تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مغوي زال ۽ نياڻي کي بازياب ڪرائڻ بدران پوليس اهلڪار طعنا ڏيندا آهن: جيڪب آباد ۾ پيرسن پوليس اهلڪار جو احتجاج * جيڪب آباد: حاجي سليم منهنجي زال ۽ ڌيءُ کي اغوا ڪيو آهي، پوليس بازياب نه ٿي ڪرائي: اڪرم لاشاري * جيڪب آباد: اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار قالو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو: پوليس *
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*

ڪڙو سچ …………سچي ڪهاڻي

هر غريب ڇوڪري جي ننڍپڻ ۾ اها خواهش هوندي آهي ته هو اسڪول وڃي ۽ ڪجهه سکي. پر اسان مان گهڻيون ايتريون خوش قسمت نه هونديون آهن. منهنجي ڀاءُ جي پيدا ٿيڻ وارو ڏينهن منهنجي لاءِ اها بدقسمتي لکرائي آيو جو ان کانپوءِ مون کي اسڪول وڃڻ جي اجازت نه ملي. گهريلو زميواريون وڌي وڃڻ جي ڪري بابا چيو ته هاڻي گهر ۾ ويهه ۽ گهر جو ڪم ڪار سک.
ان رات جڏهن سڄو گهر ڀاءُ جي ڄمڻ جي خوشي ملهائي رهيو هو، آئون پنهنجي چاچي جي گهران ماني کڻڻ لاءِ ويس. مون کي خبر نه هئي ته اتي ڪو ڇوڪرو ويٺو هو. خالي گهر ۾ هن منهنجي مجبوري جو فائدو ورتو. هن سمجهه ۾ نه ايندڙ حرڪتون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ ان کان اڳ جو آئون ڪجهه سمجهي سگهان هن ڪپڙو منهنجي وات ۾ وجهي منهنجو وات بند ڪري ڇڏيو. هن مون سان زيادتي ڪئي.
گهر ايندي منهنجي حالت خراب هئي. آئون هلي به ڪونه پئي سگهيس ۽ مٿي ۾ ڌماڪا پئي ٿيا.
اهڙا ڪيترائي واقعا ڳوٺ ۾ ٿي چڪا هئا. ڇوڪرين سان زيادتي ڪري، انهن جو قتل ڪري پوري ڇڏيندا هئا ۽ ڪنهن کي لاش به هٿ ڪونه ايندو هو. عورت سان جيڪڏهن ڪا زيادتي ٿي وڃي ته ان ۾ به عورت کي قصوروار سمجهو ويندو هو. سڀني ميڙون منٿون ڪيون ته هن کان غلطي ٿي وئي هن کي معاف ڪيو وڃي. هن کي ڪا به سزا نه ملي جيتوڻيڪ هو منهنجي زندگي برباد ڪري چڪو هو. ماڻهن شايد اهو وساري چڏيو ته هن ڇا ڪيو پر آئون اڄ تائين نه وساري سگهي آهيان.
هن جي شادي ٿي وئي ۽ هو خوش باش زندگي گذاري رهيو آهي. آئون پنهنجي قسمت کي ڏوهه ڏيندي ٿي رهان.
آئون فقط 10 سالن جي هئيس، جڏهن مون گهر کان ٻاهر ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. آئون ڏاڍي ڊنل هئيس. پر پوءِ جلد ئي مون پاڻ کي خوش نصيب سمجهڻ شروع ڪيو. انهن گهرن ۾ آئون ٻارن جي سار سنڀال ڪندي هئيس، انهن کي تيار ڪري کارائيندي هئيس ۽ انهن سان کيڏندي ڪُڏندي هئيس. مون کي انهن ٻارن سان ڏاڍو مزو ايندو هو ۽ آئون پاڻ به انهن سان گڏ ٻار ٿي ويندي هئيس. جلدي ئي مون ڪم ڪار سکي ورتو ۽ پاڻ کي پنهنجي گهر ۽ ڳوٺ کان وڌيڪ اتي محفوظ ۽ خوش پئي محسوس ڪيو. اسان جو ڳوٺ نشائي، بي حيا ۽ بي غيرت مردن سان ڀريو پيو هو. جيئن منهنجو پيءِ هو.ان عرصي ۾ اسان ڪراچي ۾ هڪ ڪمري واري گهر ۾ رهندا هئاسين جنهن جي ڇت به ڪونه هئي. آئون جڏهن به موڪل تي گهر ويندي هئيس ته بابا ۽ امان جي وچ ۾ پئي تڪرا هلندي هئي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن ته سڀ حدون اورانگهي ويندي هئي. جيسيتائين آئون ننڍي هئيس، منهنجو پيءُ امان کي ننڍي ننڍي ڳالهه تي ماريندو هو. امان تمام گهڻي تعبيدار هئي، هن ڪڏهن به بابا کي انڪار نه ڪيو. هو صبح جو سوير گهران ڪم سانگي نڪرندي هئي ۽ اڌ رات جو موٽندي هئي. جيتوڻيڪ سخت ٿڪل هوندي هئي پر هو بابا کي خوش ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪندي هئي. اهو پچائيندي هئي جيڪو بابا کي پسند هوندو هو. اسان جي ڳوٺ ۾ سڀ مرد پنهنجن زالن کي ماريندا آهن ۽ عورتون مار کائينديون رهنديون آهن. شايد اهو خوف هو يا پوءِ حد کان وڌيڪ مايوسي، اها ڳالهه آئون ڪڏهن به سمجهي نه سگهيس.
اها ڳالهه پڙهندي شايد اوهان کي بيحد تڪليف ٿئي پر اهو سچ هو ته آئون جيئن وڏي پئي ٿيس ته هاڻي مون کي جسماني زيادتي جو خوف بلڪل ختم ٿي چڪو هو. بابا بلڪل تبديل ٿي ويو هو. هن سگريٽ ۽ شراب پيئڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. ٿي سگهي ٿو ته منهنجي ڪمائي مان ٻيو نشو به وٺندو هجي. هو ڪمري ۾ منهنجي پاسي ۾ سمهندو هو. آڌي رات جو مون کي غير مناسب طريقي سان ڇُهڻ شروع ڪيائين ۽ منهنجا ڪپرا لاهي ڇڏيائين. آئون جيئن ته ڊنل هئيس، مون ائين محسوس ڪرايو ته آئون نند ۾ آهيان ۽ پاسو ورائي سمهي پيس. پهريون ڀيرو بابا پاران زيادتي ڪرڻ کانپوءِ آئون پنهنجي گهر ۾ هر رات خوف ۾گذاريندي هئيس. آئون رڳو اهو خواب ڏسندي هئيس ته بابا مون سان زيادتي پيو ڪري. آئون بيحد ڊڄي وئي هئيس. مون ٻڌو هو ته جيڪڏهن اوهان پنهنجو خواب ڪنهن کي ٻڌائيندا نه ته پوءِ اهو وري نه ايندو. انڪري مون ڪڏهن ڪنهن کي به ڪونه ٻڌايو ته مون سان ڇا ٿي رهيو آهي.
جيڪڏهن انهن ڳالهين کان ڪير واقف هو ته اها رڳو منهنجي مالڪياڻي هئي. هو سڀ ڪجهه سمجهي وئي هئي ته منهنجي گهر ۾ مون سان ڇا ٿي رهيو آهي ۽ مون کي احساس هو ته آئون مٿس ڀروسو ڪري سگهان ٿي.
ڪجهه عرصي کانپوءِ مون کي لڳو ته آئون ماءُ بڻجڻ واري آهيان. هن مون کي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ۽ چيو ته پريشان نه ٿي آئون سڀ سنڀالي وٺنديس. پر خدا جو شڪر جو ائين ڪونه هو. اسان جي سماج ۾ عورت جي عزت صفا نازڪ آهي. مون کيس درخواست ڪئي ته“ مهرباني ڪري مون کي گهر موڪل تي نه ڇڏيو، آئون پاڻ کي هتي وڌيڪ محفوظ محسوس ڪريان ٿي. هن بغير ڪنهن وضاحت جي منهنجي ڳالهه مڃيندي مون کي پنهنجي گهر ۾ هڪ ڌيءُ وانگر جڳهه ڏني، جيڪا مون کي پنهنجي گهر ۾ به نه ملي سگهي.
آئون هاڻي هتي خوش آهيان. امان ايندي آهي ملي ويندي آهي ۽ خرچو به کڻي ويندي آهي. ان کان وڌيڪ نه انهن کي منهنجي ضرورت آهي ۽ نه ئي وري مون کي هاڻي گهرج آهي. عائشا – سکر

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *