تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

گوانتاناموبي جيل جو قيدي نمبر760 … ايڊووڪيٽ سوميا

سورنھن سال پھرين ھڪ آمريڪي شھري کي گوانٽانامو جيل ۾ نوڪري ملي، ان کي ان جيل ۾ ھڪ خطرناڪ سمجھو ويندڙ قيدي جي نگراني جو ڪم ڏنو ويو. ان سپاھي جو نالو اسٽيفن ھو.جنھن قيدي جو ھو نگران ھو ان لا اھو مشهور هو ته هو ايترو خطرناڪ آهي جو جيل ۾ ويھي به سندس نگراني ڪندڙ سپاھي ۽ ان جي ڪٽنب کي مارائي سگھي ٿو.ان ئي خوف جي ڪري اسٽيفن کي ھدايت ڪئي وئي ته ھو پنھنجي يونيفارم جي مٿان لڳل بيڄ تي پنھنجو نالو لڪائي ڇڏي .ڇو ته ڪٿي ٻاھر ويٺل پنھنجي ساٿين جي ذريعي ان کي نقصان پھچائي سگھي ٿو.ھو قيدي ان حد تائين خطرناڪ سمجھيو ٿي ويو ،جو ان کي ٻين قيدين کا الڳ ھڪ ڪنٽينر ۾ قيد ڪيو ويو ،سوا ڪجهه گارڊز جي باقي ڪنھن کي خبر نه ھئي ته ھن ڪنٽينر ۾ ڪير آھي ۽ ان جي مٿان ڪھڙي جرم جو الزام آھي.جنھن ڪنٽينر ۾ ھو موجود ھو ان جا ٻه حصا ٺاھيا ويا ھئا ،ھڪ ۾ قيدي ۽ ٻئي ۾ ان جو نگران اسٽيفن ٻنھي حصن جي وچ ۾ ھڪ دروازو ٺاھيو ويو ھو ،جنھن مان نگران سپاھي قيدي جي طرف وڃي سگھي.ظلم جي انتھا اھا هئي ته ڪنٽينر اھڙي نموني ٺاھيو ويو جيئن ٻاھران روشني جو ڪرڻو اندر داخل نه ٿي سگهي.ان ڪنٽينر جي ٻاھران لائوڊ اسپيڪر ھن نيت سان لڳايا ويا ته قيدي جيڪڏھن ڪو ھنگامو ڪري ته اسپيڪر سان ايترو گوڙ ٿي سگھي جو قيدي جو دماغ گوڙ جي ڪري ڦاٽي پوي.
آخر اھو قيدي ھو ڪير؟جنھن ايترو خوف ڦھلايو ھو. دراصل اھو قيدي ھڪ اليڪٽريڪل انجنيئر ھو ۽ موريطانيا سان تعلق ھئس.آمريڪي ايجنسين ان خلاف تمام ثبوت گڏ ڪيا ھئا ،جنھن جي ان پاڻ به تصديق ڪئي ھئي.ھو 9/11 جي واقعي ۾ ملوث ھو.صلاحي نامي ان انجنيئر جيڪي پنھنجن ڏوھن جا اعتراف ڪيا انھن کي آمريڪي ايجنسين ھڪ دستاويز جي صورت ۾ گڏ ڪيو.جنھن مطابق ھو اساما بن لادن جو خاص ترين ماڻھو ھو.جنھن 9/11 وقت آمريڪي جھاز جيڪي ھائيجيڪ ڪري پينٽاگون سان ٽڪرايا ھئا ،انھن ھائيجيڪرن مان 3کي ھن پرتي ڪيو ھو.ٻيو ته 9/11جي ڪوآرڊينيٽر آمريڪي سي آئي اي کي اھو بيان ڏنو ته صلاحي ئي ان کي افغانستان گھرائي اساما بڻ لادن سان ملايو ھو.صلاحي القائدہ جي مني لانڊرنگ جي باري ۾ ڄاڻندو ھو.اساما ھن کي پنھنجي سيٽلائيٽ مان فون ڪندو ھو.القائدہ جي ھڪ ڪارڪن جي اڪائونٽ۾ چار ھزار ڊالر منتقل ڪيا ھئا.ان کان سوا صلاحي تي اھو به الزام ھو ته لاس اينجلس ۾ واقع ايئرپورٽ به تباھ ڪرڻ ھن جي پلاننگ ۾ شامل ھو.ھو ھڪ اھڙي دھشت گرد سان رابطي ۾ ھو ،جيڪو بارود سان پريل ڪار آمريڪا مان ڪئناڊا وڃي رھيو ھو ته پڪڙجي پيو.اھو دھشتگرد ڪئناڊا جي ھڪ مسجد ۾ ويندو ھو ،۽ ان مسجد جو امام صلاحي ھو. اھي اعتراف ۽ الزام ھن کي ڦاهي جي ڦندي ڏيارڻ لا ڪافي ھئا ته ھن پنھنجي ذھانت جو استعمال ڪيو.ھن آمريڪين کي القائدہ جا راز ٻدائڻ شروع ڪيا.آفريڪا ۽ يورپ ۾ قائم القاعده جي سيف هائوس ۽ سيل بابت راز ٻدائڻ شروع ڪيا صلاحي جي ڪنٽينر ۾ ھاٽي اڪثر آمريڪي ايجنسين جا ماڻھو ايندا ھئا ۽ اھي القائدہ سان لاڳاپيل دھشتگردن جون وڊيوز ڏيکاريندا ھئا ،انھن وڊيوز کي ڏسندي ھو دھشتگردن جي شناخت ڪري انھن جا راز ٻدائيندو ھو.ان ڳالھين جو نتيجو اھو نڪتو جو ھاڻي آمريڪي جيل انتظاميا ۽ ايجنسي ان تي اعتماد ڪندي وئي ۽ ان کي ھاڻي ڪنٽينر ۾ وھاڻو به ڏنو ويو. ان کان پوءِ ٽي وي ،مصلو ۽ ليپ ٽاپ وغيرہ . ڪنٽينر کان ٻاھر ٿوري زمين جتي ھو چھل قدمي ڪري سگھي.اھو ئي وقت جنھن اسٽيفن کي صلاحي جي ويجھو آندو .
اڪثر اسٽيفن اھو سوچيندو ھو ته صلاحي تي لڳل الزام غلط آھن ھن کي آمريڪين جيل ٻدايو ھو ته ھو گارڊز کي جيل مان ويھي قتل ڪرائي سگھي ٿو ان لا ھن کان وردي تي نيچ تي لڳل نالو لڳائي ڇڏڻ جي ھدايت ڪئي وئي پر ڪيترا دفعا ھن جي بيچ تي لڳل ٽيپ لھي وئي ۽ ھن جو نالو ظاھر ٿيندو رھيو.پر ھاڻي جڏھن اسثيفن صلاحي جي گھڻو ويجھو آيو ته ھن کي ڪنھن صورت ۾ به دھشتگرد نه ٿي لڳو ھو انتھائي پڙھيل ڳڙھيل ،سنجيدہ وچولي عمر جو نوجوان ھو..اسٽيفن کي صلاحي سان ڳالھه ٻولهه جي اجازت نه ھئي ڇو ته ڪنٽينر ۾ ڳجها آلات لڳل ھئا جن جي مدد سان لفظ ٽيپ ٿي سگھجن پيا.7مھينن جي ڊيوٽي ڪرڻ کان پو اسٽيفن کي اتان بدلي ڪيو ويو ۽ ھاڻي صلاحي اڪيلو ٿي ويو.اچانڪ 2004۾ آمريڪي سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏنو ته،گوانٽنامو جيل جا قيدي پنھنجي قيد کي ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگھن ٿا.آمريڪي وڪيلن به گوانتاناموبي جي قيدين لا مفت ڪيس وڙھڻ جي آڇ ڪئي .صلاحي کي جدھن اھا خبر پئي ته ھن به وڪيل حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي جيڪا منظور به ٿي وئي.ان سان گڏ صلاحي 460صفحن جو ھڪ دستاويز به لکيو،جيڪو ان جي وڪيل کي به موصول ٿيو.بعد ۾ اھا دستاويزي گوانتانامو ڊائري طورشايع ٿيا،دنيا جي سامھون ھڪ حقيقت به آئي ته ڪيئن آمريڪي بي گناھ ماڻھن کي قيد ڪري غير انساني سلوڪ ڪن ٿاان سان گڏ اھو به سامھون آھي ته صلاحي ڪو به جرم نه ڪيو ھو.ھو صرف ٻه دفعا افغانستان ويو ھو 1990۽ 1992 ۾ ،جتي القاعده جي ڪلاشنڪوف ھلائڻ جي ٽريننگ ورتي ھئي پر ھن ڪڏھن به القاعده جي دھشتگرد ڪاررواين ۾ شامل نه ھو.پو ھو جلد القاعده ڇڏي جرمني ويو جتي ھن اليڪٽريڪل انجنيئر جي ڊگري ورتائين .ھن جو ھڪ مائٽ ،جيڪو ان جي زال جي پيڻ جو گھروارو ھو ،اھو اسامه بن لادن جو ويجھو ساٿي بڻجي ويو .جنھن کي القاعده ۾ ابوالحافظ ڪري سڏيندا ھئا،جنھن 1996۾ آمريڪا خلاف جنگ جو فتويٰ به جاري ڪيو ويو ھو،1969۾ ان جي سر جي قيمت اڍائي ڪروڙ ڊالر رکي وئي.ان صلاحي کي اسامه جي سيٽلائيٽ مان فون ڪئي،۽ پنھنجي فيملي لا صلاحي جي اڪائونٽ ۾ 4ھزار ڊالر جي رقم موڪلي.پر جڏھن صلاحي کي اھا خبر پئي ته ھن جي پٺيان موريتانيا جي انٽيليجنس ڪارروايون ڪري پئي ته ھن ان سان سڀ رابطا ختم ڪري ڇڏيا. جرمني ۾ رھڻ دوران صلاحي دوست جي چوڻ تي 3ماڻھن کي پنھنجي گھر ھڪ رات لا ترسايو جن مان ھڪ اڳتي ھلي 9/11حملن جو ڪوآرڊينيٽر ٿيو جنھن آمريڪي ايجنسي کي صلاحي سان ملاقات جو ٻڌايو،سي آءِ اي وسرن وري صلاحي تي القاعده ۾ ماڻھو ڀرتي ڪرڻ جو الزام هو .
صلاحي القاعده جي ھڪ ڪارڪن جو ڪزن ھو ،ان جو اھو به وڏو گناھ ھو . آمريڪي ايجنسين ،صلاحي جي زال ۽ ھگروارن کي اغوا ڪرايو ۽ بعد ۾ ڪوڙو ميسيج ان کي جي ما بيمار آھي،اھو ٻڌي ھو جلد ئي موريطانيا ڏانھن روانو ٿيو ته رستي ۾ ئي ان کي گرفتار ڪيو ،الاھي پڇا ڳاڇا کان پو جڏھن ھن تي جرم ثابت نه ٿيو ته ان کي ڇڏيو ويو. ڪجهه مھينن کان پو 9/11جو حادثو ٿيو ،جنھن بعد آمريڪا ھر ان ماڻھو جي پٺيان پئجي وئي جنھن تي ايجنسين جو ٿورو به شڪ ھو.سو صلاحي کي به حراست ۾ وٺي ان کي 33ماڻھن سان گڏ گوانتاناموبي جيل موڪليو ويو ،جتي ان کي قيد تنھائي ۾ رکيو ويو .ان تي جسماني ۽ ذھني تشدد ڪيو ويو نه صرف ايترو پر جنسي تشدد جو پڻ نشانو بڻايو ويو.
ھن جي زندگي اذيت ۽ ذلت ھئي . گوانتاناموبي ۾ کل ھن کي ھڪ جعلي خط ڏيکاريو ويو ،جنھن ۾ لکيل ھو ته ھن جي ما کي آمريڪي حڪومت اغوا ڪيو آھي ۽ ان کي به ھن جيل منتقل ڪري ان سان ريپ ڪندا.ان ٽارچر کان تنگ ٿي ،ھن ان ڏوھن جا اعتراف ڪيا ،جيڪي ھن ڪيا ئي نه ھئا. 22 مارچ 2010 ۾ آمريڪي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ صلاحي تي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.جنھن خلاف حڪومت اپيل ڪئي ،حڪومت ننھن چوٽي جو زور ھنيو ته ھن کي سزا ڏيارجي پر 6سال اپيل ھلائيندي به جرم ثابت نه ٿي سگھڻ ڪري صلاحي آزادي ماڻي..پر اپيل جي ڪري ھن جا وڌيڪ 6سال جيل ۾ گذريا.۽ 2016 ۾ ان کي مرطيانيا واپس اماڻيو ويو،ان جو پاسپورٽ ضبط ڪيو ويو.ھاڻي صلاحي پنھنجي باقي زندگي اتي گذاري رھيو آھي ھن کي ھڪ پٽ جو اولاد آھي جيڪو آمريڪي شھريت جو حامل آھي جو ھن ٻي شادي آمريڪن عورت سان ڪئي.ھن جي گوانتاناموبي ڊائري جيڪا حڪومت گھڻي حد تائين سينسر ڪئي وئي ،ان سينسر سميت اھا ڊائري صلاحي جي وڪيلن شايع ڪرائي.دي نيويارڪ اخبار ۾ 2019 ۾ صلاحي تفصيلي آرٽيڪل شايو ٿيو ،ھاڻي اسڪاٽلينڊ جي ھڪ ڊائريڪٽر صلاحي تي ھڪ فلم ٺاھي رھيو آھي،جيڪا 2021تي رليز ڪئي ويندي. اسٽيفن ھاڻي مسلمان ٿي چڪو آھي ھو ھڪ سپاھي ۽ صلاحي جو نگران ھو جيڪو ھن کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو.آمريڪي ايجنسيون انتھائي شدت پسند آھن ،۽ قابل فڪر ڳالھہ اھا آھي نہ پاڪستان نياڻي عافيہ خبر ناھي ڪھڙا عتاب برداشت ڪندي ھوندي .حڪومت کي ان جي رھائي لا ڪوشش ڪرڻ کپي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *