تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

گھاٽيون مُڇون … نور ڀٽو

هڪ ڏينهن پنجن سالن جي ننڍڙي ٻار پنهنجي بابا جي ڪڇ ۾ هوندي مُڇُن کي هٿ لائيندي پڇيو ته،”بابا هي مڇون ڪيئن ڄمنديون آھن؟“ چيائين ته پٽ! هي مُڇون پڙھڻ کان پوءِ ڄمنديون آھن. ننڍڙي چيو ته پوءِ بابا مان به پڙھندس ته جيئن مون کي مُڇون ڄمن. پيءُ وراڻيو ته پٽ! مُڇون صرف ديني علم سان نه پر دنياوي علم کان به وڌنديون آھن مطلب توکي ٻئي علم پڙھڻا پوَندا. ننڍڙي چيو ته بابا اڄ ئي مون کي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏي ته مان روز وڃان. اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏنائينس، پڙھڻ کي سال گذري چڪو هو ته ننڍڙو آئيني ۾ روز پنهنجون مُڇون ڏسندو هو پر هن کي مُڇون ڏسڻ ۾ نه آيون ته پيءُ کي چيائين ته بابا اوهان چيو هو ته پڙھندين ته مُڇون ڄمنديون پر اڃا ته ڪونه ڄايون آھن. پيءُ وراڻيو پٽ! مان ٻارنهَن سال پڙھيو هئس ته پوءِ مون کي مُڇون ڄايون هيون، تون به ٻارنهن سال محنت ڪر ته پوءِ ڄمندي. ننڍڙي وراڻيو ته بابا پوءِ اوهان جون مُڇون گھاٽيون ڇو آھن؟ چيائين ته پٽ! مون سخت محنت ڪئي تڏهن مُڇون گھاٽيون ٿيون آھن جي محنت ٿوري ڪيان ها ته مُڇون ڇڊيون ڄمن ها، ننڍڙي وراڻيو ته بابا مان به سخت محنت ڪندس ته جيئن منهنجون به گھاٽيون مڇون ڄمن. ڪجھ سال گذرڻ کان پوءِ جڏهن ڏهين ۾ آيو ته ڏٺائين مُڇن جي ساوڪ ٿي وئي آھي ته ان اڃا وڌيڪ محنت ڪئي ته هر ڪلاس ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو، ٻارنهين درجي تائين ان کي گھاٽيون مُڇون ڄمي چڪيون هيون، ۽ اهو ڇوڪرو ايترو هوشيار ٿي ويو جو هر هنڌ ان جي هاڪ ٿي وئي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *