تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

گهرام فقير گاڏهي جو قبرستان…عزيز ڪنگراڻي

گهرام فقير گاڏهي جو قبرستان ضلعي دادو جي تعلقي خيرپور ناثن شاھه جي ڳوٺ حملاڻي گاڏهي جي اوڀر ۾ واقع آهي. ڪاڇي جي علائقي ۾ هيءُ قبرستان مون دوست عبدالحفيظ گاڏهي ۽ پروفيسر عبدالصبور گاڏهي جي مدد ۽ مهرباني سان ڏٺو هو. گهرام فقير گاڏهي جي نالي سان مشهور هيءُ قبرستان تمام پراڻو معلوم ٿئي ٿو. مقامي روايتن موجب گهرام فقير گاڏهي ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو معتقد ۽ سندس دور ۾ ميانوال تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو. سندس قبرستان ۾ سندس مزار ڀرسان توڙي مزار جي اولھه ۾ موجود جيڪي مقبرا آهن سي پوئين دور جا معلوم ٿين ٿا.
گهرام فقير گاڏهي جي قبرستان وٽ ميانوال تحريڪ جو دائرو يا داريو موجود آهي جنهن مان به پتو پوي ٿو ته سندس تعلق ميانوال تحريڪ سان هو. دائرا مهدوي ۽ ميانوال تحريڪ جي مقدس جاءِ سمجهي وڃي ٿي. جنهن ۾ مذهبي تعليم ۽ تربيت سان گڏ ميانوال ماڻهن کي دشمن سان لڙڻ ۽ قرباني جي سکيا به ڏني ويندي هئي. مقامي طور هڪ محاورو به مروج آهي ته” ڪڍ ڪُڪڙ داريئي مان” جيڪو پڻ دائري جي پاڪيزگي جو اهڃاڻ آهي. دادو ضلعي ۾ مونکي ٻه دائرا سجهن ٿا. هڪ نگر داريو جوهيءُ تعلقي ۾ آهي ٻيو گهرام فقير گاڏهي جي قبرستان وٽ آهي. ننگر داريو ڳوٺ وارو دائرو ميسارجي ويو آهي جنهن جا ڪي به نشان نه رهيا آهن. صرف ڳوٺ جو نالو داريئي جي نسبت سان رهجي ويو آهي. ان کانسواءِ شايد ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي قبرستان وٽ به دائرو هو.
گهرام فقير گاڏهي جي قبرستان ۾ موجود ٻين مقبرن جي ديوارن تي فريسڪو چٽسالي پڻ بهترين ٿيل آهي. اوڀر طرف وارن مقبرن جي ديوارن تي چٽسالي ميسارجي وئي آهي. اولھه طرف واري هڪ الڳ مقبري جي ديوارن تي نقش نگاري انگريزن جي دور جي ٿيل آهي. پينٽر ديوارن تي چٽسالي جو حساب ڪتاب يا خرچ مقبري جي ديوار تي سنڌي ٻوليءَ جي موجوده الفابيٽ ۾ لکيو آهي جنهن جي دور جو احاطو ٿي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جي موجوده لِپِي يا رسم الخط انگريز دور ۾ 1853ع ۾ جُڙي هئي.گهرام فقير گاڏهي جو قبرستان ڪاڇي سان گڏ سنڌ جو تاريخي ورثو آهي. هن قبرستان ۾ مقبرن جي طرز تعمير به شاندار طرز تعمير جو نمونو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *