تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڪيريئر … سالار لطيف

”مون پنهنجي محبت جي حاصلات لاءِ پنهنجو مستقبل به تباهه ڪري ڇڏيو“هن مونکي ٿڌو ساهه ڀريندي ٻڌايو.”سو وري ڪيئن؟“کائنس پڇيم. حسرتن جي واچوڙي هٿان پنهنجو پاڻ ڌڏڻ کان بچائيندي چيائين،”منهنجو ڪيريئر جنهن رخ منجهه هلي رهيو هو، لڳي ايئن پيو ته تمام ٿورڙي عرصي ۾ آءُ ڪنهن منزل تي پهچي وڃان ها پر اها محبت جنهن جي حاصلات لاءِ ڏينهن رات پنهنجي وجود کي ولوڙي رهيو آهيان، کيس منهنجي ڪيريئر تي اعتراض آهن.“”پوءِ ڇا ٿي پيو جيڪڏهن کيس تنهنجي ڪيريئر متعلق اعتراض آهي ته؟“ ڪجھه سخت لهجي ۾ خار کائي ڏانهنس ڏسندي پڇيم.مونکي پُٺي ڏيئي هوريان هوريان هلڻ لڳو. سگريٽ جو ڪش هڻندي انتهائي عقيدت منجھان چيائين ” والدين نه ٿا چاهين ته آءُ ان رستي تي هلندي پنهنجي ڪيريئر کي جاري رکان پر مون ۾ اها طاقت ناهي ته پنهنجي ان محبت کي وڃائي ڇڏيان. بس اهو ئي ڪارڻ آهي جنهنڪري مون اهو فيصلو ڪري ورتو آهي.“ٺٺول ڪندي چيومانس،”مطلب ته تون پنهنجي ٿيڻ واري گهرواريءَ سان تاحيات فاڪاڪشي ڪٽي سگھندين؟ پر اهو ته ٻڌاءِ اها مرڻ گهڙي تائين بُک هڙتال والدين خلاف هوندي يا تنهنجي ان فيصلي خلاف ته تو پنهنجي ڪيريئر کي هٿ سان تباهه ڪيو؟“
”ڇا مطلب؟ تون ڇا ٿو چوڻ چاهين؟“ سندس غيرت جاڳي پئي ۽ ڪاوڙ مان ڪنڌ پوئتي ورائيندي مون ڏانهن ڏسي پڇيائين.”تنهنجي اها محبت توکي حاصل ٿئي يا نه پر ڇا انهن ٻنهن صورتن ۾ تنهنجو اهو فيصلو ڪهڙي ريت عقلمندي جو سانباهو آهي؟ مونکي سمجھاءِ“ مون کيس سمجھائڻ واري انداز ۾ چيو. ”ڇا ان جذباتي فيصلي سان تنهنجي مستقبل تي پوندڙ نقصان بابت تو سوچيو آهي؟ پنهنجي ڪيريئر تباهه ڪرڻ جي نعم البدل طور تو وٽ ڪهڙي واٽ آهي؟ مون کي ٻڌاءِ، سمجھاءِ مونکي“. مون پنهنجي بيزاريءَ جو اظهار کيس محسوس ڪرائڻ ٿي چاهيو.وراڻيائين ”مونکي ڪجھه خبر ناهي مان پنهنجو سڀ ڪجھه وڃائڻ لاءِ تيار آهيان بس مونکي منهنجي محبت حاصل ڪرڻي آهي ۽ ان کانسواءِ منهنجي ذهن ۾ ٻي ڪنهن به حاصلات جي جستجو ناهي رهي.“مون پڇيو، ”ڀلا تنهنجا والدين تنهنجي ان عشق بابت ڇا ٿا چون؟ ڇا تو اهو معاملو سندن آڏو رکيو آهي؟ انهن جو ڇا چوڻ آهي ۽ يقينن جيڪڏهن انهن توکي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو آهي ته پوءِ ان طرح تنهنجو پريشان ٿيڻ اجايو آهي.
“”معاملا بند گهٽيءَ ۾ پهتل آهن“ ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين.”مان سمجهس نه“ وراڻيم.خار کائيندي ٻڌايائين ”اسان جي وڏن جي پاڻ ۾ زمينن تان اڻبڻت آهي، ٻه ڀيرا جهيڙا به ٿي چڪا آهن. منهنجي والد جا منهنجي محبت جي مائٽن سان نظرياتي اختلاف پڻ آهن.“مونکي مٿس بي انتها ڪاوڙ پئي آئي. هڪ اهڙو غيرسنجيده دوست جيڪو محبت جي چڪر ۾ پنهنجو ڪيريئر تباهه ڪري چڪو هو ۽ معاملا خراب کان خراب تر هوندي به هن پنهنجي محبت جي پچر نه پئي ڇڏي. اٽلندو ان فضول معاملي تي منهنجو به وقت برباد پئي ڪيائين. سندس ذهني ڪيفيت پهريان ئي غيرمعمولي هئي. مون ان کي وڌيڪ خراب ڪرڻ لاءِ ساڻس مزاج برهم نه پئي ڪري سگھيس. بوريت به تمام گهڻي پئي محسوس ٿي. ڊگھي ڊرائيونگ کانپوءِ اهڙي ته ويراني ۾ هلي نڪتو هو جتي چانهه به نه پئي ملي.بهرحال، مون سندس مزاج کي معمول تي آڻڻ خاطر وڏا ٽهڪ ڏنا ۽ ٺٺول ڪندي چيم،”نظرياتي اختلاف؟؟؟ اهو وري ڪيئن؟ مطلب ته اوهان ٻنهن جا والدين شايد عورت آزادي مارچ تان نه ٺهندا هوندا؟ شايد تنهنجي والد کي ميري پاس تم هو ڊرامو پسند هوندو، اهو ان جي ليکڪ خليل الحمٰن قمر جي خيالن جي آجيان ڪندي منهنجو جسم، منهنجي مرضي واري نعري جي مخالفت ڪندو هوندو“هن مون سان گھٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ ڪاوڙ ۾ الائي ڇا ڇا پئي چوندو رهيو پر کيس نظرانداز ڪندي مون پنهنجي ڳالهه جاري رکي.”تنهنجي ان محبت جا والدين شايد روزاني عورت مارچ جي ريهرسل ڪرڻ لاءِ اوهان جي دروازي آڏو احتجاج ڪندا هوندا. ايئن نه؟“”پنهنجو وات بند ڪر“ هو عاشق نه پر شديد عاشق ڪاوڙجي پيو ۽ مون سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنائين.
اڳيان هلندو ٿي ويو. مون به کيس پوئتي سڏ نه ڪيو. سوچيم، هن ويراني ۾ کيس پنهنجي پاڻ کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪا به شيءِ ناهي. ڀلي آرام سان چهل قدمي ڪري اچي جيسين آءُ به سک جو ساهه کڻي سگھان.سج لڙڻ ۾ اڃا ڪجھه گهڙيون هيون. آءُ به پنڌ ڪندو لهندڙ سج جي لام کي ڏسندو ايئن پئي ان پاسي رستي سان ويندو وڃان جيئن منهنجي دوست پنهنجي محبت پٺيان پنهنجي حياتي کي تباهه ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو هو. محبت کي حاصل ڪرڻ واري ان انتهاپسنديءَ بابت ڪيتريون ئي سوچون، وسوسا ۽ سوال ذهن کي مسلسل کڙڪائينديون ٿي رهيون پر ذهن مسلسل منجمد ئي هو جنهن ڪري ڪنهن نتيجي تي نه پئي پهچي سگھيس. ايتري ۾ ڀرسان اچي گاڏي بيٺي. هن جي اکين مان لڙڪ پئي وهيا. آءُ به گاڏي جيان اڳين سيٽ تي ويهي رهيس ۽ واپسيءَ جو سفر شروع ٿيو. تقريبن چاليهه منٽن جي خاموش سفر ۾ نه هن ڳالهايو ۽ نه ئي مون هن سان ڪجھه ڳالهايو ڇاڪاڻ ته منهنجي ڪاوڙ هاڻ شايد نفرت ۾ تبديل پئي ٿيندي وئي ۽ مسلسل سوچيو پئي ته هڪ شخص هٿ سان پنهنجي زندگي تباهه ڪري رهيو آهي ۽ هن کي ڪو احساس ئي ناهي. سندس والدين جي اڪيلي پٽ مان ضرور اميدون سلهاڙيل هونديون. کيس ڪا پرواهه ئي ناهي ۽ هو هڪ اهڙي منزل پٺيان پيو ڊوڙي جنهن جي دروازي جو ته ڏس ئي ناهي پر ان جي ديوارن مٿان رسمن جا پهريدار مورچابند آهن ۽ انهن ديوارن ٻاهران ڳاڙهي رنگ سان ”ممنوعه علاقه“ پڻ لکيل آهي.هو مونکي منهنجي گھر آڏو لاهي ۽ هليو ويو پر منهنجي ذهن ۾ خيالن جو هڪ طوفان ڇڏي ويو. هڪ اهڙو طوفان جيڪو شايد سنڌ اندر لکين والدين جي ذهنن اندر روز ڪيترن ئي واچوڙن کي جنم ڏيندو هوندو.
ان وقت کان هيل تائين منهنجي سوچ انهن سوالن جو محور بڻيل آهي ته محبت کي پنهنجي ڪيريئر آڏو رنڊڪ طور آڻيندڙ نوجوان ڇا پنهنجي والدين کان انتقام وٺڻ لاءِ ايئن ڪندا آهن يا پنهنجي ذات کان؟ ڇاڪاڻ ته محبت ملڻ يا نه ملڻ، ٻنهي صورتن ۾ سندن زندگين ۾ ايندڙ ڀوڳنائن سان سندن ئي زندگين تي اثر پوندو آهي پر ان ويلي وقت شايد سندن ڀائونائن کي لتاڙي اڳتي وڌي چڪو هوندو آهي ۽ انهن وٽ پڇتائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه بچندو آهي. انهن وٽ زندگي کي رنگين بڻائڻ لاءِ وقت جي جيڪا ڪلر پينسل هوندي آهي، دراصل هو ان کي بي رنگ بڻائيندي پنهنجي مستقبل کي به پنهنجين منشائن جي ور چاڙهي ڇڏيندا آهن. ڪيترائي والدين زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي پنهنجي اولاد هٿان مجبور ٿي سندن زندگين مان آس جي ڏيئي کي اجھامندو ڏسي اندر ئي اندر ۾ ميڻ وانگي ڳرندا رهن ٿا پر محبت پويان پنهنجي ڪيريئر جو سودو ڪندڙ منهنجي دوست جهڙن انسانن کي ان جو احساس ئي ناهي. ڀلا ڇا اهو ممڪن نه هو ته پنهنجي ڪيريئر کي اهڙو سنوارجي جو مستقبل ۾ اها ئي محبت اوهان پٺيان ڊوڙندي اچي ۽ اوهان ان وقت پنهنجي وڇڙيل محبت جي ارپنا طور هڪ اهڙي عشق آڏو گوڏا کوڙي چڪا هجو جنهن اوهان کي اهڙي ئي ريت چاهيو هجي جيئن اوهان محبت جي پوڄا ڪرڻ باوجود به حالتن کي شڪست ڏيندي ڪيريئر تي سودو نه ڪيو. پر ايئن به ممڪن آهي ته ڪيريئر منجھه نالو ڪمائڻ کانپوءِ اهي ئي والدين پنهنجا نظرياتي اختلاف ختم ڪن ۽ محبتون هڪ ٿي وڃن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *