تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

گُونگو…!ليکراج ميگهواڙ

جڏھن پنڊت سَنکُ وڄايو ته باک ڦٽي ٽاڻي مندر جي ساڄي پاسي هڪ گونگو پنهنجون اکيون مھٽيندي سڄاڳُ ٿيو.هن جا نيڻ صدين جي تياڳُ جيان ڪڙھيل پئي لڳا، ٿوري دير بعد جڏھن سجُ پنهنجا ڪرڻا ڌرتي تي وڌا ته پکين جون ٻوليون مندر ۾ پيل خاموش مُورتين جا من مھندڙ دلڪش مظھر هن لاءِ اڄ به ازل جي گونج جيان گهٻرائيندي نظر اچي رهيا ھئا. هن جون حسرتون ڪنهن باغ ۾ بهار جي رتُ ۾ ٽٽل وڻ جي ٽارين تي نڪتل ڪنهن معصوم شرم ٻوٽڙي جيان آيل گوش جيان پئي لڳيون! جيڪي پنهنجي مند ۾ پاڻ کي بدنصيب سمجهي مرجهندي سڪندي ريگستان ۾ ڪنهن مئل جانور جي ماس کي ڳجُهون جيئن نوچينديون هجن تئين پئي ازيتن سان هر پل هر گهڙي موت جي خوف سان روحُ کي ريجهائيندو رهندو هو.هن کي خبر ئي نه آھي ته هن سنسار جو هر ٽيون ماڻهو هر گهڙي جي شور ۾ هڪ ٻئي جون حياتيون روين سان ڳڙڪائنيدو رهي ٿو! هن لاءِ ازل کان هر صبح جي سج جي ڪرڻن سان هن جي من تن ۾ خواھشن جا ڀَنڀٽ ٿيندا هئا ۽ هر شام سان گڏ اُھي رات جي سانت ۾ آرامي ٿي پوندا هئا!
جڏھن مندر ۾ ناريون اينديون هيون ته هي انهن جي سينڌ رنگيل سينگاريل ڏسي هي ڀاڳوان ٿيندو هو ته ”عورت ڪائنات جو ڪُل حسن آھي پر خوبصورتي جي علامت سينگار ڪرڻ سان ناهي! حسن جي شناخت جيڪڏھن پڇڻي هجي ته انُ ڊيل کان پڇجي جيڪا سانوڻي جي کينوڻ ۾ پنهنجي پتي ديو لاءِ تڙپي تڙپي لڙڪن جي سيج سجائيندي آھي! اڄ هن ڏٺو ته هڪ ڪُراڙو جيڪو هلڻ کان لاچار انسان جي مدد کان ڪوهين ڏور پرارٿنا لاءِ پنهنجي من ۾ اميدن جو سمنڊ کڻي ويران رڻ جي سفر جيئن اچي رهيو هو! هن هڪ پل لاءِ سمورو ڌيان گيان انهي ڪُراڙي جي پوڄا ۾ لڳائي ڇڏيو هو، هن ڏٺو ته ڪُراڙو جيڪو مُورتين اڳيان ائين بيٺو گويا ڪنهن سفيد پوش تشخص جي ميرَ وانگي چٽو پڌرو واضع ۽ شفاف ڄڻ ڪنهن انسان جي تعميل پوئواري دستور جي ڪٽھڙي ۾ بيٺل هڪ گنهگار جيئن پاپي عاصي پئي لڳو! جيڪو بي وقتائيتو آيل گهگُهه جي ٻوليءَ جيئن بدزيب ۽ عيبدار پئي لڳو…!
هن کي زندگي جا رنگ ڍنگ سڀ الڳ لڳندا هئا جڏھن ھي ٻن ماڻھن کي پاڻ ۾ ڳالهائيندي ڏسندو هو! انهن جي زبان جو فلائڻ کي هن لاءِ هڪ شديد درد هو! تنهن وقت هي پنهنجي هٿن سان زبان کي جانچيندو هو، پر اُھا چُرپر ڪندي ھئي جيڪا صرف هي محسوس ڪري سگهندو ھو تڏھن هي پاڻ کي ننڍڙو ٻالڪ سمجهي مورتين اڳيان بيهي روئيندي پنهنجي من ۾ چوندو هو ته مونکي زبان ڇو ٻين انسانن جهڙي ناهي!؟ مونکي منهنجي زبان موٽائي ڏيو, تڏهن هي پنهنجون اکيون بند ڪري روئي روئي ساڻو ٿيندو هو تڏھن مندر جا پوڄاري هن کي وڻن اڳيان ويهاري ڇڏيندا هئا هي پنهنجا دوست وڻن کي سمجهندو هو، جيڪي هن وانگي خاموش ئي هوندا هئا هي جڏھن اهڙي ڪيفيت ۾ واچوڙو ٿي آڪاس ۽ ڪهڪشاھن تائين پنهنجن خيالن ۽ ويچارن تصور ۾ ڪک پن ٿيندو هو تڏهن هن کي ڪو به آواز ٻڌڻ ۾ نه ايندو هو تڏھن هن کي اهو وسواش جياريندو هو ته سمورو جڳ به مون وانگر ”گُونگو“ آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *