تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ڪورونا وائرس جي وبا ۽ مڇي جي غذائي اهميت … ڊاڪٽر يونس لغاري

ڪورونا وائرس ھڪ وبائي مرض آھي جنھن سڄي دنيا کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي. ھن وبا جي سڀ کان خراب ڳالھه اھا آھي ته اھو مرض ھڪ فرد کان ٻئي فرد ڏانھن جلدي منتقل ٿئي ٿو، جنھن جي ڪري اھو تيزي سان ڦھلجي رھيو آھي. ھن مرض جو بنيادي ڪارڻ ھڪ جيو گھرڙي جو جاندار “وائرس” آھي. وائرس اھي جيو گھرڙا آھن جن جي ڪا به خاص شڪل نه ٿيندي آھي يا اڪثر پنھنجون شڪليون مٽائيندا رھندا آھن. ڪورونا وائرس ۾ اھا خاصيت آھي ته اھو پنھنجي شڪل تيزي سان بدلائي ٿو. انھي ڪري سائنسدان اڃان تائين ان جي لاءِ ڪا وئڪسين تيار نه ڪري سگھيا آھن. ان موذي مرض جو ڪو به علاج نه ھئڻ ئي ھڪ وڏي خطري ۽ پريشاني جي ڳالھه آھي. اھڙي ڳڻتي واري صورتحال ۾ به سائنسدان پنھنجي تحقيقي عمل جو دائرو، مختلف پاسن کان وڌائيندا رھيا. تحقيق مان اھو ثابت ٿيوآهي ته ھن مرض جو کاڄ اڪثر پوڙھا ماڻھو ٿيا آھن. وڏن عمر جي ماڻهن ۾ قوت مدافعت جوان ماڻھو جي ڀيٽ ۾ گھٽ ھوندي آھي. انھي تحقيق مان سائنسدان انھي نتيجي تي پھتا ته ڪورونا وائرس جھڙو موذي مرض قوت مدافعت تي انحصار ڪري ٿو. ان ڪري محققن ۽ سائنسدانن ان موذي مرض کان بچڻ لاءِ پنھنجو قوت مدافعت مضبوط ڪرڻ جو مشورو ڏنو ته جيئن ڪنهن حد تائين ان مرض کي روڪي سگهجي، جيستائين ان جو ڪو باقائده علاج دريافت ٿئي. ھن مرض جو ھڪ ٻيو وڏو خطرناڪ پاسو اھو به آھي ته اھو اوچتو ظاھر ٿيندو آھي ۽ ماڻھو جي زندگي ڳڙڪائي ويندو آھي. سواءِ ڪجھه اوائلي نشانيون آھن، جيئن کنگهه، زڪام ۽ بخار جو لاڳيتو رھڻ. ان ڪري احتياط طور اھو به مشورو ڏنو ويو آھي ته اھڙي قسم جي نشانين ظاھر ٿيڻ تي ماڻھو پنھنجو پاڻ کي ھڪ جڳھه تي محدود ڪري ڇڏي ۽ ١٥ ڏينھن تائين ڪنهن سان به نه ملي ڇا ڪاڻ ته ان وائرس جي زندگي جو دائرو ١٥ ڏينھن ھوندو آھي.
اھڙي صورتحال ۾ جڏھن ڪورونا وائرس جهڙي موذي مرض جو ڪو به علاج نه ھجي سواءِ قوت مدافعت کي مضبوط ڪرڻ جي ته پوءِ مڇي ھڪ بھترين غذا آھي. ٻيا گوشت به (مرغي، وڏو يا ننڍو گوشت) به غذائيت سان ڀرپور آھن ته پوءِ رڳو مڇي ڇو؟ ان سوال جو مختصر جواب هي آهي ته مڇي اھو واحد گوشت آھي جنھن جي گهڻي کان گهڻو واپرائڻ سان به نقصان نه آھي. مڇي اھا واحد ڀرپور غذا آھي جيڪا ڪوليسٽرول کان پاڪ آھي. جنھن جي ڪري مڇي ڪيتري به کائڻ سان ڪڏھن به دل جون بيماريون نه ٿينديون. بلڪه دل جي مرض لاءِ ھڪ بھترين علاج پڻ آھي ڇاڪاڻ ته مڇي اھو واحد گوشت آھي جنهن ۾ اوميگا-٣ (Omega-3) ھوندو آھي. جيڪو نه صرف ڪيترين ئي بيمارين جو علاج آھي بلڪه قوت مدافعت کي پڻ مضبوط ڪندو آھي. مڇي کائڻ سان ماڻهو ڪڏھن به ٿلھو نه ٿيندو آھي نه وري ڪي ساھه جون بيماريون ٿين ٿيون. مڇي جو گوشت مختلف نمڪايتي مادن سان ڀرپور ھوندو آھي جنهن جي ڪري ڪڏھن به ھاضمي جو مسئلو نه ڪندو آھي. مڇي جو گوشت بازار ۾ ٻارنھن ئي مھينا موجود آھي ۽ ٻين گوشت جي ڀيٽ ۾ سستو پڻ آھي. جنھن جي ڪري عام ماڻھو به آساني سان خريد ڪري ۽ واپرائي سگھي ٿو. ھتي ھڪ ڳالھه واضع ڪندو ھلان ته اسان جا اڪثر ماڻھو وڏي مڇي خريد ڪندا آھن ۽ سمجھندا آھن ته شايد اھا ننڍي مڇي کان وڌيڪ ڀلي آھي يا وري ڪجھه ماڻھو خاص مڇيون وٺندا آھن جيڪي ذائقي جي اعتبار کان مھانگيون ھونديون آھن. جڏھن ته غذائي اعتبار کان سڀئي مڇيون ھڪجيتريون ئي فائديمند آھن. اڃان به ننڍي سائز جون مڇيون پروٽين جي غذائي اعتبار کان وڏي سائز جي مڇين کان وڌيڪ ڀليون ھونديون آھن.
جيئن ته ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ حڪومت طرفان لاڪ ڊائون پڻ ڪيو ويوآھي ۽ اھڙي صورتحال ۾ گھر کان ٻاھر نڪرڻ ۽ ورزش ڪرڻ ڏکيو آھي. ظاھر آھي جيڪڏهن اھڙي صورتحال ۾ اسان اھڙا کاڌا کائينداسين جن کي ھضم ڪرڻ لاءِ ورزش جي ضرورت پوي ۽ نه ڪرڻ سان وري ان جا سائڊ افيڪٽ ٿين،جيئن ٿولھه جو وڌڻ ۽ گئس سان گڏوگڏ ھاضمي جا مسئلا پڻ شامل آھن. اھڙي صورتحال ۾ ھڪ ھنڌ گھر ۾ ويھي مڇي جو واپرئڻ نه صرف اسان کي ٻين بيمارين کان بچائيندو بلڪه قوت مدافعت مضبوط ڪري ڪورونا وائرس جھڙي موضي مرض کان پڻ پري رکندو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *