تازا ترين
  • *گهارو: پ پ ايم پي اي سردارخان چانڊيو جي گھر تي پوليس چڙهائي خلاف سچوا ۽ چانڊيا برادري جو مظاهرو *چانڊيا برداري پنھنجي سردار سان گڏ آھي اھڙو عمل ڪڏھن به برداشت نه ڪيو ويندو: احتجاج ڪندڙ*
  • *نصيرآباد ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف ڌرڻو *پ پ ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي ارٿر پل تي ڌرڻو ھنيو، پوليس خلاف نعريبازي *پوليس چانڊيا ڀائرن جي گهرن تي بنا جواز چڙهائي ڪري سندن ساک کي نقصان پهچائي رهي آهي: مظاهرين*
  • *پيرونمل ۽ ڀرپاسي ۾ چڪي مالڪن اٽي جا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، پورهيت طبقو سخت پريشان *چڪي مالڪن سنڌ حڪومت پاران اٽي جو 41 روپيا 83 پئسا اگهه وارو حڪم به هوا ۾ اڏائي ڇڏيو *اٽو مهانگي اگهه تي ملڻ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏيئي رهيا آهيون: شهري*
  • *وڳڻ ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاجي مظاهرو *پوليس جي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي جي مذمت ڪريون ٿا: مظاهرين *
  • *قاضي احمد ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو *فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪري سموري دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي: مظاهرين*
  • *سکر: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي *سکر: عدالت ۾ سرڪاري گواهه سب انسپيڪٽر غلام حيدر بروهي جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو *سکر: عدالت گواهه جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *سکر: ٻڌڻي دوران مولانا عطا محمود سومرو، طارق سومرو، وڪيل اطهر عباس ۽ ٻيا پيش ٿيا*
  • *شيخ ڀرڪيو ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، فرانس خلاف نعريبازي *فرانس ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ سبب مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي: مظاهرين*
  • *شهدادڪوٽ ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي پاران اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ خلاف ڌرڻو *شهرين پاران ڪوٽو موٽو چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ، انتظاميه خلاف نعريبازي *دڪاندار اٽو 70 کان 80 روپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن، انتظاميه ننڊ سُتل آهي: مظاهرين*
  • *قمبر ۾ سچوا پاران سردار خان چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاج *سردار خان چانڊيو ۽ برھان چانڊيو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي سندن ساک کي نقصان پهايو ويو آهي: اڳواڻ*
  • *اسلام ڪوٽ ۾ پورهيتن پاران ٿرڪول ڪمپنين جي مبينازيادتين خلاف ڌرڻو *سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ به به ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا، ڇتي نعريبازي*
  • *دادو مان ناري پراسرار نموني گم، وارث سخت پريشاني جو شڪار *دادو: عزيز آباد ڪالوني واسڻ14 ورهين جي حليمان ڌيءَ الهرکيو لاشاري پراسرار نموني گم ٿي وئي*
  • *خانپور مهر ويجهو پوليس جي ڪارروائي، هڪ ڄڻو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *ڳوٺ حمل مهر واسي جان محمد پٽ سڄڻ مهر کي پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *لاهور: راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي *اياز صادق جي تقرير دوران ڇا اسپيڪر ستل هو؟:راڻا ثناءُ الله *اسپيڪر اياز صادق جا لفظ ڪارروائي مان حذف ڇو نه ڪيا:راڻا ثناءُ الله*
  • *ميهڙ: ڳوٺ گاهي مهيسر ۾ مينهن ڪاهڻ تان جهيڙو، عورت سميت4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي واحد بخش زرداري، محمد صالح تيوڻو، مسمات شمل خاتون تيوڻو ۽ اصغر مهيسر اسپتال منتقل *زخمين کي ميهڙ اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو*
  • *وارهه ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف شٽربند هڙتال *وارهه: پ پ جي سڏ تي ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، دڪانن جا شٽر نه کُليا*

گاج ۾ مڏ ذريعي ٿيندڙ پوکي راهي …عبدالغفور ڏاهري

نئين گاج جي تاريخي طور تي پنهنجي الڳ حيثيت ۽ اهميت آهي۽ جڏهن گاج جو برساتي پاڻي ٿخ لڪ کان هيٺ ڪرندو آهي اهو آواز به ٻڌڻ ۾ خوفناڪ ايندو آهي، جڏهن طوفاني وهڪرن جي صورت اختيار ڪندو آهي ته پوءِ اهو طوفاني وهڪرن سان وهي ته تباهيون ڪندي وهي ۽ جڏهن عام وهڪرن ۾ وهي ته گل گلزار ڪندو وڃي ۽ ڪاڇي جي پٺ تي پيل آبادگار جي لاءِ ڀرجهلو ٿي پوي پر جڏهن پنهنجي جوڀن ۾ هجي ته پوءِ نه هيٺاهين ڏسي ۽ نه وري مٿاهين ڏسي جتان گذري ڪندي وڃي اتان حاسا ۽ لڱ ڏاريندي ويندي. هاڻي اچون ٿا مڏ جي طرف، نئين گاج پنهنجي پيٽ جي اندر ور وڪڙن جي صورت ۾ وهندي ايندي آهي ۽ کوڙ ساريون اهڙيون ڪنڊون آهن ڪڏهن اتي لٽ ( يعني سلٽ) اڇلائي ويندي آهي ۽ وري ڪڏهن انهي لٽ کي پٽي پٿر ظاهر ڪري ڇڏيندي آهي نئين گاج جي پيٽ ۾ مختلف قسمن جون ڪنڊون آهن ۽ انهن جا نالا به الڳ الڳ آهن ڏوئي ڪنڊ، عيسو ڪنڊ، جهٽاني ڪنڊ، پليو ڪنڊ، يارو توڪ ڪنڊ، روحل ڪنڊ، نگزاني ڪنڊ، مدعو ڪنڊ ۽ ڇٽو ڪنڊ انهن سڀني ڪنڊن جي ايراضي 250 ايڪڙ اسان چئي سگهون ٿا. ڪڏهن ڪڏهن نئين اچڻ جي ڪري انهن ڪنڊن جي ايراضي ۾ واڌارو ٿي ويندو آهي ۽ وري ڪڏهن گهٽتائي به ٿي ويندي آهي. جڏهن نئين گاج پنهنجي ڪنڊن ۾ لٽ ڇڏي ويندي آهي اها ڪنڊ زمين جو الاهي سارو ٽڪرو بڻجي ويندي آهي ۽ لٽ جي ڪري اها زمين پاڻي جي وهڪري کان ڪجهه مٿي ٿي ويندي آهي ۽ هاڻي پاڻي جو وهڪرو زمين جي ليول کان هيٺ هوندو آهي ۽ انهي زمين جي ٽڪري کي آباد ڪرڻ جي لاءِ مڏ جو بنياد وڌو ويو. مڏ جي ٺهڻ جو طريقو به ڪمال جو آهي جڏهن اتان جو آبادگار نماڻا نيڻ کڻي زمين ڏسندو آهي ۽ وري پاڻي جي وهڪري کي ڏسندو آهي ته پوءِ منصوبو جوڙيندو آهي ته ڪٿان مڏ ٺاهجي جو سندس زمين جو ٽڪرو آباد ٿئي پوءِ اهو آبادگار اپ اسٽريم وڃي انهي جاءِ تي بيهي ڏسندو ته هڪڙي هائيٽ تان ڊائون اسٽريم پاڻي سندس لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو. توڙي جو هي وقت مشيني دور آهي پر گاج جو آبادگار پنهنجي اک جي نظر جي ذريعي اهو سڀ ڪجهه معلوم ڪري وٺي ٿو ،پوءِ اهو آبادگار ۽ ٻيا ڪجهه ونگاري دوست گڏ ڪري کڏا کوٽي انهن ۽ اوچائي ۽ ليول جي حساب ڪتاب سان ڪاٺ جون ٿوڻيون بيهارين ٿا پوءِ انهن ٿوڻين تي ڪاٺ جون ٻانھيون رکيون وينديون آهن ۽ انهن ٻانهين کي واڻ جي نوڙي سان مضبوط ٻڌي ڇڏبو آهي پوءِ انهن ٻانهين جي مٿان ڪاٺ جا ڏڪ جنهن کي سيرون به چئي سگهون ٿا اهي سيرون اڌ فٽ يا فٽ جي وٿي سٿيا ويندا آهن پوءِ انهن تي پيش جا تڏا وڇايا ويندا آهن پر انهن پيش جي تڏن جو پيث ڪجهه هيٺ ۽ پاسا ڪجهه مٿي هوندا جيئن ڪنهن جاءِ يا جڳھه ۾ نيسارو هنيو ويندو آهي انهن تڏن جو نمونو به اهڙو ٺاهيو ويندو آهي پوءِ انهن تڏن جي مٿان مٽي جو ٺهيل گارو گپ هڻي ڇڏيندا جيئن پاڻي ضايع نه ٿئي. مزي جهڙي ڳالھه اها آهي ته اهي مڏ ڊگهائي ۾ ميلن جا ميل هوندا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي انهن مڏن کي جبلن جي پاسن سان ملائي ٺاهيو ويندو آهي، مڏن جي بناوت ڏسڻ وٽان آهي ۽ اتان جا آبادگار پنهنجي زندگي کي سولو ۽ پر سڪون بڻائڻ خاطر ڪيڏا جتن ڪن ٿا پر ڏک واري ڳالھه اها آهي ته سرڪار سڳوري انهن آبادگارن کي اهي سهولتون نه ڏئي سگهي آهي جن جا هو مستحق آهن. ضروري ۽ اهم ڳالھه اها آهي ته گاج جو پاڻي 12 ئي مهينا پيو وهندو آهي ۽ هتان جا رهواسي انهي پاڻي کي ڪارو پاڻي جي نالي سان سڏيندا آهن ۽ پاڻي ايڏو صاف هوندو آهي جو انهي پاڻي جي اندر مڇين جي چر پر صفا صاف نظر ايندي آهي ۽ ٻي اهم ڳالھه توڙي جو هن ڳالھه تي ڪير به اعتبارشايد ڪري پر اها هڪ حقيقت آهي ته توهان جيترو گاج جو پاڻي پيئندا اوتري اوهان کي گهڻي بک لڳندي انهن مڏن جي پاڻي تي مرچ، ٽماٽر ،بصر ،ڪڻڪ، سايون ڀاڄين جا لاجواب ۽ بهترين فصل ٿين ٿا پوءِ اهي آبادگار مرچ ۽ ٽماٽر کي ڪٽن ( پاچڪن) جي صورت ۾ کڻي جوهي ڀان ۽ دادو جي منڊي تائين پهچائي چڱو خاصو ناڻو ڪمائين ٿا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *