تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

ڪورونا سبب صدمي ۾ ورتل دنيا….نسيم صلاح الدين

ايئن پيو لڳي ڄڻ زمين ڦيرو ڏيڻ ۽ چڪر لڳائڻ بند ڪري ڇڏيو آھي.اسان جي متاثر زندگين مٿان اداسي جو احساس ڇانيل آھي ڇاڪاڻ جو اسان ھر صبح وبا کان اڳ واري وقتن جي خواھش ڪندي اٿون ٿا.افسوس جو ھر ڏينھن ٻئي ڏينھن جيان ڀيانڪ ڏيک ڏئي ٿو .يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ ڪووڊ-19 جي پکيڙ جي نتيجي ۾ موت جي شرح ۾ وڏي اضافي سبب خوف ۽ دھشت جو راڄ پنھنجي انتھا تي آھي.پاڪستان ۾، ٽن قسمن جا مرض مخالف رويا نمايان آھن: خوشگوار اطمينان، صفا واضح انڪار ۽ ھوڏ واري انحرافي، جڏھن ته غير سائنسي نمائشي سنيھا پاڳل پڻي ۽ ديوانگي وارن جذبن کي ڀڙڪائن ٿا. مان ھتي گھڻا پڇيا ويندڙ سوالن جي حوالي سان عقلي ۽ سائنسي وضاحتون پيش ڪيان ٿي.
نزلي وارو وائرس توڙي ساھه واري سرشتي سان جڙيل ڪيترائي وائرس مخصوص گروپن سان تعلق رکن ٿا، جيتوڻيڪ اڪثر وائرس ساڳي نوعيت جي علامتن کنگھه، بخار ۽ جسماني سور کي جنم ڏين ٿا ۽ فقط انھي وقت انھن جي صحيح نموني تشخيص ٿئي ٿي جڏھن انھن جون خاص ۽ حدفي ليبارٽري ٽيسٽون ٿين ٿيون.ناول سارس ڪووڊ-2 وائرس ڪورونا وائرس خاندان سان واسطو رکي ٿو ۽ ان کي ڪووڊ-19 جو نالو ڏنو ويو آھي.ساھه وارا سمورا وائرس نڪ جي پوشيدگي (نَسل سيڪريشنس) يا بلغم (اسپٽم) ذريعي ھڪ ٻئي ڏانھن منتقل ٿين ٿا پر ڪورونا وائرس جو ھي نئون قسم ھن وقت تائين آساني سان منتقل ٿيڻ ۽ وڏي پئماني تي وچڙندڙ آھي.
ڪووڊ-19 سائنسدانن لاء پراسرار بڻجي ويو آھي.ھن وقت تائين، جسم تي فقط ان جي عام اثرن جي معلومات ملي آھي، جڏھن کان ان جي ڍانچي کي سڃاتو ويو آھي، تشخيصي آزمائشن جي سلسلي جي آغاز ۾ اڳڀرايون ٿيون آھن.ان کي موسم مطابق سمجھڻ ۾ شايد ھڪ سال يا ان کان به وڌيڪ عرصو لڳي ويندو، مثال طور سخت آبھوائن ۾ اھو ڪيئن سفر ڪندو؟وڌيڪ تشويشناڪ ۽ منجھائيندڙ معاملو اھو آھي ته اھو انھن علائقن ۾ وري واپسي ڪندو جتي ان جي موجودگي کي گھٽايو يا مڪمل طور خاتمو آندو ويو آھي ۽، سڀ کان دلچسپ سوال اھو به آھي ته ان جي ھڪ ڀيري حملي جي صورت ۾ علاج کان پوءِ مڪمل ۽ مستقل مدافعت عطا ٿيندي يا نه؟.
ڪو به مريض وچڙندڙ مرض سان منھن ڪيئن ٿو ڏي، اھو وائرل ھجي يا بيڪٽريا جي ذريعي، سو جراثيمن (مائڪرو آرگينزمس) جي مقدار، مزاحمت ۽ طاقت تي دارومدار رکي ٿو جيڪي ڪنھن جسم تي ڪاھه ڪن ٿا ۽ ميزبان فرد جي دفاعي يا ڇوٽڪاري وارن سيلس جي مٿان حاوي ٿي وڃن ٿا.
جراثيمن جو خاتمو ڪندڙ چونڊ دوائون بيڪٽريا جي وجود جو انت ته آڻين ٿيون پر وائرسز جو نه.ايڊز وائرس خلاف ثابت ٿيل اينٽي وائرل موجود آھن، پر ڪووڊ-19 جي خاتمي جي حوالي سان اھڙي ڪا دوا يا ويڪسين اڃا تائين عمل ۾ نه آئي آھي.
وائرس سان مقابلي ڪرڻ جو ھن وقت فقط واحد رستو ان کان پري ڀڄي پاسو ڪرڻ آھي.
جڏھن وبا چين ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ جوش کاڌو، اتان نڪرندڙ طبي ادب اھو ظاھر ڪيو ته 80 سيڪڙو کان مٿي مريض ھلڪن علامتن سبب ڀوڳنائون سٺيون ۽ ڪنھن خاص علاج کان سواءِ ئي صحتياب ٿي ويا ۽ 14 سيڪڙو مريض ايترا ته متاثر ھئا جو انھن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، انھن کي مليريا، وائرل، سائٽوڪن مخالف تجرباتي ميلاپن ۽ پلازما ٿيراپي جا وزن ڏنا ويا.ٿورا تندرست ٿي ويا پر اھو واضح نه آھي ته علاج لاءِ ڪھڙي دوا تي اعتبار ڪري سگھجي ٿو.پنج سيڪڙو مريض سخت نمونيا سبب نازڪ صورتحال جو شڪار ھئا ۽ انھن کي ساھه کڻڻ واري سھولت فراھم ڪرڻ خاطر آئي سي يوز ۾ داخل ڪري وينٽيليٽرس تي رکيو ويو ۽ انھن مان تقريبن اڌ گذاري ويا. حيرت جي ڳالھه آھي، يورپي ملڪ وائرس جي حملي ۽ موت جي شرح اڃا وڌيڪ ٻڌائي رھيا آھن،جڏھن ان طوفان ۾ ڍرائي ايندي ته پوءِ ئي اسان نتيجن ۾ آيل فرقن جو تجزيو ڪرڻ جي قابل ٿينداسين.
ڪووڊ-19 وبا سبب مغربي دنيا جي سائنسدانن جا مٿا چڪرائجي رھيا آھن ۽ ويڪسين تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڀرپور مٿي ماري ۽ ھڻ ھڻان ڪري رھيا آھن.
فرض ڪريو ته سائنسدانن سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪري ڇڏيو، پوء به ھن تلخ حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي ته ھن ويڪسين جو 2021ع کان اڳ ۾ تعين نه ٿيندو.ان وقت تائين، ڪووڊ-19 غائب ٿي ويو ھوندو يا عوامي سطح تي سگھه حاصل ڪري ويو ھوندو.
جيئن ته ويڪسين ۽ علاج اڃا تائين پري جا اشارا آھن، وائرس کان بچڻ جو فقط ھڪ ئي حل آھي ته پاڻ کي ظاھري طور تي متاثر ماڻھن کان جسماني ۽ سماجي مفاصلا قائم ڪرڻ گھرجن ۽ انھن کان به جن کي ھي علامتون نه آھن.روسي روليٽي وانگر، رڳو موقعو ٻيو شڪار ڳولي ٿو.ھر قسم جي وچڙندڙ بيماري روڪڻ لاءِ ذاتي ۽ ماحولياتي صفائي سٿرائي سدائين سٺو عمل سمجھيو ويندو آھي.
ھن مسئلي کي پيچيده بڻائڻ وارا بيڪار ۽ واندا ماڻھو آھن جيڪي وقت گذرڻ جي باوجود بي بنياد اڳڪٿيون ڪن ٿا، بي بنياد علاج ڏسن ۽ ڪن ٿا جيڪي آڱر جي ڪلڪ (دٻائڻ) سان پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس کان به وڌيڪ تيزي سان پکڙجن ٿا ۽ ڪمزور ذھن انھن جو شڪار ٿي وڃن ٿا. مھرباني ڪري مستند سائنسدانن جي ڳالھين تي ڌيان ڌريو.
اھو سمجھه کان ٻاھر آھي ته ھڪ نينو پارٽيڪل مخلوق دنيا کي چيري ڦاڙي ٿي ۽ بغير ڪنھن فرق ۽ متڀيد جي سڀ جو ساڳيو حشر ڪري ٿي. پر اسان ان تي ضرور ضابطو آڻي وينداسين ۽ ان جو حل ڪڍي وينداسين.(ليکڪ وچڙندڙ مرضن جي ماهر ڊاڪٽر آهي.)
سنڌيڪار؛ اظهر آزاد مغل

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *