تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

گلوبل وليج جو تصور ڏيندڙ مارشل ميڪلوحان….شهريار رحمان کوسو

ڪئي سالن کان وٺي ٻڌڻ ۾ ايندو رهي ٿو ته دنيا هڪ عالمي ڳوٺ ٿي وئي آهي يعني گلوبل وليج، دنيا جي عالمي ڳوٺ بابت ٻڌو ته سڀني آهي پر گلوبل وليج جو اصل بنياد ڇا آهي  هن بابت گهڻن ئي ماڻهن  کي اڄ تائين ڪا خاص معلومات ناهي يا انهن وٽ اڃا تائين گلوبل وليج جو تصور واضح نه ٿي سگهيو آهي. عالمي ڳوٺ جو تصور ڪينيڊا جي پروفيسر ۽ فلسفي مارشل ميڪلوحان ڏنو، مارشل کي هاڻوڪي ميڊيا جو بنياد وجهندڙ به چيو ويندو آهي، مارشل ميڊيا جي دنيا کي ايترو سمجهي ويو هو جو هن هاڻوڪي انٽرنيٽ جي انقلاب بابت 1960ع ۾ اڳٿي ڪئي جڏهن ته 1960ع ۾ ويب به ايجاد نه ٿي هئي، ويب يعني  ورلڊ وائيڊ ويب جيڪو هر ويب سائيٽ جو بنياد ٿئي ٿو جنهن کي عام 3 ڊبليو طور سڄاتو ويندو آهي، مارشل جا ميڊيا بابت ڪئي محاورا مشهور ٿيا جنهن ۾ دي ميڊيم از دي ميسيج ۽ گلوبل وليج يعني عالمي ڳوٺ. دي ميڊيم از دي ميسيج جي تعريف مارشل ائين ڪئي آهي ته ميڊيم لاطيني  ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي وچ وارو ڪردار ادا ڪرڻ،  انگريزي لفظ ميڊيا به ميڊيم کان ورتل آهي،  اهڙي طرح ميڊيا انسان ۽ خبرن يا معلومات لاءِ وچ وارو ڪردار ادا ڪندي آهي،جيئن ڪو ماڻهو ڪنهن ماڻهو ڏانهن خط لکي موڪلي ته اهو خط مارشل مطابق ميڊيم آهي، اهڙي انسانن جو هڪ ٻي سان روبرو ڳالھه ٻولهه ڪرڻ به ميڊيم آهي اهو ائين ته اسان جي زبان ۽ منهن مان نڪرندڙ آواز ۽ اسان جي ڳالھه ٻڌندڙ شخص جي ڪنن تائين جيڪو آواز پڄي ٿو ان ۾ اسان جي ڌرتي جي ڪشش ۽ ماحول جو به عمل دخل آهي مطلب ته اسان جي ۽ ٻي انسان جي وچ ۾ ڌرتي جو ماحول ميڊيم آهي، مارشل مطابق  انسان رابطي لاءِ ميڊيم جو استعمال ڪندو آهي ميڊيم کي انسان هڪ اوزار طور استعمال ڪري ٿو، اهڙي طرح معلومات تبديل ناهي ٿيندي پر ان جي شڪل تبديل يعني فارم تبديل ٿئي ٿو ۽ اهو هڪ سفر آهي جيڪو هلندو رهندو جيئن ڪتاب اڳي هٿ سان لکيا ويندا هئا بعد ۾ پرنٽ مشين ايجاد ٿيڻ سان پرنٽ ٿيڻ لڳا، مشينن  جي اچڻ سان اڄ ڪتابن کي اسڪرين تي به پڙهي سگهجي ٿو ڪتاب اڄ ڪلھه ڪمپيوٽر ۽ موبائل تي پي ڊي ايف فارم ۾ به موجود آهن
مارشل ميڊيا بابت اهو نظريو ڏنو ته مواد ئي سڀ ڪجھه آهي، اهو مواد ئي آهي جيڪو انسان کي ڪا شيءَ ٺاهڻ تي مجبور ڪري ٿو، مارشل چيو ته مواد ساڳيو رهي ٿو پر وقت سان ان جي شڪل تبديل ٿئي ٿي، مارشل  ان لاءِ اهو محاورو چيو ته  ميڊيم از دي ميسيج ، يعني بغير ميڊيم جي ڪنهن به  شي کي ٻي تائين نٿو پڄائي سگهجي، ان لاءِ ڪميونيڪيشن جي دنيا ۾ ميڊيم ئي اهميت  وارو آهي، مارشل 1980ع ۾ فوت ٿي ويو ۽ هن پنهنجي زندگي ۾ انٽرنيٽ کي نه ڏٺو پر حيرت انگيز طور تي ان ميڊيا بابت ڪتاب لکيا ۽ انهن ۾ اهڙين اهڙين شين بابت لکيو جن کي اڄ ڏينهن تائين سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڄي. مارشل گهڻا ئي ڪتاب لکيا جيڪي ميڊيا جي فلسفي تي هئا جنهن ۾ ميڊيا انڊراسٽينڊنگ، دي ميڊيم از دي ميسيج، دي گلوبل وليج، لاز آف دي ميڊيا، دي فيوچر آف دي لائبريري، وار اينڊ پيس ان دي گلوبل وليج وغيره وغيره. مارشل جي دي ميڊيم از دي ميسيج کان علاوه گلوبل وليج جي اصطلاح مشهور دي گلوبل وليج کي هو موجوده ٽيڪنالوجي سان جوڙي ٿو.
عالمي ڳوٺ مطلب دنيا ۾ مواصلات جو اهڙو طريقو هجي جو دنيا جا ملڪ هڪ ٻئي سان سيڪنڊن ۾ رابطو ڪري سگهن ٻيو سماجي طور تي ماڻهو گهر ويٺي سماجي مسئلن تي تبصرو ڪري سگهي ان کي هاڻي ڊجيٽل ڪميونٽي چيو وڄي ٿو جنهن ۾ ڪو به فرد سرڪاري يا نجي يا سماجي ڪمن لاءِ گهر ويٺي ويٺي آن لائين ڪم ڪري ٿو، ان ۾ صحافت سميت هر شعبو اچي وڄي ٿو. ڊجيٽل ڪميونٽي تي آمريڪي عورت ڪيرن موسبيرگر ڪتاب به لکيو آهي  ڊجيٽل سيٽيزن شپ، ڊجيٽل ڪميونيٽي به عالمي ڳوٺ يعني گلوبل وليج جو حصو آهي اڄ اسان ڏسون ٿا ته انسان دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ ڇو نه هجي ويڊيو ڪال سان هو هر ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ جنهن سان چاهي رابطي ۾ رهي سگهي ٿو اڄ ڪلھه وڏيون  وڏيون ڪمپنيون اسڪائپ تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪانفرنسون ۽ آن لائين ميٽنگون  ڪنديون آهن اهو پڻ عالمي ڳوٺ جو ئي تصور آهي، ان کان علاوه اڄ هر شي آن لائين دستياب آهي، ان کان علاوه آن لائين ڪاروباري ڪم به ڪن ٿا جنهن ۾ آن لائين بينگ ذريعي انسان ڪٿي به هجي ڏي وٺ ڪري سگهي ٿو ان کان علاوه ماڻهو ڪٿي به هجي پنهنجي گهر جا بل آن لائين جمع ڪرائي سگهي ٿو، اڄ سي سي ٽي وئي ڪئمرا جي ذريعي ماڻهو پنهنجي گهر يا ڪاروباري جاءِ تي 24 ڪلاڪ دنيا ۾ جٿي به هجي نظر رکي سگهي ٿو،
گلوبل وليج جو تعلق  انٽرنيٽ سان آهي ڇاڪاڻ ته انٽرنيٽ ئي اهو ميڊيم آهي جنهن سان دنيا ڳنڍيل آهي ان کان علاوه جديد ٽيڪنالاجي کي به گلوبل وليج ۾ شامل ڪري سگهي ٿو جنهن ۾ تيز رفتار ڪارون، بسون، جهاز، سامونڊي جهاز، فيڪٽرين ۾ استعمال ٿيندڙ جديد مشينون جيڪي ڪمپيوٽر سان آپريٽ ڪيون وينديون آهن، مطلب دنيا جي جديد شين کي  گلوبل وليج ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ انسان محض زميني رستن سان ئي ٻي دنيا ڏانهن ويندو هو ۽ پاڻي ان جي اڳيان وڏي رڪاوٽ هو پر اڄ اسان ڏسون ٿا انسان هاڻي خشڪي جي رستن جو محتاج ناهي هن اهڙيون مشينون ٺاهيون آهن جو پاڻي کي چيري  رستا ٺاهيا آهن، گلوبل وليج واري دنيا ۾ انسان هڪ ٻئي سان ڳنڍيا آهن هڪ ٻئي جي ثقافتن کان آگاھه ٿيا آهن  اڄ تقريبن هر تهذيب بابت ماڻهن وٽ معلومات موجود آهي.  گلوبل وليج ۾ انٽرنيٽ دنيا کي هڪ اهڙي ڳوٺ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي جتي هر شي آڱرين تي ڪري سگهجي ٿي اڄ اسڪرين تي آڱر هلائڻ سان معلومات جو پهاڙ اڀري اچي ٿو، اڄ دنيا جو تقريبن ڪاروبار انٽرنيٽ ذريعي آن لائين ٿئي ٿو اڄ جي گلوبل دنيا ۾ رهندڙ ڪروڙين انسان گلوبل وليج دنيا جو حصو آهن اڄ انسانن جي  معشيت، بيماريون ۽ انهن جو علاج، سياست، فنون لطيفا ، ڪتاب، تاريخ، ثقافت مطلب هر شي يا هر عمل جنهن سان انسان جڙيل آهي اها گلوبل وليج جو حصو ٿي وئي آهي، گلوبل وليج جو تصور ڏيندڙ  مارشل  ميڪلوحان کي اندازو نه هو ته ايندڙ دنيا مڪمل گلوبل وليج ٿي ويندي پر انسان جي هاڻوڪي جدت ڏسي اهو عين  ممڪن آهي ته مسقبل ۾ انسان ڪائنات ۾ اهڙيون زمينون ڳولي لهي جنهن کي هو پنهنجي گلوبل وليج جو حصو ٺاهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *