تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

گهر ۾ ڀيڻ لاءِ مستقل ڪمرو هجڻ گهرجي ….ڊاڪٽر امداد علي شيخ

مون کي ھر ڳالھه ھاڻ به ياد آھي. خوشي ۾ نه پئي ماپيا جڏھن ٽن ڀائرن ۾ ھڪ سڪي لڌي ڀيڻ ڄمڻ جي خبر پين. پندرھين شعبان جي رات ڦٽاڪن جي دڪان تي ويٺل ھڪ ڀاءُ کي جڏھن خبر پئي ته توکي ڀيڻ ڄائي آھي، خوشي ۾ ڪجھه فٽاڪا پاڻ ٻاريائين ۽ باقي بچيل ڦٽاڪا ماڻھن ۾ ورھائي جلدي گھر آيو. پنھنجي گلابي سنھڙن چپن، ٽمڪندڙن اکڙين واري، پتڪڙي ڀيڻ کي ڏسي، سڀ جو سڀ ڏاڍا خوش ٿيا ھئا. ننڍپڻ وارو سفر ڏاڍو پيار محبت سان پئي گذريو.
ڀيڻ ٽنھين ڀائرن کي ڏاڍي پياري ھئي. پيءُ ماءُ به مٿس پيا قربان ٿيندا ھئا. پيءُ جو ته ڄڻ ساھ ھوندو ھيس. ڀائرن کي جيڪڏھن ڪنھن به شيءِ جي ضرورت پوندي ھين ته ھي پاڻ پيءُ کي نه چوندا هئا ڀيڻ کي چئي ڇڏيندا ھئا. پوري ٿيڻ جي پڪ ھوندي ھين ڇو جو ابو مجال آھي جو ڀيڻ جو چيو موٽائي.
گھر ۾ ھن کي پنھنجو اڪيلو ڪمرو ھيس ،ابو کي چئي ھر پسند ايندڙ شيء گھرائي سيٽ ڪندي رھندي ھئي، شل جو ڪنھن وٽ ڪمري لاء نئين شيء ڏسي، ابو ! مون کي سڀاڻي ھي شيءِ کپي، پھچي ويندي ھيس.

اڄ ننڍي سڀان وڏي نيٺ شادي جو وقت اچي پھتو، ڇوڪري وارا پري جا مائٽ ھيس، ڇوڪرو گورنمنٽ جي سترھين گريڊ جي نوڪري ساڳئي شھر ۾ ڪندو آھي. گھر وارا سکيا ستابا اٿس، اصل ڳوٺ ۾ مال ۽ زمين ٽڪرو به اٿن. شادي ڌوم ڌام سان ٿي. رخصتي وقت ٽئي ڀائر ڏکايل نظر آيا. ننڍو ته سندس موڪلائڻ وقت پاڻ کي روڪي نه سگھيو، اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي ويس. پيءُ جو ته ڄڻ جيءُ ئي جهري پيو ھجيس. جيتوڻيڪ خبر ھين ته سندن ڌيءُ ساڳئي شھر ۾ آھي، ماشاءَ الله جنھن گھر وڃي ٿي سٺو خانداني گھراڻو آهي، پاڻ گھر جي وڏي ڀاڄائي ماءُ برابر سمجھي ويندي. سندس مڙس جي فيملي ۾، ھڪ ڀاء، ھڪ ڀيڻ ۽ پيءُ ماءُ اٿس. تڏهن به هو پاڻ کي روڪي ڪين سگهيا.
شادي بعد به هوءَ ابو وارن ڏي اڪثر پنھنجي مڙس سان گڏ ايندي ھئي. جڏھن به ايندي ھئي، فون تي ڳالھائي، آچر تي صبح پھچي مانجھاندڙو ڪري شام جو ابو سان چانھه پي واپس ويندا ھئا. شروع وارن ڏينھن ۾ هوءَ جڏھن به ايندي ھئي پنھنجي ڪمري ۾ اچي، پنھنجن شين جي اٿل پٿل ڪري جيڪي ڪم ايندڙ سامان ھوندو ھيس. ماءُ کي ٻڌائي کڻي ويندي ھئي. ابو ھن کي ڏسي پيو کلندو خوش ٿيندو هو ته پٽ ! ھي سڀ تنھنجو ئي ته آھي. وقت گذرندو ويو ڪجهه سالن بعد ڀائرن جي شادي به ٿي وئي ۽ اهي به اولادي اوڪادي ٿي ويا. اڳ ۾ جيڪا ھفتي ٻئي ھفتي ايندي ھئي اھا ھاڻي مھيني ماسي اچڻ لڳي. ھاڻي جڏھن ايندي ھئي ته پنھنجي ماءُ جي ڪمري ۾ ويھندي ھئي. ھن جو ڪمرو ھاڻي ڀائٽن حوالي آھي. ڪمري جو سيٽ اپ نئون ٿيل آھي. ڀيڻ جي ڪا ھڪ شي به بچائي نه رکي اٿن. جڏھن پنھنجي ڪمري تي نظر پيس، ھيء پنھنجي خيالن ۾ گم ٿي وئي .
مان ۽ منھنجو گھر، منھنجو ڪمرو، منھنجو ابو کي چوڻ ۽ ھر ڳالھه جو پورو ٿيڻ، ڀائرن جي ھر خواھش منھنجي چوڻ سان پوري ٿي وڃڻ. اھو زندگي جو ياد ايندڙ ننڍڙو لمحو ھو جيڪو پلڪ گھڙي لاءِ ھوا ۾ خوشبو وانگر ھيڏانھن ھوڏانھن وکري پنھنجو وجود ختم ڪندي گذرندو ھليو ويو . اڄ ماءُ کان موڪلائڻ وقت ھن جي ذھن تي ايندڙ سوالن پريشان ڪري ڇڏيو ھيس .
امان! تو اڄ خوش ته آھين نه
ھا امان’ مان خوش آھيان’.
گاڏي ۾ ويھندي. ھن سوچيو ڀائرن کي اھڙو گھر ھوندو آھي. جنھن ۾ انھن کي پنھنجا ڪمرا، پنھنجي بادشاھي ھوندي اٿن.
اسان ڀينرن کي ٻه گھر ھوندا آھن. ھڪ ابو وارن جو گھر جنھن ۾ اسان جو بچپن ٿو گذري. ٻيو مڙس جو گھر، جنھن ۾ مان ۽ منھنجي فيملي رھندي آھي. اھوئي اصل ۾ منھنجو گھر آھي ھن ۾ منھنجا ڪمرا ۽ منھنجي محبت ھميشه لاءِ آھن . ننڍپڻ ۾ جن سان انب جي ڦار ۽ ڏوڏيءَ تي وڙھندي ٺھندي وقت گذاريو، شرارت ۾ پليٽ ته ڪڏھن گلاس کي ڪيرايو، گھٽيءَ ۾ کيڏندي کيڏندي دير سان گھر اچڻ تي امان کان دڙڪن ۽ مار کان جن اسان کي بچايو. اُنھن ڀينرن لاءِ ابو جي گھر ۾ ھڪ ڪمرو ھجڻ کپي. جڏھن به پنھنجي اباڻي گھر اچن ته بنا ڪنھن جي چوڻ جي پنھنجو سامان ان ڪمري ۾ رکن. جي جڳھه ۾ ايڪسٽرا ڪمرو نه آھي. ڊرائينگ روم جيڪو، مھمانن ۽ دوستن لاءِ شھر جي ھر ننڍي وڏي گھر ۾ آھي. اھو ڏيڻ کپي. جيئن انھن کي ساڳئي بچپن واري محبت محسوس ٿئي. نياڻيون نماڻيون شادي کان پوءِ ڀائرن سان ملي، پيار ڀريون ننڍپڻ جون ڳالھيون ڪري خوش ٿينديون آھن. ھنن کي توھان سان ملي، پيءُ ماءُ جي سڪ پوري ٿيندي آھي.انھن سان پيار ڪندا ڪيو پاڻ ۾ حال احوال اوريندا ڪيو.
الله سڀني ڀينرن جو گھر آباد رکي. آمين

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *