تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

ڪويلين جي ڪُوڪ جھڙي آواز جي ملڪه نروڌا مالني! … عبدالله آس هنڱورجو

سُر ۽ سنگيت جي ھڪ پراڻي تاريخ آھي! ۽ ان تاريخ جي ھر صفحي تي الاءِ ته ڪيترو فن پکڙيل آھي. جنھن ۾ ڪيترائي گلوڪار پنھنجا من کي موھيندڙ مڌُر آوازن سان موسيقي کي امرتا بخشين ٿا…! حالانڪه ڪردار ته موسيقي ۽ شاعري جو به ھوندو آھي پر سڀ کان وڌ محنت ۽ ڪٺن ڪرت گلوڪار جو ھوندو آھي! جنھن جي آوازن سان روح کي راحت ملي ويندي آھي! شاعري ڪيڏي به سٺي ڇو نه ھُجي پر جي آواز جي ڪماليت ناھي ته سچ ۾ ڪجھه به ناھي! موسيقي جياپي جي فطرتي غذا آھي، جڏھن انسان اڪيلو ٿي ويندو آھي، جڏھن نيڻ ننڊ کان خطو جواب ڏيئي ڇڏين ٿا تڏھن موسيقي ئي راحت بخشندي آھي. موسيقي جنھن ٽڙيل گلابن جا ڏس ته آھن پر وطن لاءِ جان ڏيندڙ جان نثارن جي رٽ سان ريٽا ڌُن به سمايل آھن! اھا موسيقي ئي آھي جنھن جي تهه تائين پھچي محسوس ڪري سگھجي ٿو ته اسان جا خواب ڪٿي دفن ٿيا، اسان جا نيڻ ڪٿي وڪاڻا.
سنڌ اندر موسيقي سان ڪيترائي گلوڪار سُٺي ۽ سُھڻي انداز سان نڀائي رھيا آھن! جيڪي پنھنجي مڌُر آواز سان گھڻن جون دليون لُٽي ڇڏيندا آھن! جن جا ڳايل ڪلام الاءِ ته ڪٿي، ڪٿي ٻڌا ويندا آھن! جن جي آلاپن ۾ مور جي آواز جي مڌرتا جھڙا من کي موھيندڙ ورلاپ سمايل ھوندا آھن! جن کي واھڻ وستين ۾ ٻُڌو ويندو آھي! ڪڏھن ابھم ٻارڙن جي ڀالي ڀولي دل تي راڄ ڪندا آھن ته ڪڏھن سڪرات ۾ ستل جھونن جو روح به گرمائي ڇڏيندا آھن! انھن گلوڪارن مان ھڪ گلوڪاره نروڌا مالني به آھي جنھن جو مڌُر آواز ڪيترين ئي دلين کي موھي ڇڏيندو آھي! ھن جڏھن به ڳايو آھي سچ ته ڪمال جو ڳايو آهي، ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري کي امرتا بخشي آھي! ڪيترائي سُر آلاپيا آھن! جتي به ڳايو محفل لُٽي ڇڏيائين! سندس جي آواز ۾ اھڙو ته جادو سمايل هوندو آھي جو ھڪ دفعا ڪلام کانپوءِ ھر ھر ٻڌڻ تي دل چوندي آھي! ڪٿي روشنين ۾ تاريڪين جا ڏس مليا ڪٿي تاريڪين ۾ روشنين جا ڏس مليا آھن پر جڏھن به ھن سُھڻي ۽ سُندر گلوڪاره نروڌا مالني کي ٻڌو ته تڏھن ته صرف ۽ صرف راحتن جا ڏس مليا آھن!
نروڌا مالني سنڌ جي تمام سُھڻن ۽ ناليوارن شاعرن کي پنهنجي سندر آواز ۽ بهترين انداز سان ڳايو آھي، ھُن پرفامنس اسان جي وطن سنڌ ۽ اسلام آباد ۾ مُلڪ کان ٻاھر انڊيا، ڪينيڊا، ۾ ڪئي. انعام کوڙ سارا مليا آھن بيسٽ سنگر ايوارڊس، ريئلٽي شو ايوارڊس ۽ ٻيو ڪافي شاعرن جي شاعري ڳائي آھي. بابا سائين، عبدلغفار تبسم، شاھ عبدالطيف ڀٽائي، بابا ڀُلي شاھ ۽ ڪجهھ ھن دور جي نوان شاعرن عبدالله آس ھنڱورجو ۽ مسرور پيرزادو جي شاعري ڳائي آھي. جيڪي جهر جهنڱ تائين مقبول ٿيا آھن مختلف فنڪارن جا ڳايل گيت به هن ججهي انداز ۾ ڳايا آھن، موسيقي جي دنيا ۾ ڪنھن ڇوڪري جو پير پائڻ اڄ جي مرداڻي سماج ۾ ڏاڍو ڏُکيو آھي پر ھن پنھنجي حسرتن، جوش ۽ جذبي سان سماج ۾ کڄندڙ آڱرين کي منھن توڙ جواب ڏنو ۽ موسيقي جي دنيا ۾ ھن پاڻ مڃرايو آھي! ۽ هن جي موسيقي جي دنيا ۾ پير پائڻ ۽ ان سان جوش ۽ جذبي سان نڀائڻ ۾ سندس والد چنديرام جو وڏو هٿ آھي، کپري جهڙي حسين شھر مان ڦٽل ھي گلاب نروڌا فقط پاڻ شھرت ناھي ماڻي پر ان سان گڏوگڏ سنڌ جي حسين ۽ خوش نصيب ڳوٺ کپري جو مان به مٿانھون ڪيو آھي! ۽ ڌرتي جي دراوڙن کي اڳتي اچڻ جو اتساھه پڻ ارپيو آھي! ھن وقت سنڌ جي دل شھر ڪراچي ۾ پنھنجي حسين زندگي جا ڏينھن گذاري رھي آھي!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *