تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪورونا وائرس، بوعلي سينا ۽ البيروني جي ڳالهه ٻولهه.!..تحرير: سيد علي جيلاني سنڌيڪار: حبيب مرکنڊ

بوعلي سينا ۽ البيروني جي وچ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه اڄ هزارن سالن کان پوءِ به ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ رهنمائي ڪري رهي آهي. اڄ پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس ڦهلجي چڪو آهي ۽ ان جي ڪا ويڪسين به تيار ناهي، ان کان بچڻ جو فلحال هڪ ئي طريقو آهي ۽ اهو احتياط ۽ قرنطينا آهي. هي طريقو به ابن سينا جو ٻڌايل طريقو آهي. ابن سينا هڪ هزار سال پهرين قرنطينا جو تصور پيش ڪيو هو ته ڪنهن به وبائي بيماري جيڪا هڪ انسان کان ٻئي انسان ۾ منتقل ٿئي ان لاءِ سڀ کان پهريان چاليهه ڏينهن تائين جدائي اختيار ڪرڻ گھرجي. ابن سينا جو سڀ کان پهرين اهم ڪتاب “القانون في الطب” آهي جيڪو 1025 ۾ لکيو ويو. ابن سينا جي ان ڪتاب مان دوا تيار ڪندڙ ڪمپنيون هاڻي به مستفيد ٿي رهيو آهن. ان ڪتاب ۾ ابن سينا قرنطيناجي متعلق پنهنجو نظريو پيش ڪيو، ابن سينا ان عمل لاءِ لفظ “الااربعينيةal-arb’iniya” يعني چاليهه ڏينهن رکيو، جڏهن هي ڪتاب ٻارهين صدي اطالوي زبان ۾ ترجمو ٿيو ته چاليهه ڏينهن جي ان عمل جو ترجمو قرنطينا ڪيو ويو
تيرهين صدي ۾ جڏهن اٽلي ۾ طاعون جي وبا ڦهلي ته اطالوي تاجرن ذريعي قرنطينا جو لفظ ۽ ان جو طريقو پوري يورپ ۾ ڦهلجي ويو. ابن سينا ئي هو جنهن سڀ کان پهرين پتو لڳايو ته يرقان ڪيئن هوندو آهي ان ئي ڪافي سارين جان وٺندڙ بيمارين جي علاج دوران مريض کي بيهوش ڪرڻ جو طريقو ٻڌايو. اڄ کان 64 سال پهرين 1956ع ۾ سويت يونين بو علي سينا جي زندگي ۽ نظريي تي هڪ فلم ٺاهي هئي. ان فلم جي هڪ منظر ۾ پنهنجي هڪ ساٿي کي ابن سينا چوي ٿو ته ” مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته متعدد بيماريون ننڍي مادي (وائرس) ذريعي پيدا ٿين ٿيون ۽ ڦهلجن ٿيون، ابن سينا وڌيڪ چوي ٿو ته هي ننڍڙا مادا انساني اک سان ڏسڻ ۾ نه ايندا آهن ۽ انهن جو تعداد گھڻو زياده هوندو آهي، ابن سينا ٻڌائي ٿو ته هي مادا ( اڄ جي زبان ۾ وائرس يا جراثيم) هر شيءِ ( هٿ، منهن، وار ۽ لباس) ۾ موجود آهن، ان کان پوءِ ابن سينا ٻڌائي ٿو ته هي ننڍا ننڍا مادا بخار ۽ ڪارو موت (طاعون) جهڙيون بيماريون جو سبب بڻبو آهي”. هن ئي فلم جي هڪ منظر ۾ ابن سينا مشهور عالم ابو الريحان البيروني سان ملڻ ويو، جڏهن البيروني پنهنجي مهمان سان هٿ ڏيڻ ۽ ان سان ڀاڪر پائڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته ابن سينا هٿ ملائڻ کان پرهيز ڪئي ۽ پاڻي سان گڏ صاف ڪپڙو کڻي اچڻ جو چيو ته جيئن پنهنجا هٿ ۽ چهرو ڌوئي سگهان، البيروني ابن سينا جي جي درخواست تي حيران ٿي ويو، سبب پڇڻ تي ابن سينا جواب ڏنو ته جتي ڪارو موت (طاعون) لڪيل هجي اتي هٿ ملائڻ ۽ ڀاڪر پائڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. البيروني جي سوال تي ابن سينا وبا جي روڪجڻ بابت ڪجهه هدايتون ڏنيون، ان چيو ته وبا جي ڏينهن ۾ ماڻهن ۾ خوف ۽ انتشار نه پکيڙجي، ابن سينا ٻڌايو ته هي بيماري هڪ ٻئي کي هٿ ڏيڻ، وار ۽ هوا سان لڳي سگهي ٿي ان لاءِ ملڻ جلڻ کي محدود رکيو وڃي، وبا جي ڏينهن ۾ بازارن ۽ مسجدن کي بند رکيو وڃي ۽ هجوم نه ڪيا وڃن ۽ نوٽن کي به صاف رکيو وڃي. ابن سينا چيو ته گھر ۾ مريض جو خيال رکڻ وارو سرڪي ۾ پسيل ڪپڙي سان پنهنجا هٿ، نڪ، ۽ عضون کي صاف ڪري ۽ ڏندڻ کي به سرڪي مان ڌوئڻ جو مشورو ڏنو آهي. ابن سينا جو هڪ مشهور قول آهي ته “شڪ ۽ وهم اڌ بيماري آهي، يقين اڌ دوا آهي ۽ صبر شفا جو آغاز آهي”. ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ طبي ماهرين به مشورو ڏين ٿا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *