تازا ترين
  • *ڊگهڙي ويجهو ڊاٽسن جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: موٽرسائيڪل تي سوار نوجوان منگل پٽ پارو ڀيل، شريمتي هستو ڀيل، سندس ٻن سالن جي نياڻي منگلي ۽ نينگر دليپ فوت *
  • *ورڪشاپ کان حيدرآباد ويندي گم ٿي ويل نوجوان جي اغوا جي تصديق، عورتاڻي آواز تي هرجکي اغوا ٿيڻ جا چوٻول * ورڪشاپ: نوجوان مختيار شر جو پيءُ راجا خان شر کي فون، اغوا ٿيڻ جي تصديق * ورڪشاپ: پٽ فون ڪري ٻڌايو ته ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن، بازيابي لاءِ مدد ڪئي وڃي: راجا خان *
  • *ڪريم بخش کوسو واسي بون ميرو جي مرض ۾ مبتلا 13 سالن جو نينگر امتياز بروهي پٽ جاني بروهي سبب فوت *
  • *قاضي احمد ويجهو ڪچي جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو سن ۾ جرڳو، 2 خون ثابت ٿيڻ بعد ڌرين تي 60 لک رپيا ڏنڊ * قاضي احمد: ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، جلال محمود شاهه به شريڪ * قاضي احمد: لاکا ڌر تي اڳرائي جو 10لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، تڪراري زميني ڇڇر واري ڌر حوالي *
  • لکي غلام شاهه ويجهو هٿياربندن هٿان ڳوٺاڻو قربان ڪلوڙ اغوا، ڪجهه دير بعد بازياب
  • *شھدادڪوٽ: ٻن موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر: 2 نوجوان ڳوٺ غلام قادر کوسو جو رھواسي صدام حسين کوسو ۽ ڳوٺ ميران خان مگسي جو رھواسي پيربخش مگسي فوت ٿي ويا، نينگري بختاور زخمي*
  • *ڪراچي: قاضي عبدالڪبير سڀاڻي رٽائر ٿيندو، عثمان چاچڙ گهرو سيڪريٽري جي چارج سنڀاليندو*
  • *فريدآباد واسي 22 ورھين جو نوجوان پورهيت قاسم شاهه پٽ حسين شاهه موٽرسائيڪل هلائيندي دل جو دورو پوڻ ڪري فوت*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر کڏ ۾ ڪري پوڻ ڪري ڊرائيور ڄام سولنگي هيٺان اچي فوت ٿي ويو*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر ٽرالي 9 ورھين جي نينگري اوبيعه ڌيءُ محمد علي اوڳاهي کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو*
  • *حيدرآباد: ميرپورخاص ۾ هاءِ ڪورٽ جي بينچ قائم ڪئي وڃي: درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ سميت لاڳاپيل ڌرين کان 4 ڊسمبر تائين جواب * حيدرآباد: ڏورانهن وارن ضلعن جي ماڻهن کي ٻڌڻين لاءِ هڪ ڏينهن اڳ حيدرآباد اچڻو پوي ٿو: درخواستگذار * حيدرآباد: مان پاڻ صبح 5 وڳي ميرپورخاص مان نڪرندو آهيان، واپس ويندي شام ٿي ويندي آهي: وڪيل *
  • * تلهار ويجهو خوفناڪ حادثو: هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي فوت * تلهار: ڪار رڪشا کي بچائيندي کاهي ۾ ڪري پئي، فوتي ڀاتين ۾ 2 ٻاررڙيون، 3 عورتون ۽ هڪ نوجوان شامل * تلهار: فوتين مان هڪ عورت ۽ تازي ڄاول ٻارڙِي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ٻين فوتين جي سڃاڻپ تازي ڄاول ٻارڙي جي ماءُ مسمات ميران چانڊيو، مسمات شهناز، سندس معصوم 10 سالن جي ڌيءُ مائزه، نوجوان عبدالستار چانڊيو جي نالن سان ٿي *
  • *بدين ويجهو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو: 3 معصوم ٻار سڙي فوت * بدين :ڳوٺ مامون نوحاڻي ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ تباهي مچائي ڇڏي، ڪکاوان گهر سڙي رک، 3 معصومڙا ۾ هڪ سال جو پوَن پٽ هرچند ڪولهي، ٻن سالن جي ريشما ڌيءُ نانجي ڪولهي ۽ ڌرمي ڌيءُ ڪاجو ڪولهي به اجل جو شڪار *
  • *جيڪب آباد ۾ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار نينگري ۽ سندس ڌيءُ جي ڪيس پوليس کي مُنجهائي ڇڏيو: ٻارڙي جي ڊي اين اي رپورٽ اچڻ جو انتظار * جيڪب آباد :ڪيس ۾ 2 اڻڄاتل جوابدارن مان به ڪنهن هڪ سان ڊي اين اي ميچ ٿيو ته پوءِ ڇا ڪجي؟ پوليس لاءِ ڪيس جا قانوني پاسا به چئلينج بڻيل: ذريعا * جيڪب آباد :ڪيس کي گهرائي سان ڏسي رهيا آهيون، هفتي اندر ڊي اين اي رپورٽ اچي ويندي، اُن کانپوءِ ئي جاچ جو رُخ طئه ڪنداسين: ايس ايس پي جيڪب آباد *
  • اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو اختيارحڪومت کي آهي: نيب جو جواب*نيب طرفان وفاقي گهرو وزات ڏانهن جواب موڪليو ويو (ذريعا) اڳوڻي وزيراعظم لاءِ ايئر ايمبولينس جو انتظام ڪيو ويو*

گيتاريٻاري…..جنهن جي ڳلي ۾ درد سمايل آهي …..علي رضا قاضي

گيتا ريٻاري، سال 2017ع ۾ سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ يوٽيوب تي مشهور گجراتي گيت ”رونا شير ما“ ڳائي عالمي شهرت ماڻي. هن گيت کي ڪجهه عرصي ۾ ئي 260 ملين ويوز مليا. اهو تعداد غير معمولي هو. انکان پوءِ به گيتا ڪيترائي گجراتي، مارواڙي ۽ سنڌي گيت ڳائي مشهوري ماڻي.
گيتا جو جنم سال 1996ع ۾ ڪڇ گجرات جي ننڍڙي شهر تپاڙ ۾ ٿيو، جنهن کانپوءِ هن جو خاندان ڄام نگر ۾ لڏي آيو. هن وقت گيتا ۽ ان جي فيملي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ رهي ٿي، جڏهن ته ڄام نگر ۾ به هنن جو گهر آهي. گيتا کي ڳائڻ جو جنون آهي. هن جي سوانح عمري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن هوءَ ننڍڙي هئي ته خوشين جي موقعي تي گيت ڳائڻ لاءِ هن کي آس پاس جي ڳوٺن ۾ گهرايو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته هن جو آواز تمام گهڻو وڻندڙ ۽ دلفريب هو.
گيتا جو تعلق ريٻاري قبيلي سان آهي. ريٻاري ڪير آهن؟ انهن بابت سنڌ جي تاريخ ۾ ڪافي مواد ملي ٿو. هڪ ته اسان وٽ هنن جو تعارف ان برادريءَ جو آهي، جن دودي سومري جي شهادت کانپوءِ هميشہ جي لاءِ ڪارا ڪپڙا پائي سوڳ ملهايو. ريٻارين جو اهو غم اڄ به راجستان جي علائقن ۾ جاري آهي، جڏهن ته سنڌ جا ريٻاري هاڻي ڪارا ڪپڙا نه ٿا پائن.
انسائڪلو پيڊيا ’سنڌيانا‘ موجب: ”ريٻاري يا رٻاري هڪ قديم قبيلو آهي، جيڪو هن وقت سنڌ، راجستان، پنجاب، هرياڻا، اتر پرديش ۾ به رهي ٿو. لفظ ’ريٻاريءَ‘ جي معنيٰ آهي ٻاهريون. هنن کي ٻاهريون، ٻهراڙين ۾ رهڻ ڪري سڏيو ويو، ڇاڪاڻ جو هي ماڻهو اٺ ۽ ٻڪريون چارڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا، جنهنڪري کين رهڻ لاءِ وڏي ايراضيءَ جي ضرورت پوندي هئي، اها کين شهرن ۾ ميسر ڪا نه هئي. اصل ۾ هي مالوند ماڻهو هئا، سندن گذر سفر رڍن، ٻڪرين ۽ اٺن چارڻ تي رهيو آهي. ريٻارين بابت ڪيتريون ئي ڏندڪٿائون مشهور آهن، جن ۾ ڄاڻايل آهي ته هو اصل ۾ شِوَ جا پوڄاري آهن. هو هندو آهن، پر ڪي سک مذهب به رکن ٿا. ريٻاري پاڻ کي راجپوتن جي ڪَل مان سمجهن ٿا.“
ريٻارين لاءِ راجا ڄام جاڙيجي جي روايت تمام گهڻي مشهور آهي. جنهن لاءِ لکيو ويو آهي ته هڪ ڀيرو ڄام جاڙيجو، جڏهن شڪار لاءِ رڻ ۾ پهتو ته هن جي نظر هڪ خوبصورت ريٻارڻ تي پئي. ڄام، حسن جي تجليءَ ۾ پنهنجو حوصلو وڃائي ويٺو ۽ ريٻاري قبيلي تي دٻاءُ وڌائين ته ان عورت جو سڱ هن کي ڏنو وڃي. ريٻارين قبيلي جي روايت مطابق ”ٻاهر سڱ نه ڏبو“ انڪار ڪيو ۽ راجا جي قهر کان ڀڄي دودي سومري جي راڄ ۾ پهتا. هاڻي اتي هو دودي جي سام بڻجي رهيا. هوڏانهن ڄام جاڙيجي، دودي کي نياپو ڪرايو ته ريٻاري هن جي حوالي ڪيا وڃن. دودي، سام ڏيڻ کان نابري واري. ان مامري تي جنگ لڳي، جنهن ۾ ڄام جاڙيجو مارجي ويو. ڪجهه وقت ۾ ئي دهليءَ جي لشڪر، چنيسر جي چوڻ تي دودي سومري تي ڪاهه ڪئي، جنهن ۾ دودو شهيد ٿي ويو. ريٻاري، جن کي دودي جو عظيم احسان ياد هو. انهن ڏک ۾ ڪارا ويس اوڍيا ۽ کٽن کي اونڌو ڪري سمهڻ لڳا.
خير اها ڊگهي ڪهاڻي آهي. پاڻ هتي گيتا ريٻاري جي فن بابت لکنداسين ته هن مختصر عرصي ۾ فن جي دنيا ۾ تمام گهڻو پاڻ موکيو آهي. هن جي ڳلي ۾ درد سمايل آهي. ڳائڻ وقت عجيب سمو پيدا ٿيو وڃي. جنهن لاءِ هن جي والدين جو چوڻ آهي ته گيتا جو آواز، هن لاءِ قدرت جو تحفو آهي.
گيتا جي ذاتي زندگيءَ ۾جهاتي پائجي ته پتو پوندو. هن جي شادي، پنهنجي ئي هڪ مائٽ پرٿوي ريٻاري سان ٿي. جيڪو پيشي جي لحاظ کان سول انجنئير آهي. هن وقت گيتا جي پروگرامن جي مئنجمنٽ ڪري ٿو. هنن جي زندگي خوشين سان ڀرپور آهي. هڪ انٽرويو ۾ گيتا ٻڌايو ته ”پرٿوي، منهنجو ور گهٽ دوست وڌيڪ آهي. جيڪڏهن هو چاهي ها ته مان ڳائڻ بند ڪري سگهان پئي، پر هن ائين نه ڪيو. مون کي همٿايائين. اڄ مان جڏهن هن منزل تي پهتي آهيان ته ان ۾ منهنجي والدين ۽ منهنجي مڙس جو وڏو هٿ آهي.
گيتا کي جانورن سان تمام گهڻو پيار آهي. هن جي گهر ۾ ڪيترائي پالتو جانور آهن. جڏهن ته ڪرڪيٽ تمام گهڻي پسند اٿس. ڪرڪيٽ ۾ ڄام نگر جو سنڌي رانديگر رويندر جاڙيجو، جيڪو هندستان جي قومي ٽيم ۾ کيڏي پيو هن جو پسنديده رانديگر آهي. يوٽيوب تي گيتا جا گھڻائي گيت رکيل آهن. جن ۾ ڪيترائي سنڌي گيت به آهن. انهن مان هڪ ”اچو پکي پرڏيهڙا، توکي سيني سان لڳايان“ مشهور آهي.

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *