تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڪو ڪو ماڻھو موتيءَ داڻو … رفيعه ملاح

اڄ سندس جنم ڏھاڙو آھي، ھر سال پريت ڀريو ۽ پختو ارادو ڪندي آھيان ته سندس جنم ڏينھن تي ھن جي شخصيت تي ٻه چار پيار ڀريا لفظ لکنديس، پر اھا خواھش ھر دفعي اڻپوري ارمان وانگر رھجي ويندي آھي.ھونئن ته ھن جي ھر دل عزيز شخصيت جي ڪري ھر ماڻھو هن کي پنھنجو سمجھي ٿو، پر مونسان ھن جون ننڍي ھوندي کان ٻٽيهه دليون آهن. مون ھن من موھيندڙ انسانيت سان ڀرپور شخصيت جو پاڻ کي ڪروڙن جو قرضي سمجھيو آھي، جنھن طريقي سان منھنجي ھن پرگھور ۽ سار سنڀال لڌي، ھو لک لھي، ھن جو اھو پريم ڀريو پويتر قرض لاھڻ جا جتن ڪبا جي لاھي سگھياسين ته واهه جي نه ته ھن جا گڻ جھر جھنگ تائين پيا ڳائبا.ھن جو جنم دادو ضلعي جي نج ٻهراڙي جي ڳوٺ سيتا ننڍي ۾ اڄ جي ڏينھن تي ٿيو، اھا ڪنھن کي به ڪل نه ھئي ته بنيادي سھولتن کان وانجھيل ٻھراڙيءَ جي ان ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ پيدا ٿيندڙ پياري ۽ نياري نياڻي اڳتي ھلي بين القوامي سطح تي مڃتا ماڻيندي، ھن جي سندر سڀيتا ۽ تھذيب تمدن سان ڀريل پرورش نج ٻھراڙيءَ جي ٻھڪندڙ ۽ دل لڀائيندڙ ماحول ۾ ٿي. جيئن ته ڳوٺن جا ماڻھو ملاوٽي منافقت کان پري ھوندا آھن ۽ گھڻي ڀاڱي ھر ڳالهه صاف ۽ سڌي چوندا آھن تيئن ھن جي پرورش ملاوٽ ۽ منافقت کان ڪوھين ڏور اهڙي ماحول ۾ ٿي. انھي پرورش سندس شخصيت تي اڏوھي کاڌل ريتن رسمن ۽ زنگيل زماني جي ھٿ ٺوڪين ۽ مصنوعي روش کي حاوي ٿيڻ نه ڏنو. ھو ھميشه حق ۽ سچ جي راهه جي راھي رھي. ھن ٻھروپيائي ۽ چالاڪي کي پنھنجي ويجھو اچڻ نه ڏنو، ھو جھڙي اندر آھي تھڙي ئي ٻاھر آھي. اوهان به سوچيندا هوندا آخر اها ڪير آھي جنھن جي تعريفن جا مون بند ٻڌا آھن؟
چڱو توھان جي مونجهه مٽايان ٿي، ھوءَ ٻي ڪا ناھي، پر جڳ مشھور مڃتا ماڻيندڙ ڊاڪٽر عرفانه ملاح آھي. ھر انسان ۾ انيڪ صلاحيتون هونديون آهن پر ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي پنهنجي صلاحيتن سان پوري دنيا ۾ نالو ڪمائين ٿا. اھڙن ماڻھن تي لکڻ لاءِ مواد گڏ ڪرڻ جا جتن نه ڪرڻا پوندا آھن ، رڳو قلم کڻڻ جي ضرورت هوندي آھي باقي لفظ قطار ڪيون بيٺا هوندا آھن. ھوءَ جنھن ماحول ۾ وڌي وڏي ٿي اھو ڏاڍو وڻندڙ ٻھراڙيءَ جو معصوم معاشرو ھو، جتي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا گڏجي رانديون ڪندا رھندا ھئا. ھن به پنھنجي ڳوٺ جي ھم عمر نياڻين سان رانديون ڪيون جتي ھن گڏين سان راند ڪئي اتي هن ننڍ پڻ ۾ پڙھڻ سان گڏ رونبا ۽ لابارا به ڪيا ته گاهه به ڪيا ۽ مال جا چارا به ٺاھيا ته سھيلين سان گڏجي گھر جا ڪم به ڪيا. ھوءَ جتي پنھنجي سھيلين کي پياري ھئي اتي ھوءَ ھر عمل ۾ به انھن کان اڳڀري رھي. ھن ۾ اڳواڻيءَ جون خاصيتون شروعاتي عمر کان ھيون جيڪي ھن جي عملي زندگيءَ ۾ وڌيڪ پختيون ۽ مضبوط ٿيون.سگھڙ ته وري اھڙي جو جڏهن نائين درجي ۾ پھتي ته اتي پڙھائي سان گڏ سلائي ۽ ڪڙھائي ۾ به دلچسپي ورتائين. ھن جي ذھين ذھن نت نيون ڊزائين تخليق ڪيون. ھر قسم جو ڀرت ڀريندي ھئي جنھن ۾ ھرمچو، ٽڪ جو ڪم، گج ڀرڻ ۽ ڪينوس جو ڪم سندس دسترس ھيٺ ھئا. ڪم ۾ انتھائي نفاست ۽ ھٿ جي صفائي جي ڪري گھروارا سندس صلاحيتن جي تعريف ڪري ھن جي ھمت افزائي ڪندا ھئا. اڳٺ اڻڻ ۽ ٺاھڻ، گھر جون کٽون واڻڻ ھن ھر ڪم شوق سان ڪيو. ھوءَ ننڍ پڻ کان ئي باھمت ۽ ارڏي ڇوڪري ھئي. ھن کي ننڍي ھوندي کان ئي گھر ۾ علمي ۽ ادبي ماحول ميسر ٿيو ھن جي گھر ۾ سماجي، سياسي، ادبي ۽ ٻين به ڪيترن ئي اھم مضمونن تي وڏي انگ ۾ ڪتاب، رسالا ، اردو،سنڌي ۽ انگريزي اخبارون موجود ھونديون ھيون، جن مان لاڀ پرائي ھن اھم مضمونن تي عبور حاصل ڪيو. انساني بنيادي حق خاص طور تي عورتن جا حق ۽ آزادي ھن جا پسنديدا مضمون رھيا، اھوئي سبب آھي جو ھاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي زماني کان ھن ۾ فيصلائتا قدم کڻڻ جي صلاحيت ھئي. ڳوٺ جي ماحول ۽ سندس مرضي جي ابتڙ کيس انٽرميڊيٽ آرٽس ۾ داخلا وٺي ڏني وئي جيڪا ھن پنھنجي والدين جي مرضي سان پڙھي ۽ بورڊ مان “A” گريڊ حاصل ڪيو پر سندس فيصلو اٽل ھو ته ھوءَ آرٽس نه پر سائنس پڙھڻ چاھي ٿي جنھن ڪري ھن سائنس کي ترجيح ڏيندي سائنس ۾ امتحان ڏنو ۽ وري ان ۾ به “A” گريڊ حاصل ڪيو. ھن کي عورت لاءِ علم جي اھميت جي ڀلي ڀت ڄاڻ ھئي، ھن کي خبر ھئي ته علم عورت کي مضبوطي ۽ آزادي جي راهه جو راھي ڪندو آھي، تنھنڪري ھن نه صرف انٽرميڊيٽ سائنس ۾ پاس ڪيو پر ھن وڌيڪ تعليم لاءِ سنڌ يونيورسٽي جو رخ ڪيو. ان حقيقت کان به ڪير منھن نه موڙيندو ته ان وقت ٻھراڙي جي ڇوڪرين کي يونيورسٽي تائين پھچڻ لاءِ انيڪ مسئلن ۽ مونجھارن کي منھن ڏيڻو پوندو ھو، ھن انھن سڀني مسئلن کي منھن ڏيندي بي. ايس. سي(B.SC) تائين تعليم سنڌ يونيورسٽي جي شعبي ڪيمسٽري مان حاصل ڪئي. ھن ايم، ايس، سي (M.Sc) ڪيمسٽري ۾ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان ڪئي، ھن سنڌ يونيورسي مان پي. ايڇ. ڊي(P.hd) ڪئي. هن علم جي جوت جلائڻ لاءِ ڏونگر ڏوريا ۽ پنھنجي جدوجھد ۽ علم جي اڃ اجھائڻ واري جستجو جي تلاش ۾تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ سک سان نه ويٺي پر استاد جھڙو پيغمبري پيشو سنڌ يونيورسٽي جي ليڪچرر جي حيثيت ۾ شروع ڪيو، جيڪو اڄ تائين پروفيسر جي حيثيت ۾ جاري آھي، گڏوگڏ ھن پي.ايڇ.ڊي (P.hd) کانپوءِ Post Doctorate به 2017ع ۾ سوئيڊن جي يونيورسٽي مان ڪئي. سنڌ يونيورسٽي ۾ به ھوءَ استادن جي سٿ جي مسلسل سالن کان سربراھي ڪندي پئي اچي. اڳواڻي ھن جي رڳ رڳ ۾ سمايل آھي،هن پنهنجن ۽ پنهنجي ڌرتي جي ٺاهيل اصولن تي سوديبازي نه ڪئي يونيورسٽي ۾ به ھن ارونڌتي راءِ وانگر سدائين استادن، شاگردن، ملازمن ۽ پورھيتن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو، اھا به پنھنجي جاءِ تي ھڪ اٽل حقيقت آھي ته ھن استادن، ملازمن ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين جي حقن تي ڪڏھن به سوديبازي نه ڪئي ۽ ماروي وانگر اڏول ٿي انهن ماروئڙن سان بيٺي رهي ۽ پنهنجي جستجو ۽ جاکوڙ جاري رکي، جنھن جي سلي ۾ کيس دعائن جا ڍير ملن ٿا.
مون جڏھن به ھن جي زندگي جي سفر جو ننڍ پڻ کان وٺي اڄ تائين جائزو ورتو آھي ته سدائين حيرانگي ئي ٿي آھي، ھو جنھن حال ۾ اڄ آھي ۽ جيڪا منزل ھن ماڻي آھي اھا ھن جي پنھنجي مسلسل جدوجھد جو نتيجو آھي ھن کي پنھنجي خاندان ۽ وڏن جي رھبري ۽ رھنمائي ضرورو ھئي پر ھوءَ Self-Made۽ ڪامياب عورت آھي، ھوءَ پنھنجي ماءُ، پيءُ، ڀائرن، ڀينرن، ڀاڻجن، ڀاڻيجين، ڀائٽن، ڀائٽين ۽ سھيلين جي دادلي رھي آھي ۽ پاڻ سڀني کي دادلو ڪري رکيو آھي، زندگي جي لاھن چاڙھن جي ڪري ھن جي لھجي ۾ ڪڏھن ڪڏھن سختي ضرور ايندي آھي پر ھوءَ پنھنجن جي زخمن تي مرھم پٽي ڪرڻ وارن انسانن مان آھي. ھن کي مالڪ سائين ميڻ جھڙي دل بخشي آھي، ھوءَ ھيڻن جي حامي ۽ ڪمزورن جي آنگ سانگ سوچي وانگر ڀرجھلو رھي آھي، ھن سدائين حالتن جو مقابلو ڪيو ۽ ڪڏھن به پاڻ کي ھيڻو نه سمجھيو، ھوءَ پنھنجي ساھيڙين جي ٽولي جي راڻي آھي. الائي ڇو اھو سڀ ڪجهه لکندي سوچن جي سمنڊ ۾ ھلي ويس ۽ سوچيم ته شايد مان مٿين لفظن سان ھن جي شخصيت سان انصاف ڪري نه سگھي آھيان سو پنهنجو لکيل هي شاعري کيس ارپيان ٿي.
ڏس دھـشـت ڄــڻ سـمنـدر آ، ڌيءَ ڌرتــيءَ جــي تـونــــگـر آ.
ھو نـــاري نينـھـن جـو ننگـر آ، ھـوءَ نــاري نينھـن جو ننگر آ.
ھوءَ باغــي ريتــن رسمن جـي، ۽ ڪـوڙيـن سـاکـن قسمن جي.
ھوءَ ٻــاھر جـھڙي انــدر آ، ھـــوءَ نـــاري نينـھن جو ننــگــر آ.
ھـوءَ مــوت کـي ڏئي مات ويندي، رات کي ڏئي پرڀات ويندي.
ھــوءَ تــارن لئه ڄــڻ چنــدر آ، ھــوءَ نـاري نينھن جو ننگر آ.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *