تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ڪورونا جي ڏينهن ۾ اڪيلائي ….دريا خان شنباڻي

هڪ خبر ۽ تصوير جنهن اسان جو حد کان به وڌيڪ ڌيان ڇڪايو ۽ پوري دنيا ۾ وائرل ٿي آھي ته, چين جي شھر ووهان ۾ ڪورونا جي هڪ مريض ڊاڪٽرن کي پنهنجي آخري خواهش ڏيکاري ته کيس سج ڏيکاريو وڃي ۽ سندس اها خواھش پوري ڪئي وئي ۽ سوشل ميڊيا جي دنيا ۾ ان تصوير کي “آخري سج” جو نالو ڏنو. حالانڪ ڏٺو وڃي ته انساني خواهشن جي ڪا حد نه هوندي آھي تڏھن هڪ شاعر دانهن ڪندي چيو ته, “هزارون خواهشين ايسي ڪي هر خواهش په دم نڪلي” ۽ انسان ويچارو خواهشن جهڙن ڀلن گهوڙن جي سُنبن هيٺان روز پيو لتاڙجندو آھي. مون کي نه ٿو لڳي ته اهڙي خواهش ڪندڙ ووهان جو اهو مريض شاعر هوندو پر اهڙي قسم جون خواهشون شاعر ئي رکندا آھن جن کي جيڪڏھن پاڻ آرٽسٽڪ خواهشن جو نالو ڏيون به ته بهتر ٿيندو. جيئن هڪ شاعر وصيت ڪئي هئي ته مرڻ کان پوء سندس قبر تي ڪي گلاب پوکيا وڃن, اهي شاعر جيڪي شاعريء ۾ لفظن جا گلاب پوکي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين کي معطر ڪندا آھن. سج, چنڊ, روشني ۽ اڪيلائي ته شاعرن جا خاص موضوع به هوندا آھن ته محبوب به هوندا آهن جو هو سج جيان سڙندا آهن, محبوبن کي چنڊ سان تشبيھه ڏيندا آھن, روشنيء سان خاص رغبت رکندا آھن ۽ قومن کي اونداهين مان ڪڍي روشنين ڏانهن اتساهيندا آھن ۽ اڪيلائي يا خلوت واري وقت محبوبن سان تصوراتي رهاڻيون ڪندا آھن. سو شاعرن جي دنيا ئي الڳ هوندي آھي جيڪا ڏاڍي سهڻي به ٿيندي آھي ته ڀيانڪ به ٿيندي آھي. ان جي باجود به اڪيلائيء کي گهڻو بهتر ڀائيندا آھن.
ڪورونا وارن هنن ڏينهن ۾ هيء ڌرتي ڄڻ شاعرن جي خواهشن واري ڌرتي بڻجي وئي آھي جنهن ۾ هر ماڻھو تنها تنها ٿي ويو آھي ۽ اڪيلائي کڻي عام جي زباني موت برابر هجي پر ڪورونا وارن ڏينهن ۾ اڪيلائي زندگي بڻجي وئي آھي. هنن ڏينهن ۾ هر ماڻھو ڀل شاعر نه به هجي يا شاعري نه به ڪندو هجي پر شاعرن جي راهه جو راهي ضرور بڻجي ويو آھي. هنن اڪيلائي وارن ڏينهن ۾ هي گلوب (ڌرتيء جو گولو) ڄڻ گارشيا جي ناول وارو ڳوٺ ماڪوندو جيان ٿي ويو آھي ۽ هر ماڻھو ماڪوندو جي بڙ جي گهاٽي ڇانو ۾ ويٺو آھي.
زندگي جي ڀڄ ڀڄان ۽ ماڻھن جي ميڙ ۾ رهندي يقينن اسان پنهنجو پاڻ کان وسريل ئي رهياسين ۽ اهو به وساري ويٺاسين ته اسان به آھيون اسان کي به جان آھي پر روزي روٽي جي تلاش ۾ پاڻ کان پاڻ گمنام ٿي چڪا هئاسين سو ڪورونا جي ڏينهن ۾ ڄڻ اسان پنهنجو پاڻ کي ڳولي لڌو آھي, هاڻي پاڻ سان پاڻ حالي احوالي ٿي رهيا آھيون. سموري زندگي ٻين لاءِ جي جي اسان پنهنجو پاڻ کي به ماري ڇڏيو هو پر ڪورونا جي ڏينهن ۾ اهو ٿو لڳي ته اسان جيئرا آھيون. پاڻمرادو نه ئي سهي پر هڪ وبا اسان کي پنهنجن گهرن ۾ بند رکڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو جيڪا مجبوري اسان جي فائدي جي آھي. اسان يورپ جي باشندن جيان کڻي اڪيلائي جي عياشي نه ٿا ڪري سگهون جنهن ۾ چيو ويو ته اتي گهرن جي دروازن تي گرم گرم کاڌا رکيا ٿا وڃن, اتي بجلي ۽ گئس بلن جي ادائگي معاف ڪئي وئي آھي, انٽرنيٽ ۽ اخبارن جون سهولتون اتي جو اتي مليون ٿيون وڃن. پر هتي اسان ٽين دنيا جا باشنده اڀري سڀري موبائيل نيٽ ورڪ تي گذارو ڪري باخبر رهون ٿا ۽ کاڌي پيتي لاءِ هڪ فلمي گاني جي مثال جيان آھيون ته, “روکي سوکي روٽي تيري هاٿون ڪي, کاڪي آيا مزه بڙا”
اڪيلائي ۾ وقت گذارڻ به ڄڻ آرٽ آھي پر هر ماڻھو جي نصيب ۾ آرٽ ڪٿي!! اهي ماڻھو جيڪي اڪيلائي ۾ يا پنهنجي فيملي سان گڏ به بوريت محسوس ڪري رهيا آھن ته پوءِ ڀلا انهن جهڙو بدذوق به دنيا ۾ ٿي سگهي ٿو ڇا! حقيقت هي آھي ته پنهنجن گهروارن سان وقت گذارڻ لاءِ به هڪ بهانو کپندو هو سو بهانو ڪورونا جي ڪري ملي ويو آھي ۽ اهڙن بهانن ۾ انجواء ڪجي ته اڪيلائي ماريندي نه پر زندگي ڏيندي. سو پاڻ ڪنهن به صورت جنگ جي صورتحال ۾ ناهيون.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *