تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڪورونا … بيلا پنھور

ڪورونا شروع شروع ۾
ڪنھن کي به گاهه ڪونه پئي وڌو
هن ڪنھن جي ڪونه پئي ٻڌي
بازارون بند
عبادتگاهون خالي
اسڪول آفيسون ويران
ميڙ ميڙاڪا ماضي جو حصو بڻجي ويا
حڪومتون بيوس ٿي ويون
ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويا
زندگي بيھجي وئي
پر نيٺ اسان جا حڪمران
عقل جا اڪابر ثابت ٿيا
هو نيٺ ڪورونا کي

ڳالھين جي ميز تي
آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا
حڪومت ۽ڪورونا وچ ۾ ان نقطي تي
اتفاق ٿي ويو ته ڪورونا
روزانو صبح کان شام تائين سنڌ جي عوام کي
ڪجھه به ڪونه چوندي
بازارون به هفتي جا چار ڏينھن کليل رهنديون
اهي چار ڏينهن ڪورونا آرام ڪندي
۽ ڪنھن کي ڪجھه به نقصان نه ڏيندي
باقي اسڪول کولڻ جي حوالي سان
حڪومت ۽ڪورونا ۾
ڳالهيون جاري آھن

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *