تازا ترين
  • *ڪرونڊي : اڪري چودڳي لڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل همراهه نواب شاهه اسپتال ۾ فوت * گذريل رات دير سان لاريب هوٽل وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ محمد بچل بالادي زخمي ٿي پيو هو *زخمي کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو *
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

ڪوروناوائرس اسان سان ڪيترو عرصو رهندو ؟ … ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

هن وقت تائين دنيا جا 15 ملين کان مٿي انسان ڪوروناوائرس ۾ وچڙي چڪا آهن، آمريڪا، برازيل، انڊيا، رشيا ۽ ڏکڻ آفريڪا وڌ ۾ وڌ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهن. انگن اکرن مطابق ڪووڊ وائرس تمام تيزيءَ سان آمريڪين ۾ پکڙجي رهيو آهي جتي دنيا جي جملي متاثر جو اڌ ۽ مرندڙن جو به اڌ انگ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪووڊ ـ 19 بيماري پيدا ڪندڙ، ناول ڪوروناوائرس اسانجي زندگين تي مختصر عرصي ۾ ڇانئجي هڪ عالمي وبا جي صورت وٺي دنيا جي سوين ملڪن جي ڪروڙين رهواسين جو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي جنهن سبب اسپتالون ۽ صحت مرڪز هڪ انتهائي خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. دنيا جا بي شمار انسان هن عالمي وبا ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ته هزارين موت جي منهن ۾ وڃي چڪا آهن. اندازو آهي ته انهن انگن ۾ تيسيتائين واڌارو ٿيندو رهندو جيسيتائين ان وبائي وائرس جو زور گھٽ نٿو ٿئي پوءِ چاهي ايئن قدرتي طور تي پاڻ ٿئي يا ان لاءِ مصنوعي/ طبي اپاءَ ورتا وڃن، تيسيتائين خبر ناهي ته ڪوروناوائرس ڪٿي وڃي ڇيهه ڪندو. جتي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ جا سائنسدان هن وائرس جي روڳي قلابازين کي سمجهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن اتي ان امڪان به خطرا وڌائي ڇڏيا آهن ته آيا هي وائرس انسانذات جي جان ڇڏي به سگهندو يا نه؟ ڪيترن ماهرن جي خيال موجب بلڪل امڪان موجود آهن ته ڪورونا وائرس انساني آبادين ۾ ايئن عام رهندو جيئن فلو. تنهنڪري ممڪن آهي ته اسانکي ڪووڊ ـ 19 سان هڪ ڊگهي عرصي تائين گڏ رهڻو ۽ جنگ جوٽڻي پوي.
سائنسدان، ڪوروناوائرس جي عام هجڻ کي ڪو به خطرو نٿا سمجهن، ڇو ته هن وقت به سائنسدانن لاءِ اهڙا ڪيترا نامعلوم وائرس موجود آهن جن لاءِ ڪجهه به ٻڌائي نٿو سگهجي ته انهن جي وبا به ايتري زورائتي ۽ خطرناڪ هوندي جيتري ڪووڊ ـ19 جي ٿي آهي. جيئن ته دنيا جي محققن لاءِ اهڙا خطرا لامارا ڏئي رهيا آهن تنهنڪري اميد آهي ته ان سلسلي ۾ يقيناّ ترت ئي گھڻو ڪجهه ڄاڻي سگهندا.مثال موجود آهي ته ڪوروناوائرس، انساني آبادين ۾ وبا جي صورت ۾ ڦهلجڻ کانپوءِ باقي رهجي وڃي ٿو. اصل ۾ ان جا چار قسم ٿين ٿا (229E, NL63, OC43, HKU1)، جيڪي سڀ عام زڪام جهڙيون نشانيون ۽ عام طور تي گھڻا هلڪي درجي جا روڳ پيدا ڪن ٿا.اسانکي ٻين ڪوروناوائرسن جي ڄاڻ آهي، جڏهن ته موجوده وائرس مڪمل طور تي هڪ نئين قسم جو آهي، جان هاپڪنس بلومنگ اسڪول آف پبلڪ هيلٿ سينٽر فار هيلٿ سيڪيوريٽيءَ جو اميش ادالجا وضاحت ڪندي ٻڌائي ٿو ته، هي وائرس به انهن چئني قسمن جي ڪوروناوائرسن سان شامل ٿي ويندو ۽ پهرين وبائي ڦهلاءَ کانپوءِ ساڳي طرح سان وري وري پکڙبو رهندو.“ بقول ادالجا، هن وقت ناول ڪوروناوائرس ۾ آسپاس ڦهلجڻ جون سڀ نشانيون موجود آهن، آبادين ۾ پري پري تائين پکڙجي رهيو آهي، هڪ فرد کان ٻئي فرد تائين سولائيءَ سان ڦهلجي سگهي ٿو، ان جي ڪنهن به قسم جي وئڪسين موجود ڪونهي جنهن سان اڳواٽ جسماني دفاع پيدا ڪري سگهجي.
جيئن ته هن وائرس جي ڪيترن پهلوئن جي ڄاڻ ڪونهي تنهنڪري اندازو لڳائي نٿو سگهجي ته ان جي وري وري پيدا ٿيندڙ وبا ڪيتريءَ حد تائين خطرناڪ ٿي سگهي ٿي ۽ ڪو فرد ان ۾ متاثر ٿي نوبني ٿيڻ کانپوءِ ڪيتري عرصي تائين ان کان مڪت/محفوظ/ اميون رهي سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ اسان جنهن پهرين ڳالهه تي ويچاريون ٿا اها هن وائرس جي وبائي رهڻ جي آهي يا ان کي مڪمل تي طور تي ناس ڪري سگهجي ٿو ۽ آيا ان سبب پيدا ٿيندڙ جسماني دفاع يا اميونٽي دائمي هوندي يا هڪ ڊگهي عرصي تائين موثر رهندڙ هوندي، اهڙن خيالن جو اظهار، ايملي ٽاٿ مارٽن، پروفيسر اميونالاجي، يونيورسٽي آف مشيگان، اسڪول آف پبلڪ هيلٿ ڪندي چوي ٿي ته جيڪڏهن توهان ڪنهن اهڙي وائرس ۾ وچڙو ٿا جنهن مان نوبني ٿيڻ کانپوءِ ان سبب پيدا ٿيندڙ اميونٽي يا مدافعت وقت سان گڏ گھٽجي وڃي ٿي ته اهو ايترو ڏکيو وائرس ٿئي ٿو جنهنکي ختم ڪري نٿو سگهجي. اهڙا ٻيا چار وائرس جيڪي هن وقت انسانن ۾ علاقائي وبا (اينڊيمڪ) طور موجود آهن، تن بابت اسانکي ڄاڻ آهي ته انهن جي اميونٽي وقت گذرڻ سان آهستي آهستي ختم ٿي وڃي ٿي جنهن ۾ ممڪن آهي ته ڪيترا سال لڳي وڃن ٿا. جنهنڪري ممڪن ٿي سگهي ٿو بالغ ان وائرس جو ٻيهر شڪار ٿي سگهن جن جو هو ٻالڪپڻي ۾ شڪار ٿيا هيا. تنهن هوندي به ان قسم جي عارضي اميونٽي، مختصر عرصي لاءِ به انتهائي اهميت واري ٿي سگهي ٿي، ڇو ته جيڪي ڊاڪٽر پنهنجن مريضن جي علاج دوران هن وائرس ۾ مبتلا ٿي نوبنا ٿي ويا آهن اهي وري بيمار ٿيڻ جي چنتا کانسواءِ مريضن جو علاج ڪري سگهن ٿا. ساڳي ڳالهه انهن ورڪرن، سيڌي سامان جي دڪانن تي ڪم ڪندڙن، نرسنگ هوم جي ٽهلين ۽ ٻين سان به لاڳو ٿي سگهي ٿي پر جيڪڏهن ڪو فرد ڪوروناوائرس ۾ ٻيهر به مبتلا ٿي پوي ٿو تڏهن ممڪن ٿئي ٿو ته ٻيهر ٿيندڙ ساڳيو روڳ سندس لاءِ ايترو خراب نه هجي. ٻين وائرسن جي حالت ۾ اهڙا ثبوت موجود آهن ته جيڪڏهن ڪو فرد ٻيهر ان ۾ وچڙي ٿو ته سندن اميون سرشتو ايترو برجستو ٿي وائرس کي ٻي ملهه ماري وجهي، بقول مارٽن. ڪنهن وائرس جي ٻيهرسنگين وبائي صورت ۾ پکڙجڻ ۾ هڪ ٻي اهم ڳالهه، ان جي ميوٽيشن (تبديليءَ)جي انگ تي مدار رکي ٿي. فلوءَ جو وائرس ايترو ته عام جام آهي جو سولائيءَ سان تبديل (ميوٽيٽ) ٿيندو، پنهنجي مٿاڇري جون پروٽينون تبديل ڪري ڇڏي ٿو، جن رستي اسانجو اميون سرشتو وائرسن جي شناخت ڪري ٿو.
توهانکي هر سال نئين فلوءَ جي بيماري به ان سبب ٿيندي رهي ٿي جو توهانجي جسم ۾ موجود اڳيون ائنٽيباڊيون ضروري ناهي ته ايتريون اثرائتيون رهيون هجن، ان سلسلي ۾ آنڊريو برائور، ريسرچ سائنسدان ۽ اپيڊيميالاجيڪل ماڊلر، يونيورسٽي آف مچيگان اسڪول آف پبلڪ هيلٿ ٻڌائي ٿو ۽ چوي ٿو ته ‘اسانکي اها ڄاڻ ناهي ته موجوده وائرس جي اڳتي هلي ڪهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.’ تنهنڪري ‘اسان تي فرض ٿي پيو آهي هن خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ وئڪسين ٺاهيون.’

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *