تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪورونا جا ڏينھن ۽ ملنگ بابا جو ديرو … مشتاق سعيد

گھٽي مان مڙندي ئي ملنگ جي مون تي نظر پئي ته ٽانڊن جھڙين ڳاڙھين اکين سان گھوريندي چيائين: گھر جيڪو گھرجئي؟ ملنگ جا وار چيڙھ سان ڀريل، وکريل ۽ اکيون ڳاڙھيون لال ھيون، وڏي وڌيل ڏاڙھي سندس اڌ چھري کي ڍڪي رکيو ھو، ڪاري رنگ جي جبي ۾ ھو پھتل فقير لڳي رھيو ھو. چيم: ملنگ بابا ٻه سئو روپيا کپن، ڏيندين؟ ملنگ جون اکيون ويتر ڳاڙھيون ٿي ويون ۽ چپ ٿڙڪڻ لڳس ڪاوڙ مان وراڻيائين: ملڪيت ۽ مايا انسان کي انسانيت مان ڪڍي ڇڏيو آھي تون اڃا به مايا جي گھر پيو ڪرين؟ چيم: اسان ڪارخاني مان نيڪالي ڏنل پورھيت آھيون ملنگ بابا، اسان انسان ناھيون اسان ته بس سيٺين ۽ سرمائيدارن لاءِ ڪم ڪندڙ مشينون آھيون، اسان ڇا ڄاڻون انسانيت ڇا ٿيندي آھي، مونکي بک نستو ڪري ڇڏيو آھي ان لاءِ پيسا گھريم ته جيئن ڪجھه وٺي کائي سگھان.
ملنگ جو منھن ٽامڻي ھڻي ويو ۽ ڀرون ڳتجي ويس، کن پل لاءِ منھنجي اجھاڻل اکين ۾ ڏسي پنھنجي ڀر ۾ رکيل گودڙي مان ٻه پيڪيٽ ڪڍي مونکي ڏنائين، کولي ڏٺم ته انھن ۾ ڪڪڙ جي گوشت جا پڪل تڪا ۽ ڊبل روٽي پيل ھئي، آئون حيران ٿيس ايتري ۾ ڀر واري پاڙي جو ڪائونسلر پيرو پارلياماني به اچي لنگھيو ته ملنگ بابا ھڪل ڪري چيس: گھر جيڪو گھرجئي.
پيرو پارلياماني پاڙي جو ڪائونسلر آھي ۽ حڪمران پارٽي جو سرگرم ڪارڪن آھي، چيئرمين جو خاص صلاحڪار پڻ آھي ننڊ مان اٿڻ کان وٺي رات جو سمھڻ تائين سياست تي ڳالھائيندو رھندو آھي ملنگ بابا جو آواز ٻڌي چيائين: فقير اڄڪلھه اسان ڳنڀير صورتحال ۾ ڦاٿل آھيون ڊزن کن اجلاس ڪوٺائي چڪا آھيون پر فيصلو نه ڪري سگھيا آھيون ته ڪورونا جي وبا کان بچڻ لاءِ لاڪ ڊائون سخت ڪريون يا ماڻھن کي بک مرڻ کان بچائڻ لاءِ لاڪ ڊائون نرم ڪريون سو تون ئي ڪا صلاح ڏي فقير؟ ملنگ جو اکيون وري تجلا ڏيڻ لڳيون ۽ پيرو پارلياماني کي چيائين: ھليو وڃ ھتان، تون انسانن جي دردن کان اڻ ڄاڻ آھين.
پيرو پارلياماني ھليو ويو ۽ آئون فقير جا ڏنل پيڪيٽ کڻي تکيون وکون کڻندو ڀر وارين ڪکائين جھوپڙين جي قطار ۾ داخل ٿي ويس. ڪارخاني کان ٻه فرلانگ اوڀر طرف ڪچي ڪکائين جھوپڙين جي قطار ھئي جتي اسان اھي پورھيت ٻارن ٻچن سميت رھيل آھيون جن کي ڪارخاني مان عارضي طور اھو چئي نيڪالي ڏني وئي آھي ته ڪورونا وائرس جي وبا سبب سرڪار لاڪ ڊائون ڪري ڪارخانا بند ڪرائي ڇڏيا آھن، جڏھن ڪارخانا کوليا ويندا تڏھن اوھان کي ٻيھر ڪم تي گھرايو ويندو، بي روزگار ٿيل اسان پورھيتن کي ٻچا وات ۾ اچي ويا ھئا، ماڻھو بک ۾ پاھه ٿي رھيا ھئا، ٻارڙا لنگھڻ ڪاٽي نستا ۽ نٻل ٿي پيا کانئن راند ۽ رونشو وسري ويو ھو پيٽ ۾ وٽ وجھندڙ بک جو درد حواس بتال ڪري رھيو ھو، پنج ڏينھن بي روزگار ويٺي گذري ويا، جنھن جي گھر ۾ جيڪو داڻو پاڻي بچيل ھو سو ختم ٿي ويو مجبور ٿي اسان پورھيتن پنھنجي گھرن جي عورتن کي چيو ته وڃي شھر جي گھرن ۾ ٻھارو پوچي ڪريو ته جيئن کائڻ لاءِ ڪجهھ ته ملي پوي، اسان جون عورتون شھر جي ڪيترن ئي گھرن جا دروازا کڙڪائي خالي ھٿين موٽي آيون ۽ ٻڌايائون ته سيٺيون چون ٿا ڪورونا جي وبا جا ڏينھن آھن اسان ڪا نوڪرياڻي نه رکنداسين متان ڪا مائي ڪٿان ڪو وائرس کڻي اچي ۽ اسان به وبا ۾ وٺجي وڃون، تڏھن جھوني ڪاڪا يوسف ھڪدم منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکي جذباتي انداز ۾ چيو ھو ته: خدا جو قسم موت جو ھر انداز بھتر آھي پر بک ۾ پاھه ٿي مرڻ سڀ کان بدترين موت آھي ۽ اذيتناڪ آھي، آئون بک ۾ پاھه ٿي مرڻ نٿو چاھيان، آئون خودڪشي ڪندس، آئون پاڻ کي ڦاھو ڏئي لٽڪائي ڇڏيندس.
ڪاڪا کي ڪلھن کان وٺندي چيم: ڪاڪا ھمت نه ھار روزي جيڪا نصيب ۾ لکيل ھوندي سا ملندي، تقدير ۽ نصيب تي ته يقين اٿئي نه؟ ايتري ۾ پيرو پارلياماني اوچتو اچي لنگھيو ۽ ڪاڪا کي ڏسندي چيائين: ڪاڪا صلاح ڏي ته لاڪ ڊائون نرم ڪريون يا سخت، ڪجھه سمجھه ۾ نٿو اچي. ڪاڪا بخيلي مان وراڻيو: وڃي ڌوڙ پايو. ان ئي ڏينھن الائي ڪٿان ملنگ بابا اچي اسان پورھيتن جي جھوپڙين وٽ پھتو ۽ جھوپڙين جي قطار جي شروعاتي موڙ وٽ دونھين دکائي ويھي رھيو چون ٿا ته ملنگ ڪنھن درگاھ جو فقير ھو ۽ سندس سوين عقيدتمند ھئا سندس ھتي اچڻ سان پورھيتن جا ڀاڳ کلي پيا ھئا ملنگ بابا جا امير عقيدتمند، سيٺيون، ڪارخانن جا مالڪ ۽ وڏيرا ملنگ بابا وٽ دعائون وٺڻ لاءِ اچڻ لڳا ملنگ بابا کانئن پيسا نه وٺندو ھو باقي کاڌي پيتي جون شيون وٺندو ھو ۽ اھي کاڌي جون شيون بي روزگار ٿيل جھوپڙين ۾ ويٺل پورھيتن کي ڏئي ڇڏيندو ھو ڏسندي ئي ڏسندي ملنگ بابا جي عقيدتمندن جو تعداد ايترو وڌيڪ اچڻ لڳو جو انھن کان مليل کاڌي پيتي جي شين مان سمورا پورھيت ٻارن ٻچن سميت کائي پيٽ ڀريندا ھئا ۽ ملنگ بابا کي دعائون ڏيندا ھئا.
جمعي جي ڏينھن ڪارخاني کلڻ جي خبر وٺڻ لاءِ شھر ويس ته خبر پئي سرڪار لاڪ ڊائون ۾ اڃا واڌ ۽ سختي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي ته جيءُ جھري پيو شام ڌاري واپس موٽيس ته جھوپڙين واري گھٽي جي موڙ تي پورھيتن جو ميڙ بيٺل ھو ملنگ بابا جي دونھين دکيل ھئي پر ملنگ بابا موجود نه ھو پورھيتن جا منھن لٿل ۽ اٻاڻڪا ھئا ويجھو پھتس ته ڪاڪا يوسف مون کي گھوريندي ٻڌايو ته ملنگ بابا کي وٺي ويا آھن حيران ٿي پڇيم: ڪير وٺي ويا ۽ ڪيڏانھن؟ ڪاڪا روئڻھارڪو ٿي ٻڌايو: ملنگ کي صبح سان اچي کنگھه ورايو سندس حالت خراب ٿي وئي پيرو پارلياماني پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس ۽ ڊاڪٽر کيس وٺي ويا آھن چون ٿا ته ملنگ کي ڪورونا ٿي پيو آھي کيس اسپتال جي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو اٿائون مون نگاھه ڦيري ته بستي جي ٻارڙن جي مک تي وري بک جون ريکائون اڀري رھيون ھيون ۽ اولهھ طرف سج ٽٻي ھڻي رھيو ھو ماحول تي انڌڪار ڇائنجي رھي ھئي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *