تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪُتن جو درد … عبدالسلام ٿھيم

پاڙي ۾ نون ايندڙ ٻن ڪتن کي ڏسي مقامي ڪتن ۾ ٿرٿلو مچي ويو، سندن گڏيل ڀونڪاٽن تي نون ايندڙ ڪتن جا پير خوف ۾ ڍرا ٿي ويا، ھڪ ڪتي حراسجي چيو”يار ڪٿي ھو بک ۾ اسان کي چيري نه ڇڏين..“ٻي ڪتي حوصلو ڏيندي وراڻيس ”ڳالھ ٻڌ! بک ۾ اسان اڄ مرون يا سڀاڻي ، ٻن پاڙن مان به تنھنجي خوف جي ڪري واپس پيرن موٽي آيس…“ ”ھا اھو ٺيڪ آھي ، پر ھي صفا ڏنگا ٿا ڏسجن ، منھنجي مڃ واپس موٽ، وري ھلي ڪو ٻيو ڌڳ ٿا ڳوليون“ ”يار مون ۾ وڌيڪ حوصلو نه رھيو آ ، مرون يا بچون…ھاڻي ھتي ئي رھبو…اچ منٿ ڪري ڏسون ٿا….“
ھي اڳيان وڌيا، پاڙي جي مڙني ڪتن جي ڀونڪاٽ ۾ شدت اچي وئي ، ھي انھن جي پرواھ نه ڪندي اڳيان وڌيا، ھنن اچي ھِنن جو گھيرو تنگ ڪيو،پر ھي ھنن جي ويجھو اچي ويا، سريال ڪتي چيو ”ھن جوءُ ۾ پير رکڻ جي اوھان جرئت ڪيئن ڪئي….“ڪتي منٿ ڪئي، ”يار بکيا آھيون…“ ٻي چيو، ”رحم کائو ھڪ ئي برادري جا آھيون…گڏجي سڏجي گذارو ڪنداسين“ سريال ڪتي ٻين ڪتن ڏانھن شاطر نگاھه سان ڏسندي چيو ”ٻڌو پيا ھنن ڀوڪن جون خبرون ، ھتي وڏيون سخائون پيون ھلن ، جو ھي به اسان سان گڏي سڏي گذارو ڪندا…هههههههه..“ سريال وڏا ٽھڪ ڏنا، ٻين ڪتن به ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪيا.. ”هههههههه…“ ھنن چيو ”رحم کائو….. اسان ڏاڍا مجبور آھيون….“ سريال ڪتي دھشت سان ڀونڪاٽ ڪري چيو ”اڙي جلد ھتان پير ڦٽايو، نه ته….“ ”نه ته……“ ”نه ته ھتان زندهه ڪونه موٽندا..“
”ٺيڪ آ اسانکي موت قبول آ….اچو اچو…. پنھنجي بک اسان بکين مان پوري ڪريو، پر ھڪ ڳالھه ياد رکو اسان پيدا ڪرڻ واري آڏو اوھان خلاف دانھينداسين…..“ سريال ڪتي چيو ”اسان خلاف ڇو دانھيندا ، انھن خلاف دانھنجو جن جي آسري ھن اوھان کي دنيا ۾ موڪليو آھي…جن کي ھن اسان تي رحم کائڻ جي تلقين ڪئي آھي…“ ”اھي پنھنجن تي ئي رحم نٿا کائين ، سو اسان تي ڇا کائيندا….يار ڏاھا ٿيو اوھان ته اسان جا پنھنجا آھيو، اوھان ته اسانجي حال تي ترس ڪيو ..“ سريال جو من ڪجھه ميڻ ٿيو ، ھن اڃا ڪجهھ ڪونه چيو ته منجھانئن ھڪ پوڙھي ڪتي ڳالھايو ”پر ھن وقت اوھان کي ڪھڙيءَ کٽيءَ کنيو ، ماڻھو گھرن ۾ ..شھر بند ٿيا پيا آھن ، تنھن وقت پنھنجو پاڙو ڇڏي ھتي ڇو اچي پڳا آھيو….!؟“
ھنن چيو ”ڪاش اسان اوھان وانگي پاڙن جا رھاڪو ھجون ھا……“ سريال پڇيو ”پوءِ اوھان ڪٿان ٽٽي اچي ھتي پھتا آھيو…“
ڪتي درد مان وراڻيو ”اسان ھوٽلن جي ٻاھران ويھي گذارو ڪندا ھئاسين ، ھوٽلون بند ٿي ويون آھن، تنھڪري اسان رُلي ويا آھيون ، ڪو پاڙي ۾ اسان کي راھڻ لاءِ تيار ناھي….“ پاڙي جي ڪتن مان ھڪ جذباتي ڪتي چي، ”اڇا اڇا ته اوھان اُھي نواب آھيو، جيڪي ھوٽلن جي ٻاھران ويھي لستون ڪندا ھئا ۽ اسان پارو ڪو غلطي سان لنگھي ايندو ھو ته مٿس ڏمرجي پوندا ھئا….“ ڪتي جي اکين ۾ ندامت جا ڳوڙھا لھي آيا “برابر…..اسانجي ان رويي ئي اسانکي ھتي اچي پھچايو آ ، رحم کائو….اسان جھڙا نه ٿيو….“
جذباتي ڪتي ٻين کي ھشي ڏني ”اسان جھڙا نه ٿيو ، اڙي وٺونئن ….. رحم کائو….“ سڀئي ڀونڪاٽن سان ھنن تي ڪڙڪي پيا ، سريال وڏي ڀونڪ ڪري سڀني کي چپ ڪرايو، ”اسان پنھنجن کي مصيبت ۾ اڪيلو نٿا ڇڏي سگھو، ھي ھاڻي ھتي رھندا..“

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *