تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ڪورونا وائرس جون تپاسون ڪرائڻ ڪيتريون درست ٿين ٿيون؟ … ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

ڪنهن به وچڙندڙ بيماريءَ جيان ڪورونا وائرس جي تپاس مان اها ڄاڻ رکي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اها خطرناڪ بيماري ڪيتريءَ حد تائين پکڙجي چڪي آهي. ڪنهن متاثر فرد جو ڪووڊ ـ 19 ۾ مبتلا هجڻ جي حالت ۾ کيس نويڪلو ڪري ڇڏجي ٿو، خاص طور تي اهڙن فردن کي جيڪي هن بيماريءَ جون ڪي به مک نشانيون ظاهر نٿا ڪن پر سندن جسم ۾ وائرس موجود هجي ٿو. ماڻهن جي اجتمائي يا ٿوڪ جي حساب سان تپاس ڪرڻ مان ايترو فائدو ٿئي ٿو ته لاڳاپيل ادارا گهربل وسندين يا آبادين ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪن ٿا ته جيئن وائرس جي ڦهلاءَ کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي سگهجي.جيئن ڊاڪٽر ائنٿوني وولڪ، يونيورسٽي آف ٽيڪساس سان آنٽونيو جو ٻڌائي ٿو ته، “تپاس ڪرڻ سان دشمن ظاهر ٿي پوي ٿو” سندس چواڻي هن وقت تائين ڪيل تحقيق مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪي ملڪ ان سلسلي ۾ مسلسل تپاسون ڪندا رهن ٿا اهي سراسري طور تي نه رڳو هن وائرس جي موجودگيءَ کان هوشيار رهن ٿا ته ان جي پکيڙ کي به اثرائتي انداز سان منهن ڏئي وائرس جي زور کي گھٽائي سگهن ٿا.
جيسيتائين ناول ڪورناوائرس جي تپاسڻ جو تعلق آهي ته ان لاءِ ٻن مک قسمن جون تپاسون ڪيون وڃن ٿيون جن ۾ هڪ اها تپاس آهي جنهن رستي ڪنهن به فرد جسم ۾ موجود ڪوروناوائرس جي روڳ جي ڄاڻ رکي سگهجي ٿي ته ٻي ائنٽي باڊي تپاس سڏجي ٿي جنهن مان ان ڳالهه جي ڄاڻ پوي ٿي ان فرد کي ماضي ۾ ڪڏهن ڪوروناوارس جو روڳ ٿيو آهي. جڏهن اهي تپاسون درست طريقي سان ڪجن ته انهن جا نتيجا به بلڪل درست اچن ٿا. عام طور تي طبي ماهر ڪنهن به اهڙي فرد جي تپاس ڪن ٿا جنهن کي هن بيماريءَ جون نشانيون ظاهر ٿيندڙ هجن يا ڪنهن اهڙي ماحول ۾ رهيو هجي جتي کيس ڪووڊ ـ 19 ٿيڻ جو شڪ هجي. جنهن لاءِ ٻن مک قسمن جي تپاسن مان هڪ کي ماليڪيولر ريئل ٽائيم پاليميريس چين ريئڪشن (RT-PCR) ته ٻيءَ کي ائنٽيجين تپاس (antigen test) سڏجي ٿو. انهن ٻنهي تپاسن ڪرڻ لاءِ تپاس ڪرائيندڙ فرد جي ناس ـ نڙيءَ (nasopharyngeal) جي ڀانڊي جي اونهائيءَ مان ڪپهه جي پهي رستي پڪ يا لعاب ذري حاصل ڪئي وڃي ٿي. ناس ـ نڙيءَ جو ڀانڊو، اهو ماڳ ٿئي ٿو جتي نڙي، ناسن جي ڀانڊي سان ملندڙ ٿئي ٿي. جيئن ته نموني حاصل ڪرڻ وارو هنڌ حساس ٿئي ٿو، ان سبب ممڪن ٿئي ٿو ڪجهه اهنج محسوس ڪري سگهجي. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ وات يا ناسن مان ورتل نمونو ايترو اثرائتو ثابت نٿو سمجهيو وڃي جنهن جو سبب منجهن نسبتي طور تي وات ۽ نڪ ۾ وائرس جو گھٽ مقدار ۾ هجڻ سمجهيو وڃي ٿو. تپاس جي مڪمل درست اچڻ لاءِ وقت به اهم ڳالهه سمجهي وڃي ٿي، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن فرد جي وائرس ۾ وائکي ٿيڻ کانپوءِ بهتر ٿئي ٿو ته ان جي اٺين ڏينهن تي تپاس ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته ان عرصي دوران وائرس جو تعداد گھڻو وڌي وڃي ٿو ته تيزي سان واڌ به ڪندو رهي ٿو. ان بجاءِ جڏهن تپاس گھڻي اوير يا سوير ڪجي ٿي تڏهن ممڪن آهي ته ان جو نتيجو غلط ـ ناڪاري (false-negative) اچي.
ڪووڊ ـ 19 جي تشخيص جي وڌ ۾ وڌ عام ٿيندڙ تپاس، آر ٽي ـ پي سي آر آهي جنهن رستي هن وائرس جي موروثي مادي جي موجودگيءَ جي ڄاڻ پوي ٿي. انهن تپاسن جي نتيجن حاصل ڪرڻ ۾ 2 کان 3 ڏينهن لڳي سگهن ٿا ۽ جڏهن درست طريقي سان ڪئي وڃي ته پي سي آر جهڙوڪر 100 سيڪڙو درست ملي ٿي. ورلي، غلط ـ هاڪاري نتيجو به ملي سگهي ٿو جنهن جو سبب اهڙي فرد جو ماضيءَ ۾ ڪووڊ ـ 19 ۾ مبتلا هجڻ ٿئي ٿو. هن تپاس جي ڀيٽ ۾ پي سي آر تپاس رستي وائرس جي مٿاڇري تي موجود مخصوص قسم جي پروٽينن جي جاچ ڪئي وڃي ٿي جنهن سبب هن تپاس مان وائرس هجڻ جي ترت خبر پوي ٿي پر هيءَ تپاس ايتري درست نٿي سمجهي وڃي. عام طور تي ائنٽيجن تپاس جا نتيجا ڪجهه ڪلاڪن اندر ملي وڃن ٿا. جيڪڏهن تپاس هاڪاري اچي ٿي ته درست سمجهي وڃي ٿي. پر ناڪاريءَ جي حالت ۾ نه رڳو گھٽ درست سمجهي وڃي ٿي ته ان جي غلط ـ ناڪاري هجڻ جا موقعا به 20 کان 30 سيڪڙي تائين موجود هجن ٿا، ان سبب هيءَ تپاس گھڻي عام نٿي ڪئي وڃي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *