تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڪھاڻي … غربت … ذاڪر شر

اخبار جي مين سرخي پڙھي بس ڪيم ته ڀرسان ويٽل هڪ 80 سال جي پوڙهي سوال ڪيو ، ابا اخبار ۾ڪا نوڪري جي خبر ڇاپي اٿئو ڇا؟ سوال تي حيران ٿي ويم! پڇيم چاچا هن عمر ۾ نوڪري جو پيا پڇو؟ منهنجي سوال تي اکين ۾ سمنڊ ڀرجي ويس ڳوڙھان ڳاڙيندي، چيائين ابا!! هڪڙو پٽ اٿم سارنگ نالو اٿس وڏيرن جو غلاميون ڪري، پيرن جا پير مهٽي گهر جو الهه تلهه کپائي ڊگري ڪرائي اٿمانس پر نوڪري ڪونه ٿي مليس وڏيرن پيرن منسٽرن، جي بنگلن جا پندرهن سالن کان ڌڪا پيو کائي پر اباهاڻي ته صفا نا اميد ٿي پيو آھي، بيمار ماءُ جو به احساس نٿو ٿئيس ڪيترا ڀيرا خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي اٿائين پر مالڪ بچائي ورتو اٿس، ابا الله کانسواءِ اسان مسڪينن جو هن دنيا م ڪير به ڪونهي ،
جھور پوڙھي جا ھٿ ڏڪي رھيا ھيا سندس جي اکين مان لڙڪ زارو قطار وهي رهيا هئا سندس جي درد تي منهنجو اکيون به آليون ٿي ويون ھيون اڃا اکين مان وھندڙ ڳوڙھا اگھي رھيو ھو ته ايتري ۾ ڳوٺ جو هڪ نوجوان ڊوڙندو آيو روئيندي چيائين چاچا چاچا!!! سارنگ خودڪشي ڪري ڇڏي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *