تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

ڪيريئر ڪائونسلنگ ڇا آهي ۽ ان جي اهميت ….ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو

عام طور تي ڪيريئر ڪائونسلنگ جو مطلب عملي زندگي ۾ ڪاميابي لاءِ ڪنهن پيشي جي چونڊ ڪرڻ لاءِ مليل رهنمائي کي چيو ويندو آهي. حقيقت ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ هڪ وسيع اصطلاح آهي جنهن ۾ ٽي ڳالهيون اچي وڃن ٿيون. جن ۾ ايجوڪيشنل ڪائونسلنگ، اڪيڊمڪ ڪائونسلنگ ۽ پروفيشنل ڪائونسلنگ شامل آهن.
ايجوڪيشنل ڪائونسلنگ: ٻار جي پهرين درجي ۾ داخلا ٿيڻ سان ئي ايجوڪيشنل ڪائونسلنگ جي شروعات ٿئي ٿي، جنهن ۾ ٻار جي نفسيات، ان ۾ ظاهر ٿيندڙ لاڙن ۽ سندس دلچسين بابت پروفائيلنگ ڪئي وڃي ٿي ٻار جي فطري لاڙي مطابق سندس شخصيت جي نگراني ڪري ان جي فطري صلاحيتن مطابق نشاندهي ڪري کيس وڌيڪ ماحول ڏيئي ان جي قدرتي شوق کي اجاگر ڪيو وڃي ٿو. هي عمل نه صرف پرائمري اسڪول پر هاٰءِ اسڪول جي پهرين ڏهن ڪلاسن تائين جاري رهي ٿو. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي شوق مطابق ڪنهن خاص فيلڊ يا شعبي جي چونڊ ڪرڻ جو مرحلو به ايجوڪيشنل ڪائونسلنگ ۾ اچي وڃي ٿو، جنهن لاءِ ايجوڪيشنل ايڊوائيز يا ڪيريئر ڪائونسلر مقرر هوندا آهن يا استاد ئي اهو ڪم ڪري سگھن ٿا. هن مرحلي ۾ شاگرد جو ڪنهن خاص شعبي يا مضمون جي چونڊ ڪرڻ سندس مسقبل جو ڪيرئير بڻجي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڪيريئر ڪائونسلنگ جي شروعات ڪنهن خاص موضوع جي اسپيشلائيزيشن سرٽيفڪيٽ، ٽيڪنيڪل ڪورس يا ڊگري پروگرام ۾ داخلا وٺڻ سان ٿي وڃي ٿي.
اڪيڊمڪ ڪائونسلنگ: شاگرد جي ڪنهن مخصوص ڪلاس، شعبي يا پروگرام ۾ داخلا ٿي وڃڻ کانپوءِ کيس ان ۾ بهتر ڪارڪردگي ڪرڻ لاءِ ملندڙ رهنمائي کي اڪيڊمڪ ڪائونسلنگ چئجي ٿو. سڌريل دنيا جي ملڪن جي ڪاليجن توڙي يونيورسٽين ۾ اڪيڊمڪ ڪائونسلر مقرر ٿيل هوندا آهي، جيڪي شاگرد کي پيش ايندڙ مونجهارن کي منهن ڏيڻ لاءِ رهنمائي ڪندا رهن ٿا. مثال طورڪنهن شاگرد کي پنهنجي شعبي ۾ مختلف آپشنل مضمونن جي چونڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائي آهي، گھريلو مسئلن ۾ پريشاني آهي يا سندس گرل فرينڊ کيس ڇڏي ويئي آهي، يا سندس ڪلاس جا دوست ساڻس صحيح نه هلي رهيا آهي يا ويندي شاگرد کي ڪجهه استادن جي رويي جي ڪري شڪايت آهي يا انتظامي ماحول کان بيزاري آهي نتيجا نه ملڻ ڪري پريشاني آهي ته به اڪيڊمڪ ڪائونسلر سان مشورو ڪري سگھي ٿو.
پروفيشنل ڪائونسلنگ: پنهنجي پيشي ۾ وڌيڪ ترقي ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ کي پروفيشنل ڪائونسلنگ چئجي ٿو، جنهن جي شروعات به تعليمي ڪيريئر ۾ ڪنهن خاص شعبي ۾ داخلا وٺڻ سان سان ضرور ٿئي ٿي پر عملي طرح نوڪري ملڻ کانپوءِ پنهنجي ڪم ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏني ويندڙ رهنمائي کي پروفيشنل ڪائونسلنگ چيو وڃي ٿو. شاگردي دور ۾ پروفيشنل ڪائونسلنگ جي عملي شروعات انٽرنشپ يا اپرنٽشپ ڪرڻ سان ٿئي ٿو، جنهن ۾ شاگرد عملي طور ڪنهن اداري ۾ وڃي ڪم ڪرڻ ۽ ادارن جي ماحول کان واقف ٿئي ٿو. نوڪري ملڻ کانپوءِ يا ذاتي حيٿيت ۾ ڪو ادارو يا بزنيس کولڻ يا ڪنهن به سروسز يا مينوفيڪچرنگ کان ويندي ڪنهن ٽيڪنيڪل ڪم جي شروعات کي به پروفيشنل لائف چئي سگھجي ٿو. ان ۾ گھربل مهارت لاءِ ڪجهه وڌيڪ ٽريننگس يا سرٽيفيڪيٽ ڪرڻ به پروفيشنل ڪيريئر جو حصو آهن، جيڪي به ڪيريئر ڪائونسلنگ جي زمري ۾ اچي وڃن ٿا.
پرسنلٽي ڪائونسلنگ: پرسنلٽي ڪائونسلنگ ۾ ٻار جو ڪردار اچي وڃي ٿو، جنهن ۾ ٻار کي ايمانداري سيکارڻ، کيس سچ طرف راغب ڪرڻ، صاف سٿرو رهڻ، پنهنجا ڪم ذميواري سان پورا ڪرڻ، ٻين جي ڪم اچڻ ۽ بااخلاق ٿيڻ ، مذهبي رسمون ادا ڪرڻ کان ويندي مهرباني جو لفظ چوڻ، معافي وٺڻ ، شڪر ادا ڪرڻ، عاجزي نوڙت ۽ ادب سيکارڻ سڀ پرسنلٽي ڪائونسلنگ ۾ اچي وڃن ٿا.
هڪ نوجوان کي صاف سٿري ڊريسنگ ڪرڻ، بااعتماد رهڻ، ڪميٽيڊ ٿيڻ، وعدي پورو ڪرڻ، پنهنجي ڪم کي بهترين انداز ۾ وقت تي پورو ڪرڻ ، وقت تي ڪلاس توڙي آفيس ۾ اچڻ، بهتر انداز ۾ ڳالهائڻ، صاف ۽ سڌي ڳالهه ڪرڻ، ٻين کي نه رنجائڻ، قانون جو احترام ڪرڻ.، پنهنجا ڪميونيڪيشن توڙي ڊارافٽنگ اسڪلس بهتر ڪرڻ ، پيشي جي لحاظ کان ٽريننگس ڪرڻ لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ به ڪيريئر ڪائونسلنگ جي امبريلا ٽرم جو ئي حصو آهن. ڇاڪاڻ ته جڏهن اسين ڪيريئر ڪائونسلنگ مان مراد عملي زندگي ۽ پيشور زندگي ۾ ڪاميابي کي چئو ٿا ته پوءِ شخصي تشخص کانسواءِ عملي زندگي توڙي پيشور زندگي ۾ ڪاميابي ناممڪن آهي. انسان جي ڪاميابي ۾ ڪنهن خاص شعبي يا ڊگري يا مارڪن کان وڌيڪ سندس محنت ۽ اخلاقي گڻن سان سلهاڙيل هجي ٿي. .جنهنڪري ڪنهن جي شخصيت کي متوازن پرسنلٽي ٺاهڻ ۾ جن شين جي ضرورت پوي ٿي اهي به ڪيرئير ڪائونسنلگ جو ئي حصو آهن. مٿيان سمورا گڻ شاگرد مرحليوار تعليمي ڪيريئر ۾ به سکندو اچي ٿو جيڪي کيس عملي زندگي ۾ گھر کان آفيس تائين سندس لاءِ ڪافي ڪارائتا ۽ مددگار ثابت ٿي سگھن ٿا. انڪري لازمي آهي ته اسان جي حڪومت کي اسڪولن توڙي ڪالجن ۽ يونيورسٽين ۾ هر ڪلاس لاءِ هڪ ڪيريئر ڪائونسلر مقرر ڪيو وڃي ته جيئن هو شاگردن کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ مونجهارن ۾ رهنمائي ڪري سگھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *