تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

ڪورونا وائرس جو هڪ ٻيو مسئلو، موسمي اڳڪٿين جو غلط ٿيڻ … علي رضا قاضي

ڪوروناوائرس جتي سڄي دنيا کي سخت مونجهارن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. زندگيءَ جا ڪيترائي شعبا ڪوروناوائرس جي ڪري متاثر ٿي رهيا آهن، اتي موسميات کاتي جون اڳڪٿيون پڻ غلط ثابت ٿي رهيون آهن. هن وقت اسان وٽ پڻ پوري دنيا جيان موسم جو حال گهڻو ڪري سمارٽ فونن جي ذريعي مختلف اپليڪيشنس يا ويب سائيٽ جي ذريعي حاصل ڪيو وڃي ٿو، جيڪو موسمن جي شدت، مطلب گهڻي گرمي يا گهڻي سرديءَ جو حال معلوم ڪرڻ جي ضرورت تائين وڌيو وڃي.پاڻ ڄاڻون ٿا ته موسمي ويب سائيٽن تي برساتن ۽ طوفانن جي اڳڪٿي پڻ ٿيندي آهي، جنهن ۾ خاص ڪري زرعي شعبي کي گهڻو فائدو رسي ٿو. موسم جي حال ۾ گرمي پد، گهم جو تناسب ۽ هوا جي اسپيڊ جو حال ٻڌايو ويندو آهي، ساڳي ريت مختلف ويب سائيٽن تي ڏينهن کان مهينن جي موسم جون پيشنگوئيون پڻ ڪيون وينديون آهن. هن وقت جڏهن سڄي دنيا ڪوروناوائرس جي لپيٽ ۾ آهي ته ان جي اثرن کان موسم جو حال ٻڌائيندڙ ويب سائيٽون ۽ مختلف ايپليڪيشنون پڻ نه بچي سگهيون آهن. اهو هن طرح جو ڌرتيءَ جي چوڌاري چڪر ڏيندڙ موسمي سيٽلائيٽن کان علاوه ڏينهن رات هڪ شهر کان ٻئي شهر، هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ اڏام ڪندڙ مسافر هوائي جهاز بند ٿي ويا آهن، جيڪي پڻ موسمي اڳڪٿين ۾ مدد ڏيندا رهيا هئا.
موسميات جي ماهرن موجب: پوري دنيا ۾ ملتوي ٿيندڙ ڪمرشل فلائيٽون، جن ۾ لڳل اوزارن جي معرفت گرمي پد ۽ هوا جي ڊيٽا حاصل ڪئي ويندي ۽ انهن کي ڏسي موسم بابت اڳڪٿي ڪئي ويندي هئي. هاڻي هنن وٽ موجود ناهي!آمريڪا ۾ قائم ادارو نيشنل ويڌر سروس جي هڪ اندازي مطابق هر سال 250 ملين مختلف انگ اکر،ڪمرشل هوائي جهازن جي چڪرن مان حاصل ڪندو رهيو هو، جن جي بنياد تي موسمي اڳڪٿيون ڪيون وڃن ٿيون.
ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائيزشن مطابق: اها دنيا لاءِ هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، جنهن ۾ اسان موسم جي مشاهدي ۾ گهڻائي توڻي بهتري ۾ ناڪام ٿي رهيا آهيون. ”ڪمرشل فلائيٽون بند آهن، پوءِ ان جو ڪو متبادل آهي؟“ جي جواب ۾ نيشنل اوسينڪ اينڊ ايٽماسڦرڪ ائڊمنسٽريشن (NOAA) جي ترجمان عورت لارين گيچز جو چوڻ هو ته ”ڪمرشل فلائيٽس جي گهٽجڻ جي ڪري، هاڻي اسان پنهنجو گهڻو ڌيان ڪارگو جهازن ڏانهن ڪيو آهي، جيڪي سڄي دنيا ۾ مال برداريءَ جو ڪم ڪن ٿا. انهن کانسواءِ ريڊار، موسمي ڦوڪڻن ۽ سيٽلائيٽ کي پڻ وڌيڪ متحرڪ ڪيو آهي پر ان ۾ به ڪجهه وقت لڳندو. تيسيتائين ضرور اها ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي.“
آمريڪا ۾ قائم مختلف موسمياتي ادارن جيان ، يورپ ۾ موجود موسم جي ڄاڻ ڏيندڙ ادارن وٽ پڻ ساڳي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. جنهن ۾ موسم بابت اڳڪٿين جي درست هجڻ ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته يورپين سينٽر فار ميڊيم رينج ويڌر فارڪاسٽ کي ملندڙ ريڊنگ ۾ 80 سيڪڙو ڪمي واقع ٿي آهي. موسميات جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪوروناوائرس جي نتيجي ۾ ڦهليل وبا ڪافي عرصي تائين جاري رهي ٿي ۽ نتيجي ۾ مسافر بردار جهاز نٿا هلن ته موسم جي اڳڪٿين متعلق ايندڙ وقت گهڻو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته موسم جي حال سان نه فقط هڪ عام ماڻهوءَ کي دلچسپي آهي، پر گرميءَ ۾ سامونڊي طوفانن توڻي شديد برساتن جو به ٺيڪ طرح اندازو نه ڪري سگهبو، جنهن ڪري وڏي پئماني تي تباهيءَ جو انديشو پڻ آهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *