تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

گوادر…(هڪ بلوچ دوست لاءِ)…ڊاڪٽر نواز علي شوق

محترم امداد حسينيءَ جو اهو شاهڪار نظم ٽي ماهي مهراڻ جي 2020 واري شماري ۾ شايع ٿيو آهي. اهو خوبصورت نظم ملاحظه فرمايو،
پهاڙن جنءَ سدائين ڳاٽ اوچي
سان جيئن جڳ ۾
چون ٿا چنڊ ۾ داغ پر ناهي
سندءِ پڳ ۾
رهين محفوظ شل هر ناظروءَ جي
بد نظر کان تون
ڌڻي جي در دعا آهي ته گهر گهر
خوش رهي تنهنجو
رهين شل سرخرو ۽ يار تنهنجا
شل رهن سرها
اهو نيرو اهو گهرو سمندر خوش
رهي تنهنجو
فقيراڻي صدا آهي
“گوادر خوش رهي تنهنجو
امداد جي هن نظم ۾ ڀٽائي جي ڪلام وانگر لفظ سادا ۽ عام فهم آهن، پر ان جي معنيٰ ۾ گوادر جهڙي گهرائي آهي. هي تاريخي ۽ تعليمي نظم پڙهڻ کان پوءِ مون کي علام نياز فتح پوري جي هڪ تاريخي ڪهاڻي ياد اچي وئي . جنهن جو عنوان آهي “ڪاليگولا جا ڪهر” ڪاليگولا روم جو شهنشاهه هو، هن پنج ورهيه حڪومت ڪئي. پر ان عرصي ۾ هن وڏا ڪيس ڪلور ۽ قهر ڪيا. هو ايڏا ڪهري ۽ زهري داستان ڇڏي ويو. جن جو تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي، هتي ان ڪهاڻي جو تت پيش ڪجي ٿو .هڪ ڏينهن ڪاليگولا پنهنجن اميرن سان سير سفر تي روانو ٿيو هلندي هلندي هو بحيره نيمي تائين پهچي ويا. جنهن کي روم جا رهواسي ڊيانا جو آئينو سڏيندا آهن، يعني ان کي جيو پٽر جي وڏي ڌيءُ ڊيانا (سير و شڪار جي ديوي) سان منسوب ڪندا هئا. جنهن جو هيڪل (بت خانو ) انهي ڪناري تي اڏيل هو. بادشاهه کي جاءِ وڻي وئي، پنهنجي هڪ خادم کي چيائين ته ! مان ڪجهه ڏينهن هتي رهڻ ٿو چاهيان: هن وڃي اميرن کي اها ڳالهه ٻڌائي، هنن هڪ دم ٻه وڏيون ٻيڙيون سهڻي نموني سينگاري انهن تي شاهي سامان رکرايو، ٻيڙين جا ڪجهه حصا عورتن لاءِ مخصوص ڪيا ويا. بادشاهه ۽ سندس امير ڪبير موج مزي ۾ گذارڻ لڳا.
هڪ رات بادشاهه حڪم ڪيو ته : راڳ ۽ ناچ جو انتظام ڪيو وڃي: ٻيڙين ۾ ويٺل سموريون عورتون هڪ هنڌ ڪٺيون ڪيون ويون، هر هڪ عورت پنهنجي پنهنجي زبان ۾ پنهنجي پنهنجي محسن جا گيت ڳايا،هڪ عورت ڏاڍو ڏک ۽ درد ڀريو گيت ڳايو، جيڪو بادشاهه کي وڻي ويو، بادشاهه ان نوجوان عورت کي پاڻ وٽ گهرايو، هون به ڊڄندي ڏڪندي بادشاهه وٽ آئي، بادشاهه چيس ته “ ڊڄ نه ” ٻڌاءِ تنهنجو نالو ڇا آهي؟
عورت “ منهنجو نالو سينا آهي”
بادشاهه“تون ڪهڙي ملڪ جي آهين؟”
عورت“ مصر جي”
باشاهه” تنهنجو پيءُ ڪير هو؟”
عورت“ منهنجي پيءُ جو نالو پروڪلس هو. جيڪو روسي لشڪر جو هڪ سپاهي هو. هن هڪ مصري عورت سان شادي ڪئي هئي. جڏهن منهنجا پيءُ مان مري ويا ته مون کي گرفتار ڪري هتي وٺي آيا”بادشاهه کيس چيو ته : اهو گيت وري ڳاءِ جيڪو ٿوري دير اڳئي تون ڳائي رهي هئين: هن جو درد ڀريو آواز فضا ۾ گونجڻ لڳو. ان گيت جا ٻول هن ريت هيا.
دنيا ۾ ڪيترائي سمنڊ آهن
پر تون سڀ کان سهڻو آهين
دنيا ۾ ڪيترائي درياءُ آهن
پر تون سڀ کان وڌيڪ حسين آهين
منهنجي ماءُ تنهنجي ڪناري تي ڳائيندي هئي،
منهنجا ڀائر تنهنجي ڪناري تي کيتي ڪندا هئا.
اي سڀني کان وڌيڪ سهڻا سمنڊ!
۽ سڀني درياهن کان وڌيڪ دلڪش درياهه !
ايترو ڳائي هوءَ چپ ٿي وئي. بادشاهه جي اکين مان بي اختيار ٻه ڳوڙها ڳڙي پيا کائنس پڇائين ته تون ڪهڙي سمنڊ جي ڳالهه ٿي ڪرين؟
عورت“اسڪندريه (مصر) وارو سمنڊ
بادشاهه“ درياهه ڪهڙو؟”
عورت“ نيل درياهه”
بادشاهه“ اهو گيت تو کي ڪنهن سيکاريو هو؟”
عورت“ جيجل امان”
بادشاهه“مونکي به اهو گيت ياد آهي” منهنجي راڻي جونيا به تنهنجي ماءٌ وانگر مون کي گود ۾ ويهاري اهو گيت ڳائيندي هئي، پر مون جونيا کي ماري ڇڏيو” ائين چئي بادشاهه اداس ٿي ويو. پوءِ رات جي سانت ۾ ڪڪرن وانگر ڪڙڪو ڪري چيائين ته : “آئينه ء ڊيانا ” هينئر ميرو ٿي ويو آهي. تنهن ڪري هتان ڪوچ ڪرڻ گهرجي.پر روانو ٿيڻ کان اڳ هتي ڪو يادگار ڇڏڻ ضروري آهي. سڀ ٻيڙين تان لهي خشڪي تي اچن ۽ ٻيڙين ۾ سوراخ ڪيا وڃن. ته جيئن اهي سامان سوڌيون سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃي”اهو حڪم ڏئي بادشاهه ان عورت کي چيو ته “ مان تو کي پنهنجي شاهي محل ۾ وڏي مان ۽ مرتبي تي پهچائيندس توکي پنهنجي باغ جو بهترين گُل بڻائيدس: اهو ٻڌي هوءَ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي، بادشاهه جي ان ڳالهه کيس خوشي بجاءَ ڏاڍو ڏک ڏنو، ڇو ته کيس پنهنجي وطن سان پيار هو، بادشاهي محل جي زينت بڻجڻ کان وڌيڪ کيس پنهنجو پيارو هو.هوءَ وطن ۽ وطن وارن جي وڇوڙي ۾ ڏاڍي ڏکئي زندگي گذاري رهي هئي. ۽ هر وقت ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *