تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪوڙ کي پرائيويسي ئي ڪونھي! … اعجاز احمد ڀيو

جديد ڪميونيڪيشَن سسٽم يا وري سوشل ميڊيا جيترو معاشري کي ترقي بخشي آھي اوتروئي هن فيڪ نيوز، واويلا، سماجي براين ۽ ڪوڙ کي پڻ عروج بخشيو آھي. اسان وٽ ته ڪوڙ کي پنهنجي روزمرح جي زندگيءَ ۾ ايتري اهميت ڏني پئي وڃي جيتري اهميت سائنس انساني جياپيءَ لاءِ پاڻيءَ کي ڏني آھي. دنيا ۾ ڀلي سوشل ميڊيا جو ڪردار معاشري جي ترقيءَ سان ڀيٽيو وڃي پر اسان وٽ ٿيندڙ سوشل ميڊيا جو ناجائز استعمال ڪنهن به ريت سٺي عمل سان ڪو نه ٿو ڀيٽي سگهجي ڇو ته هن سوشل ميڊيا نه صرف گهر ۾ ڪتابن بدران ائنڊرائنڊ سيل فون (Android Cell-Phone) آڻي نوجوانن کان ڪتاب کسيا آھن پر ساڳئي ائنڊرائنڊ سيل فون نوجوانن کي سماجي براين ۽ ڪوڙ جي ور چاڙھي ڇڏيو آھي. هڪ ته جتي نوجوانن جو مشغلو ڪتاب پڙھڻ، نوٽس ٺاھڻ يا وري نصابي سرگرميون هجڻ گهرجن اتي نوجوان پروفائل لاءِ ڊي پيون (DPs)، واٽس ايپ اسٽيٽس رکڻ لاءِ نت نون گانن جون اسٽيٽس ٺاھڻ، واٽس ايپ تي دوستن سان سڄو ڏينهن مئسيجنگ ۽ پرائي پڇار غلا و غيبت ۾ رڌل آھن. ٻيو ته ائنڊرائنڊ سيل فون ۾ مسئلن جي وڏي جڙ اسڪرين رڪارڊنگ ۽ اسڪرين شاٽس پڻ آھن جيڪي ڪنهن ڳالھه کي پرائيويٽ رکڻ ئي ڪو نه ٿا ڏين. هُڪ همراھ ٻئي جي غلا ڪري آف لائن (Off-line) مس ٿو ٿئي ته مٿان وري اسڪرين شاٽ/ اسڪرين رڪارڊنگ هوڏانهن ٻئي ڏي پهچي ٿا وڃن ۽ اهڙيءَ ريت سڀني جا هٿ هڪٻئي جي ڄُنڊن ۾ هجن ٿا. ڪو ٿو چوي مئسيجنگ ليڪ ڇو ڪيئي ته وري ڪو ٿو چوي ته تو منهنجي خلاف ڇو ڳالهايو. بحرالحال! ڪوڙ ڳالهائيندڙ اهو وساري ويهندا آھن ته ڪوڙ کي پرائيويسي (Privacy) ئي ڪونهي!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *