تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ڪڏهن زندگي آب زم زم ته ڪڏهن وري زهر آ…. منيش ڪمار

زندگي ۾ ملندڙ ڏکن ۽ سکن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته اسانجي زندگي ان پينڊوليم جو مثال آھي جيڪو ڳوڙهن ۽ ٽهڪن جي وچ ۾ جهولندو رهي ٿو اهو سچ آهي ته اسان کي ڪيترائي ڀيرا ننڍين ننڍين ڳالهين تي خوشي به ملي ٿي ته ڏک به ملي ٿو . زندگي اهڙن سکن ۽ ڏکن جو مجموعو آهي خوشي ۽ درد هر ماڻھو لاءِ الڳ الڳ ھجي ٿو جنهن ۾ خوشي ۽ ڏک جي معنيٰ ھر ماڻھو وٽ پنهنجي پنهنجي هجي ٿي.ڪڙي اس ۾ بٺي تي ڪم ڪندڙ مزدور کي صرف ٻه گھڙيون سڪون سان ويھڻ ۾ به چند گھڙين لاءِ سھي پر خوشي محسوس ٿئي ٿي! جيئن سڪي جا ٻه پاسا ٿين ٿا. بلڪل ساڳي ريت زندگي ۾ به انھي سڪي جي ٻن پاسن وانگر ٻه ڪيفيتون انسان سان سلھاڙيل رھن ٿيون ڪڏھن ڪھڙو پاسو ڪڏھن ڪھڙو پاسو آھي.ڏک ۽ سک جيڪي زندگي ۾ ڪجهھ سرس ئي ملن ٿا انھي حوالي سان والٽيئر چيو ته زندگي ۾ جيستائين غم نٿا اچن ان ۾ لوچ ۽ لچڪ پيدا نٿي ٿئي اھا ڳالھه سو سيڪڙو درست آھي ڏک اسان ۾ لوچ ۽ لچڪ پيدا ڪري اسان کي مضبوط انسان بڻائڻ ۾ به پنهنجو اھم ڪردار ادا ڪن ٿا .جيڪڏهن خوابن ۽ حسرتن کي زندگي مان ڪڍي ڇڏجي ته هوند زندگي گذارڻ مشڪل ٿي پوي. زندگي جون نعمتون ته لکين آھن پر اهي ڪن لاءِ هر وک تي موجود آهن ته ڪن لاءِ پوري زندگي حسرتون ئي بڻيل آهن حسرتن جو پيدا ٿيڻ ۽ ٽٽڻ ھڪ فطري عمل آھي پر هڪڙي ڳالهھ ضرور هينئن سان هنڊائڻي آھي ته زندگي ۾ هر خواھش پوري نه ٿيڻ تي سوڳوار ناھي ٿيڻو آھي پر ان مان سبق حاصل ڪري آئنده لاءِ نئين جذبي سان ڪوششون جاري رکڻيون آھن..ڪنهن مشھور فلاسافر جو چوڻ آھي ته سوچيو اھڙي ريت ته هميشه اوهان کي ان دنيا ۾ رھڻو آھي پر زندگي گذارڻ جي طرز اهڙي طرع اپنايو ته جيئن اوهان کي اڄ ئي ان جهان مان موڪلائڻو آھي .!!!
خليل جبران جو ڪجهھ ائين چوڻ آھي ته زندگي ھڪ خوبصورت پوپٽ وانگر آھي, جيڪو پنهنجا سهڻا رنگ برنگي پر ڏيکاري هر ڪنهن کي هرکائيندو آھي ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي گلن جي ٻاري ۾ گم ٿيو وڃي. يقينن زندگي ائين ئي آھي اسان جي جيون ۾ اهي ماڻهو تمام اھم هوندا آهن.اھڙي چاهت جيڪا آخرڪار وڃي عشق جي مننزلن تائين رسندي آھي .زندگي يا ته زهر کان به ڪڙي آهي يا وري ماکي کان به مٺي ۔جيون جي رڻ ۾ ھر ڪوئي تنها آھي. اسين جيڪو ڪجھه اسان جي سوچن مان ناهي هوندو اهو ملي ويندو آھي۔زندگي ڪنهن لاءِ لڙڪن جون لارون آهي جيڪو کٽڻ جو نالو ئي نٿا وٺن پر ڪنهن لاءِ ٽهڪ آهن جو روڪجڻ جا ناهن۔ زندگي ڪنهن ٻار جي معصومعيت سبب باھه ۾ ھٿ وجھڻ جو نالو آھي. زندگي رسڪ آھي.تجسس آھي، تجربو آھي، عمل آھي، احساس آھي، حسن آھي، مزو آھي، جذبو آھي، جنون آھي، زندگي نه ماضي آھي نه مستقبل!!!زندگي حال آهي. زندگي اڄ آهي هلندڙ لمحو ، هينئرگذرندڙ پل آھي ۔نه گذري ويل لمحو اسان جو رهيو ۽ نه ايندڙ وقت اسانجو يقيني آھي ۔هي گهڙي ، هي سائت ئي زندگي آھي جيڪا پاڻ جيئون پيا ۽ جيئڻ کپي ، ڀرپور جيئڻ گهرجي ۔بي دڙڪ ۽ بي پاڪ۔

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *