تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

گرل فرينڊ…. !

جيڪڏهن منهنجي گرل فرينڊ مون سان جنسي تعلقات نٿي رکي ته مون کي اهڙي محبوبه جي ضرورت ناهي، پر مون کي منهنجي گهرواري ڪنواري گهرجي !، منهنجي ماءُ منهنجي محبت آهي پر سامهون رهندڙ آنٽي … منهنجي ڀاڀي منهنجي ماءُ جهڙي آهي، منهنجي ڀيڻ منهنجي دل آهي، پر ٻين جي ڀيڻ جي پرواهه ناهي، منهنجي خوشي مون لاءِ سڀ ڪجهه آهي، آئون ڪنهن کي پنهنجي گهرواري طرف ڏسڻ جي اجازت نه ڏيندس، پر پنهنجي دوستن جي گهروارين کي ڏسندس، جيڪڏهن اوهان شادي کان اڳ لاڳاپا رکڻ چاهيو ٿا ته اوهان ڪنواري گهرواري جي اميد ڪيئن ٿا رکي سگهو؟ توهان جي ماءُ توهان جي محبت آهي ڇا پوءِ آنٽي ڪنهنجي ماءُ ناهي؟ جيڪڏهن اوهان جي ڀيڻ اوهان جي عزت آهي ته پوءِ اوهان ڪنهن ٻئي جي ڀيڻ ڪيئن ڇيڙي سگهو ٿا، سو ڇوڪرين جي عزت ڪرڻ سکو اهي به ڪنهن جي محبت آهن، اها به ڪنهن جي محبت ڪندڙ ماءُ به آهي ۽ ڪنهن جي دل جو ٽڪڙو به آهي، پنهنجي ڪردار کي اهڙي طرح بڻايو ته جيئن هڪ تاريڪ ڪمري ۾ به هڪ ڇوڪري اوهان سان گڏ پاڻ کي محفوظ محسوس ڪري، هن وقت اسان جي معاشري ۾ زيادتي جا ڪيس وڌي ويا آهن جنهن جو ڪارڻ اسان جي سوچ آهي اسان کي پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي جنهن نه صرف اسان پنهنجي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ کي محفوظ رکي سگهنداسين پر ٻين جي نياڻين کي به محفوظ بڻائي سگهنداسين. (روميصه ملڪ جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *