تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

ڪورونا ۽ هڪ گِيانِي ماڻھُو … ليکراج ميگهواڙ

سموري سنسار ۾ انسان محدود ٿي ويا هئا، وڏا شھر وڏيون عمارتون وسيع ميدان وڻندڙ سياح گاھ اڄ پُڻ ڪنهن غريب يتيم مسڪين جي جهوپڙي ۾ کنڊ پتي لوڻ مرچ اٽي جي اڻهوند سبب ٻُسي ۽ خاموشي جيئن سڄو جڳُ اڄ پڻ ماٺ جو روضو رکي گويا ڪنهن طويل تپسيا جي مراقبي ۾ ويٺل نظر اچي رهيو ھو.ڪبير ڏٺو ته هڪ ساڌو مندر کان ٻاهر سورجُ جي تيز ڪرڻن سامهون منهن ڪري بيٺو هجي. ساڌو جو اڄوڪو گيانَ ڌيان بي نُور ڪنهن پِيناَرُ ناري وانگي پئي لڳو جيڪو هڪ هنڌ ڪاٺ ٿي بنا چُر پُر جي هٿ هڪ هنڌ سورج اڳيان ٻڌي ھِن حسين ڪائنات جي غريب توڙي مسڪينن کان پنهنجي ضرورت ماني ٽڪر لاءِ هٿن کي پئي گُنگنائيندي رهي ٿي! پر هڪ پينارُ کي ڪهڙي ڪل ته هن دنيا جا سڀئي ماڻھُو خوش ناهن سمورو انسان ضرورتمند آھي، جيڪڏھن سڀئي خوش ھجن ها ته توُن دنيا جي ڪا ٽئين مخلوق ته ناهين نه…؟
ساڌو گيان ڪري واپس مندر طرف وڃي رهيو هو ته پاسي ۾ بيٺل ڪبير تي هن جي نظر پئي، ابا! ڪيئن آيو آھين ؟ڪبير بنا جواب ڏيڻ جي هن جي اکين ۾ لهي ڪري انهي ئي ساڌو جي نظر سان پنهنجي اندر کي جاچڻ لڳو ،ڪبير کي ساڌو بي انتها گهبرايل مايوس ڄڻڪ اعتماد کان رٺُل پئي نظر اچڻ لڳو، ڪبير ساڌو کان مخاطب ٿيو ته ، ساڌو توهان هي ايڏو مندر ڇڏي ٻاهر اچي بيٺا آھيو؟؟ ساڌو ”ڪيئن چوي ته بيماري جي خوف دورانِ ڀروسي لائق فائدو ڏيندڙ ڪا شيءَ ڳولهڻ ۾ ڪيڏي نه پيڙاءُ آھي“ ساڌو ڪيئن پنهنجي زبان کي چر پُر ۾ آڻي چئي ته ڪجھ ڏينهن کان سنسان وارو ماحول مون سميت گياني وگياني توڙي هر ماڻھُو بيقرار آھي. هن پنهنجو رويو بدلائي ڇڏيو ، وکون کڻندي مندر جي سيڙھن تي هلندي هي چوڻ لڳو هن وقت سڄي دنيا ڪورونا هڪ وبا جي خوف ۾ ورتل آھي! تون هن دنيا کان الڳ ڪنهن ٻي دنيا جو ماڻھُو آھين ڇا؟هن جي طنزيه لهجو ڪبير کي اڃان وڌيڪ سمجه ۾ اچڻ لڳو، ڪبير حيران ئي نه پر مايوس ٿيو ته اهي ماڻھُو سموري ڄمار مندر ۾ ويهي گذارن ٿا هي پاڻ کي پاڪ پويتر سمجهن ٿا، پر هن اندر ۾ ڪورونا کان وڌيڪ خطرناڪ وبائون سانڍي رکيو ويٺا آھن جيڪي ڪنهن عام ماڻھُو سان ڳالهائڻ ۾ عيب ٿا سمجهن.
ساڌو کي ڪبير جواب ڏيڻ لڳو ته مونکي سڀ ڄاڻ آھي ڪورونا نالي هڪ وبا آھي جنهن نه صرف پنهنجي ملڪ ۾ پر پوري دنيا کي هڪ هنڌ بيهاري ڇڏيو آھي، دنيا جا سڀئي ڪم ڪار محدود ٿي ويا آھن، سمورا ڪار وهنوار رڪجي ويا آھن ،پوري دنيا جون سرحدون بند ٿي ويون آھن، هزارين ماڻھو هن بيماري ۾ وڪڙجي چڪا آھن، هزارين هن وبا ڪارڻ موت جو کاڄ بنجي چڪا آھن پر ڪروڙين ماڻھُو هن بيماري جي جوف ۾ متبلا آھن ساڌو صاحب اهڙي خوف ۾ معاف ڪندا توهين به مونکي لڳي رهيا آھيو. ساڌو جي ڪنن تائين جڏھن ڪبير جي اهڙي ڳالھ پئي ته هن يڪدم پنهنجي چهري جا تاثرات ڪنهن خوبصورت وڻ جي ٽٽل ٽارين وقت ٿيندڙ مايوسي جهڙا ڪري ڇڏيا هئا، هن ڪبير کي چيو ته تون مونکان ڪجھ مفاصلي تي بيهي ڪري مونسان ڳالها يا هن وقت گهر هليا وڃو بعد ۾ اچجو!! جي جي ساڌو صاحب ڪورونا جو احتياط لازمي آھي هي بيماري وڌندي به ائين آھي جيئن ڪنهن سهڻي سمنڊ ۾ جيڪڏھن هڪ شارڪ مڇي اچي وڃي ته ان جي ڊوڙ کان ٿيندڙ گدلو ميرو پاڻي ڪم جو نه ٿو رهي اهو پاڻي ڪنهن ساهواري شيءَ لاءِ زھر ٿي پوندو آھي.ڪبير هن لاءِ اڄ اهڙو منگتو ثابت ٿيو جيڪو بنا ڪجهھ مندر جي پيتي ۾ ڏيڻ جي خالي خالي پوڄا ڪري واپس هليو ويندو هجي!! ڪبير جو ڳالهائڻ هن جي خوف ۾ وڌارو ٿيڻ برابر هو، هي ساڌو اڄ مندر جي آس پاس گهمي پيو پر مندر جي اندر نه پيو وڃي! انهي تي ڪبير هن کان پڇڻ لڳو ساڌو صاحب منهنجو آخري سوال آھي توهان اڄ گهڻا پريشان آھيو اھڙا پريشان مون اڳي توهان کي نه ڏٺو، منهنجو سوال اهو آھي ته توهان جي ڄمار هاڻي ستر اسي جي لڳ ڀڳ هوندي توهان گيان تپسيا ڌيان جا جوڌا آھيو توهان پنهنجي زندگي ۾ انيڪ گيان ٻُڌي جا ڪتاب پڙھيا هوندا ، توهان هڪ گياني آھيو توهان جي نظر ۾ هن وبا جو ڪارڻ ڇا آھي ؟؟ ۽ هن وبا کان آزادي ڪيئن ٿي سگهجي ٿو؟
ساڌو سورجُ ڏانهن چتائي ڏٺو پئي هن گويا گهبرائيندي چيو ته ”ڪورونا جو اعلاج احتياط آھي ، هن وبا کان بچڻ جو آسان طريقو سماجي مفاصلو آھي! ٿوري دير جي خاموشيءَ بعد چوڻ لڳو توهان هيئنر وڃو هن وبا ۾ ڪنهن ڳالهائڻ به نه گهرجي اهو سڀئي سائنس چوي ٿي اسان فيلحال سائنس جو چوڻ ڪريون ٿا، جڏھن ڪورونا وائرس جو ناس ٿي ويندو پوءِ اسان پنهنجي گيان سان هن وبا جو وجود ۽ خاتمو ظاهر ڪنداسين!!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *