تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

ڪپـــڙي جــي ڳــوٿــري…ممتاز ڪنڀر

سرڪاري اسپتال ۾ ماڻهن جي رش لڳل آهي. اسپتال جي لاپرواهي عملي جي رحم وڪرم تي هن پنهنجي والد کي هڪ هفتو کن داخل ڪرايو آهي ۽ اها سندس مجبوري هئي جو پرائيوٽ اسپتالن جا خرچ هو ڀري نه ٿي سگهيو پر روزانو پرجي اسپتال جي پاسي واري اسٽور جي کيس ملندي هئي جتان هو انجيڪشن وٺي ايندو هو جيڪا سندس پوڙهي پيءُ جي ٻانهن ۾ لڳل ڪينولا ۾ ڪمپائونڊر هڻندو هو ۽ سڄي رات هن کي گهري ننڍ اچي ويندي هوئي.
راڻـي ڪپڙي واري اچي ٿيلهي کي هٿ ۾ کنيو. جيڪا سندس پيءُ جي وهاڻي جي ڀرسان پيل هو خالي ڪجهه دوائون ۽ گوريون پيل هيون اهو ٿيلهو ماحول دوست ضرور هو پر پيٽ ۽ غربت جو دوست ڪڏهن به نه بڻيو هو.جنهن جو رنگ هاڻي ميل۾ ڪارو ٿيو هو، جنهن ۾ سندس پيءُ اڪثر سيڌو وغيره وٺي ايندو هو. هوسوچن ۾ گم هو ته اڄ انجيڪشن لاءِ پئسا ناهن، زميندار ڪالهه ئي کيس پئسن کان جواب ڏيئي ڇڏيو هو. اوچتو هو ڇرڪي پيو سامهون سندس سس ۽ هن جي سالن جا گهر وارا ٻار اچي ان وارڊ ۾ داخل ٿيا هئا.وري ايترا سارا انهن لاءِ چانهه ماني ڪٿان ڪيئن ٿيندا اڳ به هوٽل وارو 700 رپيا گهري پيو عزيزن قريبن جو اچڻ جو سلسلو به هلندڙ هو ۽ کين چانهن ماني کارائڻي ۽ پيارڻي ٿي پئي.
انهن وڏا سلام ڪيا، اڙي چاچا جي حالت ته ڏاڍي خراب آهي. هن نڀاڳي اسپتال ۾ ڪٿي ٿو صحيح علاج ٿئي. هتي رڳو گلوڪوز واريون ٿيلهيون ٿا هڻن هتي رڳو مريضن جو ساهه نڪرڻ جو انتظار ٿو ڪرڻو پوي هن کي عزيزن جا لفظ ۽ جملا ڀنواٽي ڏياري رهيا هئا پر هُو ڪجهه به نه ڪڇيو پنهنجي پيءُ ڏانهن ڏسندو رهيو جيڪو سڀ سمجهي رهيو هو. ادا ڀائو اڄ بل ڏي هوٽل مالڪ گهري رهيو آهي ابا اسان کي چانهه پيار صحيح سوير رڪشي ۾ نڪتاسين سندس سُهري چيس هنن لاءِ چانهه کني آ هنن سڀني لاءِ بيري چيس ها ها وارڊ ۾ وڏي رش ۽ گوڙ ڀيرو هن جي سمورن مائٽن کي ڳڻيندي چوي ٿو پُورا ڏهه چانهن ايتري ۾ صفائي وارا اچي وڃن ٿا ۽ صفائي ڪرڻ ٿا لڳن ڊاڪٽر ڪمپائونڊر، نرسون ۽ عملو ڊوڙ ۾ پئجي ٿو وڃي.
سائين ٿو اچي وزير صاحب هاڻي هتان رش لاهيو ۽ گوڙ ڇڏيو مريض وٽ صرف هڪڙو ماڻهو ٻيا سڀ هليا وڃو هتان ڊاڪٽر سان گڏ ڪمپائونڊر، نرسون ۽ اسٽاف چوڻ ٿا لڳن سائين ايتري رش برداشت ڪونه ڪندو هي سڀ گندگي ٿا ڪن هت انهن کي روانا ڪريو وڃو ٻه ٽي ڪلاڪ شهر مان ڪم ڪار لاهي اچو گهمي اچو ڊاڪٽر چوي ٿو راڻو سمورو لڪاءَ ڏسندو ٿو روهي سندس سهرو ۽ بيا سموارا اسپتال مان نڪرندي ساڻس موڪلائين ٿا ابا راڻا ٺيڪ آهي هاڻي سڀاڻي اينداسين انهي بيري کي چئو ته اسان چانهه هُن هوٽل تي ٿا وڃي پيئون.
ها ها چاچا آئون چوان ٿو هن کي باهه وري هوٽل تي چئي ٿو اچي ٿوري دير بعد اسپتال ۾ صفائي ۽ پوجي بعد بدبو ۽ ختم ٿي هلڪي به پٽول جي خوشبوءِ اچي وئي ۽ مريض کي ڄڻ ته آڪسيجن ملي چڪي هئي وزير صاحب جيئن ئي وارڊ ۾ داخل ٿيو سمورو عملو هن سان گڏ هو بابا سڀ ٺيڪ آهي ها ها سائين دوا، گوري سڀ ملي پيو هي اسان کي هڪ رپيو به خرچ ڪرڻ ڪونه ٿا ڏين هڪ ڪامريڊ راڻي جو والد پري بيٺل وزير کي ڏسي رهيو هو گذريل اليڪشن ۾ سندس ڳوٺ ۾ آيو هو ۽ کين ڀاڪر پائي ملي ۽ چئي رهيو هو چاچا فڪر نه ڪريو اوهان جي خدمت ڪبي اهو ڏينهن هن جي زندگي جو آخري ڏينهن هو شام ٿي چُڪي هئي رات جو انجيڪشن بعد راڻي جي پيءُ جو موت ٿي چڪوهو صبح جو سوير هُن پيءُ کي سڏ ڪيو بابا چانهه پيئڻ لاءِ ٻه ٽي سڏ ڪيا هئس اها چانهه جيڪا ڏسندي بيري هن کي چيو هو هڪ هزار 3 سئون رپيا بل اڄ ڏي ڪالهه تنهنجا مائٽ چانهه به پي ويا ۽ ماني به کائي ويا آهن راڻي کان رڙ نڪري ويئي هئي پنهنجي پيءُ جي موت تي هو سڏڪي رهيو هو هو محسوس ڪري رهيوهو ته هاڻي سُور ۽ ڀوڳڻا وڌي ويندي پيءُ جو ڪفن دفن، مائٽن جو اچڻ وڃڻ کائڻ پيئڻ ۽ زماني کي منهن ڏيڻ لاءِ هو اڪيلو رهجي ويو آهي هن ڪپڙي واري خالي ٿيلهي کي ڏٺو جنهن گهر وارن لاءِ سيڌو به وٺي ويٺو هو هن تڪڙ ۾ ان ٿيلهي ۾ پيل دوائون ڊسٽ بن ۾ اڇلايون ۽ پنهنجي پيءُ جي لاش کي اسٽريچر تي کڻائي سرڪاري اسپتال جي مين گيٽ کان سرڪاري ايمبولينس ۾ کڻائي ڳوٺ ڏانهن نڪري چُڪو هو جنهن جو رستو پڪو ۽ ڪچا گهر هئا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *