تازا ترين
  • *ڪراچي: احتساب ڪورٽ ۾ سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس *پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت مان غير حاضر*
  • *مدئجي ويجهو پوليس اٽالن جي چڙهائي،گهر گهر تلاشي، 4 ڄڻا گرفتار،ڍور ڍڪ حوالي *پوليس اٽالن ڳوٺ علي خان واصل ڀرسان هليا ۽ جيها برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي *پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري 10 کان وڌيڪ ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا،متاثرن جو احتجاج *
  • *لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ ڇڪتاڻ برقرار *پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج، مريض بنا علاج جي واپس روانا *20هين ڏينهن به او پي ڊيز کي تالا، پيرا ميڊيڪل عملي وارڊن جو ڪم به ڇڏي ڏنو *ڊيوٽي تي غيرحاضر رھندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو: ايم ايس *ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جيستائين ايم ايس کي نه هٽايو ويندو، احتجاج جاري رهندو: پيرا ميڊيڪل عملو *

گوگل طرفان لاڪ ڊائون دوران ٻارن ۾ مطالعي جي عادت وجهڻ لاءِ ايپ متعارف … مــھاوير واسو

گوگل لاڪ ڊائون سبب تعليمي سرگرميون محدود ٿيڻ جي ڪري ٻارن ۾ مطالعي جي عادت وجهڻ لاءِ ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي.ڪورونا وبا جتي سڄي دنيا ۾ ڪاروهنوار ٺپ ڪري ڇڏيو آهي، اتي ئي اسڪولن جي بندش سبب ٻار تعليم حاصل ڪرڻ کان به محروم ٿي ويا آهن ۽ تعليمي سرگرميون جاري رکڻ لاءِ آن لائن ڪلاسن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.اتي انٽرنيٽ جي دنيا جي سڀ کان وڏي انجڻ گوگل ٻارن ۾ مطالعي جي عادت وڌائڻ ۽ پڙهڻ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.گوگل لاڪ ڊائون دوران تعليمي ڏکيائين کي محسوس ڪندي شاگردن لاءِ فائديمند ايپليڪيشن ”ريڊ الونگ“ متعارف ڪرائي آهي، جنهن جي خاص ڳالهه اها آهي ته اها انگريزي ٻولي سيکارڻ ۾ به مدد ڏئي ٿي.
اها ايپ انگريزي ۽ هندي کانپوءِ هاڻ 9 ٻولين ۾ دستياب آهي، جن ۾ اردو پڻ شامل آهي. شروعاتي طور ان ايپ کي 5 کان 12 سالن جي ٻارن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، ايپ ۾ هڪ اهڙي ڊيوائس به موجود آهي، جيڪا ٻارن جي پڙهيل سبقن کي نه رڳو ورجائي ٿي پر هجي به درست ڪري ٿي ٻڌائي.دنيا جي 180 ملڪن لاءِ ڪارآمد ان ايپ جي هڪ خاصيت اها به آهي ته اها انسٽال ڪرڻ کانپوءِ آف لائن به استعمال ڪري سگهجي ٿي.لاڪ ڊائون دوران ٻار ان ايپ ذريعي نه رڳو انگريزي سکي سگهن ٿا پر پنهنجي ريڊنگ اسڪلز ۾ به واڌ ڪري ٿا سگهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *