀري، ڪردار ڇرڪ ڀري ۽ ان ئي ڇرڪ سان تماشبين به ڇرڪ ڀري ته ڪھاڻي جو ديوتا ھڪ ئي وقت ٽنھي پاسن ڪھاڻي، ڪھاڻي ڪردارن ۽ تماشبينن جي سيني ۾ نيزو ٽنبي ڇڏيندو آهي. ھڪڙي ڌڪ سان ھوڪرا ٿيندا آھن. جڏھن ته تحقيق سڌي سوانٽي ڳالھه ڪندي آھي اھا ڪاڳرن ۾ پئي ساھه کڻندي آهي ۽ پئي مرندي ۽ جيئندي آھي ان کي تماشبين ڪڏھن به نه ملندو آھي اھا موضوع ۽ معروض جي پنڌ پئي ڪندي آھي. ان کي ٿلھا چشما پاتل ماڻھو وڻندا آهن. ڪھاڻيون ڪھاڻيون آھن پر جيڪڏھن اھي حقيقت ۾ گھڙي اچن ته پوءِ اھي سماج ۾ شديد اٿل پٿل ۽ سماجي کي ڌوڏي وجھڻ جي سگھه رکن ٿيون پر اتي حقيقت ۾ ته تحقيق جو قبضو ھوندو آھي ھو ڪھاڻي کان ساڙ کائيندي آهي. تحقيق جڏھن ڪھاڻي کي حقيقت ۾ ڏسندي آھي ته تحقيق کي لڳندو آھي ھي ايبنارمل آھي ھن کي ذھني فتور آھي پنھنجي ھٿ ۾ پڪڙيل جادوئي گرز سان حقيقت جي ھر ڪوڙي پرسڪون حالت تي سندس اھو وار پڃ ڊاھ کي جنم ڏيندو.ان ڪھاڻي کي خاموشي سان گم ڪري ڇڏجي. سماج ڪنھن به اھڙي اٿل پٿل کان وانجھيل ئي رھي ته ڇڱو آھي.
جڏھن ٿاڻي تي ويٺل وڏو منشي سماج جو سڀ کان اھم ڪھاڻيڪار ھوندو آھي اھڙو ڪھاڻيڪار جيڪو ڪھاڻين ۽ حقيقت جي سنگم تي بيٺل ھوندو آھي پر کيس ان جي خبر نه ھوندي آھي ٻيو ته کيس پنهنجي پاڻ ڪھاڻي لکڻ جي اجازت ناھي ھوندي. ٿاڻي جو ايس ايڇ او ئي ان کي ڪنھن حقيقت ۾ گھڙي آيل ڪھاڻي کي لکڻ جي اجازت ڏيندو آھي ۽ مجبور به ڪندو آھي ته ڪردارن جي ترتيب ڪيئن بيھارڻي آھي. مجبورن وڏي منشي جھڙي آڙيڪاپ تخليڪار کي اھو دٻاءَ اھڙي ئي ترتيب سان حقيقت ۾ گھڙي آيل ڪھاڻي لکرائيندو آھي. ھو لکي بس ئي ڪندو آھي ته تحقيق کي ڪھاڻي جي حقيقت ۾ وارد ٿيڻ جي ڄاڻ ملندي آھي ۽ اھا ڪھاڻي کي نارمل ڪرڻ جا جتن ڪندي آھي. اھا ترتيب ۽ مناسبت سياست وٽ به جھجي آھي ته مناسب وقت تي فقط مناسب ڳالهھ ئي ڪري سگهجي ٿي. اچو ته اسان ڪجهھ ڪھاڻين کي ڏسون.
سنچوريا فلم جو ھيرو ڌاڙيل ريپ ٿيل ڇوڪري ۽ ڪاري ٿيل عورت کي بچائي ٿو. ان عمل کي ھو ڏوھن جي ڪفاري طور ادا ڪري ٿو. ان بچاءُ واري مھم ۾ سندس ساٿين ۽ ھن جي جان ھلي ٿي وڃي. ھاءِ وي فلم جو ڌاڙيل ھڪ ڇوڪري کي ڀنگ جي لاءِ اغوا ڪري ٿو ڇوڪري ھن لاءِ بس سودو آھي. ھو پنھنجي ساٿي کي مارڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو ته ھي ڇوڪري ناھي بس ھڪ سودو آھي ان سان ٻيو ڪجھه نه ٿيندو. ھن جي ڪردار مان جنس مخالف جي ڪشش يا جنسي ڇڪتاڻ ۽ حوس جو گذر نه ٿو ٿئي. ھو اڏول بيٺو رھي ٿو بغير ڪنھن تاثر ڏيڻ جي. ڇوڪري پنھجي گھر ۾ پنھنجي گھر جي ويجھن ڀاٿين کان محفوظ ناھي. ڪھاڻي جو ديوتا خاموشي سان پنھنجو گرز ڪڍي ٿو ھڪ سٽ ئي مس ڏئي ٿو تحقيق جي گولي ان اڏول ڪردار جي سيني مان آرپار ٿي وڃي ٿي.اچو ته حقيقت جي ڪھاڻين کي ڏسون.
ننڍڙي زينب جا ماءُ پيءُ ڀلي پار ويل آھن ۽ واپس اچي ھو ڪنھن به ڪھاڻي تي يقين نه ٿا ڪن ۽ تحقيق کي عقيدي جي ساھمي ۾ تورين ٿا. ڪھاڻي پنھنجو پاڻ کي نروار ڪري ٿي. روزانو برش ۽ شيو ڪندڙ، روزانو صبح جو صاف ڪاٽن جو ڪلف لڳل ڪپڙن جو وڳو پائندڙ ۽ بھترين استري ٿيل بغير ڪنھن سلوٽن جي. ھر آچر جي موڪل تي وارن کي ڪلر ۽ خط وٺرائيندڙ، چھري کي تازو توانو رکڻ لاءِ جتن ڪندڙ، شھر ۾ تعليم جي جاگرتا لاءِ ريلين ۾ شريڪ گلن جي ورکا ڪندڙ، ٻھڪندڙ چھري وارو ماڻھو اٺن ڏھن سالن جي ٻارن سان جنسي زيادتي ڪري ٿو وڊيو ڀري ٿو اھڙي عمل جي ترغيب ڏئي ٿو.
اسين اھڙا ٻيا ڪردار به ڏسون ٿا ۽ کلي تعريف واري انداز سان انھن جي ھوشياري ۽ شوقين پڻي جي ڳالهھ ڪريون ٿا، نه ڪھاڻي ٿي لکجي نه تحقيق پوءِ ڪھاڻي حقيقت ۾ وارد ٿئي ٿي. ھاڻ ڪھاڻي جي جاءِ تي سوشل ميڊيا ۾ ھاڻ جنسي سس پس چڱي جاءِ والاري ٿي. جيڪڏھن سنڌي ادب ۾ اھا ڳالھه مشھور آھي ته نسيم کرل جي وڇوڙي بعد سنڌي ڪھاڻيءَ کي گولي لڳي وئي ۽ ان پساھ پورا ڪيا. مجبورن مان تحقيق کي سڏ ڏيان ٿو، پر ياد رکو اوھان تحقيق سان ڪھاڻي کي مات ڏئي نه ٿا سگهو. ٿورو غور ڪري ڏسو متان اوھان جو ڦوٽو ڪنھن اھڙي ھشاش بشاش چھري واري ڪردار سان نڪتل ھجي ۽ ڪھاڻي اوھان کي پٺاڙن کان جھلي پاتال ۾ اڇلائي ڇڏي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *