تازا ترين
  • *ميرپورخاص: محمود آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 27 ورھين جو فوت *ڄام ڏاتار واسي سرور شاھ ساهرن جي جي گھر گهمڻ آيو هو، موبائيل فون چارج ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳو *
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*

ڪورونا وائرس بائيولاجيڪل هٿيار يا قدرتي وبا! …تحرير: زائر مهيسر

ڪو به سماج سدائين هڪ جهڙو نه ٿو رهي سگهي. تبديلي هڪ اڻٽر ڪائناتي ۽ معروضي حقيقت آھي. انساني ارتقا جو سفر ٻڌائي ٿو ته مختلف سماجن اندر مختلف ارتقائن جو جنم ٿيندو رهيو آھي ۽ پڻ جاري و ساري رهندو. انهن ارتقائن جي ڪري ڪڏهن سماج مثبت ته ڪڏهن وري منفي رخ ۾ تبديل ٿيا آھن. تاريخ جا ورق اٿلائجن ته معلوم ٿيندو ته انسان جڏهن به قدرت جي نظام ۾ هيرا ڦيري ڪئي آھي. تڏهن انساني زندگي مختلف مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي ور چڙھي آھي ڇاڪاڻ ته ڪائنات جي هر شيءَ کي پنهنجي محور ۾ رکيو ويو آھي ۽ هڪ نظام تحت هن ڪائنات جي چرخي کي هلائڻ لاءِ حدون پڻ مقرر ڪيون ويون آھن پر جڏهن به انسان قدرتي نظام سان بغاوت ڪئي آھي تڏهن انيڪ ۽ مختلف قسمن جي وبائن منهن ڪڍيو آھي. ماضي تي نظر وجهجي ته معلوم ٿيندو ته چوڏهين صدي ۾ ٽائون جي بيماري ڪروڙين انساني زندگين جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو هو. 1918ع ۾ پهرين مهاڀاري ويڙهه دؤران Spanish Flue جي بيماري ڦھلي، جنهن دنيا جي گولي کي تباھه ڪري ڪروڙين انسانن کي متاثر ڪري ڇڏيو ۽ هنيئر ڪوروناوائرس جي وبا سموري دنيا جي تقريبن 8 ارب آبادي جون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون آھن.
چين جي شھر ووهان مان شروع ٿيندڙ ڪوروناوائرس بابت ملڪي توڙي بين الاقوامي ميڊيا ۾ بحث مباحثا ٿي رهيا آھن ۽ وڏي انگ ۾ ڪوروناوائرس بابت مواد شايع ٿي چڪو آھي. ان کان علاوه صحت جي عالمي اداري WHO پاران ڪوروناوائرس جي بچاءُ کان حفاظتي تحفظ ۽ تدبيرون پڻ ٻڌايون آھن. جيڪي هتي لکڻ ضروري نه پيو سمجهان. پاڻ اچون پيا بنيادي مقصد ڏانهن ته ڪوروناوائرس بائيولاجيڪل هٿيار آھي يا قدرتي وبا. ان بابت مختلف مڪتبه فڪر جا ماڻھو پنهنجي پنهنجي ڄاڻ ۽ علم مطابق ڪوروناوائرس وبا کي پنهنجي تحقيق جي سانچي ۾ ڦٽ ڏيکارڻ لاءِ مختلف قسم جا سبب ۽ لاجڪز ٻڌائي رهيا آھن. پاڪستان جي سوشل ايڪٽيوسٽ عاطف توقير جي ڪوروناوائرس بابت ويڊيو ڪلپ نظر مان گذري ته ضروري سمجهو ته ان وبا بابت ڪجھه لکجي. اڄوڪي هن ويهڪ ۾ پاڻ سائنس جي روشني ۾ ڪوروناوائرس جو جائزو وٺنداسين.
وائرس تمام ننڍڙا خوردبيني سان نظر ايندڙ زخم/نقصان پهچائيندڙ ايجنٽ آھن جيڪي ميزبان جي جسم ۾ واڌ ويجھه ڪن ٿا ۽ مختلف قسم جي بيمارين کي جنم ڏين ٿا. وائرس کي بنيادي طور چئن گروپن ۾ رکيو ويو آھي جيڪي Alpha, Beta, Gamma, ۽ Delta جي نالن سان ورهايل آھن. انساني جسم جي اندر RNA ۽ DNA وائرس جي واڌ ويجھه جي نتيجي ۾ مختلف قسم جون بيماريون پيدا ٿين ٿيون. DNA وائرس پروٽين جي ٻن ڌاڳي نما لڙين تي مشتمل هوندو آھي جنهن ۾ جينياتي معلوماتي هوندو آھي جنهن ذريعيHuman Cell جي ڪمن کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته RNA وائرس پروٽين اڪيلي ڌاڳي نما لڙي تي مشتمل هوندو آھي. ڪوروناوائرس RNA Virus جو قسم آھي. ان وائرس جي اندر Mutation جي رفتار انساني DNA کان هڪ ملين کان به وڌيڪ تيز هوندي آھي. جنهن سبب انساني مدافعتي نظام (Immune System) ان وائرس خلاف آساني سان ڪم نه ٿو ڪري سگهي. چيني سائنسدانن پاران ان وائرس جي Genome sequence جاري ڪئي آھي ۽ ان sequence جي بنياد تي دنيا جا مختلف سائنسدان ڪوروناوائرس وبا خلاف جنگ وڙھي رهيا آھن ۽ ممڪن آھي ڪجھه ڏينهن اندر وئيڪسين تيار ٿيڻ جي دعوا ڪئي وڃي.
هڪ رپورٽ Science Natural Medicine مطابق جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڪوروناوائرس جي سطح تي پروٽين جي uneven surface بڻجندڙ Genome sequence انتهائي پيچيدھ ۽ ڳنڀير آھي. ان وائرس جي گولائي سان ڪافي ساريون پروٽين جون uneven surfaces آھن جنهن ذريعي Human cell سان جڙي ٿو ۽ انهي جي مدد سان جسم جي اندر داخل ٿئي ٿو. سائنسدانن مطابق ان پروٽين جي uneven surfaces جي سبب پنهنجي حدف کان وڌيڪ مؤثر هجڻ جي نتيجي ۾ انسان اهڙي تخليق جو باعث نه ٿو ٿي سگهي. اهو ئي سبب آھي ته هي وائرس وقت سان گڏ ارتقا جي صورت ۾ پيدا ٿيو آھي.ڪوروناوائرس جي بناوت انتهائي ڳنڀير ۽ پيچيدھ هجڻ سبب هر ان وائرس کان مختلف آھي جيڪو انسان تخليق ڪرڻ جي سگھه رکي ٿو. جڏهن به انسان ڪو بائيولاجيڪل هٿيار ٺاهيندو آھي ته هو اهڙي قسم جو هوندو آھي جيڪو پهريان موجود پيدا ٿيندڙ بيمارين جو باعث بڻجندڙ وائرسز جي شڪل ۾ هوندو آھي. جڏهن ته ڪوروناوائرس Chingadros ۽ Pangolins جانورن ۾ موجود وائرس تقريبن %96 جهڙو ئي آھي. اهو وائرس انهن جانورن کان ڪنهن ٻي جانور جي سبب انسانن ڏانهن منتقل ٿيو آھي.
چين جي شھر ووهان مان پکرجندڙ ڪوروناوائرس بابت ڪجھه سائنسدانن جو خيال آھي ته اهو وائرس Wuhan Institution of Virology Bio safety Laboratory مان حادثاتي طور ان ليبارٽري کان ٻاهر نڪري پاڻ ۾ ارتقا جي شڪل اختيار ڪري انسانن ۾ بيمارين جو باعث بڻيو آھي ڇاڪاڻ ته ان ليباريٽري ۾ مختلف جراثيمن ۽ وائرسز تي تحقيق ٿيندي رهي آھي جنهن جي ڪارڪردگي تي مختلف تحفظات ۽ خدشات پڻ رهيا آھن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *