تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ڪورونا، ميوات ۽ ميوي جي مک! … پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان سولنگي

پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان سولنگي

ڪورونا جون اهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون باقي رهيل آهن، جيڪي لکجن!؟ هر هڪ کي خبر پئجي ڇڪي آهي، ته ڪورونا وائرس وگهي سڄي دنيا ان وبا مان ڇوٽڪاري جي ڪوششن ۾ رُڌل آهي. اها به سڀني کي سڌ آهي، ته ڪن کي ڪورونا نه هجڻ جي ڀُل ايتري آهي، جو کين ڪورونا هجڻ تي اعتبار ئي نه آهي! اها غلط فهمي وڌيڪ هاڃيڪار آهي.طبي سائنس مطابق، ڪورونا وائرس ڪمزور ماڻهن ۾ وڌيڪ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. جيڪي ماڻهو حياتين سي يعني وٽامن سي ۽ ٻيون لحميات توڙي صحتمند جسم لاءِ گهربل ضروري خوراڪي جزن تي ڌيان نه ٿا ڏين، متوازن خوراڪ حاصل نه ٿا ڪن، انهن ۾ ڪورونا خلاف قوت مدافعت گهٽ ٿيندي، ته اهي وڌيڪ متاثر ٿي سگهن ٿا.خوراڪ ۽ طب جي ماهرن مطابق ميون ۾ حياتين سي سميت اهي سڀ ضروري خوراڪي شيون موجود هونديون آهن، جيڪي هونئن به صحت جون ضامن آهن، پر ڪورونا کان پهرين، ڪورونا سبب بيماري دوران ۽ ڪورونا کان پوءِ به خوراڪ ۾ شامل هجڻ ضروري آهن. خوراڪي اهميت جي پيش نظر ميوات يعني ميوا، تمام گهڻي اهميت رکن ٿا. ان ڪري مختلف ميون جا باغ لڳائي، ميوي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جون ڪوششون صدين کان جاري آهن ۽ مستقبل ۾ پڻ جاري رهنديون.ميون ۾ انب ميون جو بادشاهه آهي ۽ ميوي جي مک انب سميت مختلف ميون ۽ ڀاڄين جي دشمن آهي. ان ڪري ڪورونا جي موجوده ڳڻتي جوڳي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، ڪجهه ضروري معلومات، ان آس ۾ ڏجي پئي، ته جيئن ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهجي.
انب:Mango
انب کي ميون جو بادشاھ سڏيو وڃي ٿو. انساني صحت لاء انب وٽامن اي_بي ۽ سي مهيا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آھي، جنهن ۾ پروٽين، شگر، فئٽس، فائبر ۽ آئرن وڏي مقدار ۾ شامل آھن. دنيا ۾ انبن جا 1595 قسم ٿين ٿا، جڏھن ته پاڪستان ۾ عام طور تي 250 قسم ٿين ٿا، تن مان خاص سنڌڙي، چونسا، نيلم، لنگڙو، سرولي، بادامي، دسيري، انور رٽول، انمول، سوار ناريڪا پنهنجو مٽ پاڻ آھن. پاڪستان ۾ 2019ع جي پڌري ڪيل رپورٽ مطابق انبن جي پيداوار 1.5 ملين ٽن ۽ انهن جي پرڏيھه وڪري لاء روانگي 115000 ٽن ٻڌائي وئي آھي. دنيا ۾ پاڪستان انب جي پيداوار 39 سيڪڙو مهيا ڪري ٿو، تنهن ڪري پاڪستان انبن جي پيداورا ڏيڻ ۾ چوٿين نمبر تي ليکيو وڃي ٿو.
ميوي جي مک (Fruit Flies)
دنيا ۾ ميوي جي مک جون 45 سئو جنسون ٿين ٿيون، جن مان 40 قسم تمام گهڻا نقصانڪار ٿين ٿا. پاڪستان جي باغن ۾ Bactrocera zonata ۽ Bactrocera dorsalis عام طور تي ملن ٿيون! هن چمڪدار ميوي جي مک کي سڀ کان پهريان، مشرقي ايشيائي باغن ۾ انبن تي حملو ڪندي ڏٺو ويو. ان ڪري هن کي (Oriental) سڏيو وڃي ٿو. هن مک جي مادي انبن جي کل اندر آنا لاهي ٿي، جنهن کان پوءِ ميوي مان رس ٽمڻ لڳندي آھي، ۽ بعد ۾ 24 ڪلاڪ کان 36 ڪلاڪن اندر ڪينئان Larvae ڦٽي نڪرن ٿا. ڪينئان انبن کي اندران ئي اندران کائيندا رهن ٿا، ۽ پوء سوٻٽ Pupa بڻجي وڃن ٿا. ڪينئان ۽ سوٻٽ جون حالتون هر هڪ اٽڪل 5 کان 9 ڏينهن تائين رهن ٿيون، سوٻٽن مان مکيون ڦٽي نڪرن ٿيون. نر مک 65 کان 70 ڏينهن تائين زندھه رهي ٿي، جڏھن ته مادي مک جي حياتي 70 کان 95 ڏينهن تائين ٿئي ٿي. انهي ڪري ڪينئان (Larvae) انبن کي نقصان رسائڻ جو مکيه ڪارڻ پڻ بڻجن ٿا. اهو ئي سبب آھي جو انبن جي پيداوار کي ساليانو 30 کان 40 سيڪڙو نقصان پهچي ٿو!. اهڙي صورتحال ۾ جيت مار دوائن ذريعي انهن ڪينئن(Larvae) جو خاتمو ڪرڻ يا انهن کي قابو ۾ آڻڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. ڇو ته هو انبن جي اندر موجود ڳر (Pulp) کي کائيندا رهن ٿا. جيڪڏھن انهن زهريلي دوائن جا ذرڙا انبن مٿان رهجي وڃن ٿا ته، ويتر انسانن ۽ جانورن جي صحت لاء هاڃيڪار ثابت ٿين ٿا ۽ اڃا به وڌيڪ بيماريون پکڙجي وڃن ٿيون. هي ميوي جي مک گهڻو ڪري زيتون کي هر سال 25 کان 50 سيڪڙو تائين نقصان پهچائي ٿي. ان کانسواءِ انب، ٻير، چڪو، پپيتو ۽ هاڻي هن کي ڪيلي تي به نقصان ڪندي ڏٺو ويو آھي.
حياتياتي ضابطو (Bio-control)
اڄڪلھه اهڙا طريقا استعمال ڪيا وڃن، جن سان ميوي جي مک جو خاتمو اچي سگهي ۽ ماحول به صاف سٿرو رھي سگھي. اهڙن طريقن ۾ سڀ کان وڌيڪ فائديمند حياتياتي ضابطو آھي. ميوي جي مک تي ضابطي واري طريقي ۾ (فائديمند جيت) پئراسٽائيڊ (Dirhinus giffardii ۽ Aganaspis) استعمال ٿين ٿا. جيڪي قدرتي طور ميون جي مک جي ڪينئن (Larvae) ۾ ۽ سوٻٽ (Pupa) تي پنهنجا آنا لاهي، انهن کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏين ٿا.
جڏھن باغن ۾ انب، ميون جي مک جي ڪينئن (Larvae) سبب ڦاٽي، هيٺ زمين تي ڪري پون ٿا، ته انهن مان ڪينئان (Larvae) ميوي جي ٻاهرين سطح تي نڪري اچن ٿا، تڏھن هن پئراسٽائيڊ (Aganaspis daci) جي مادي انهن ڪينئن (Larvae) جي کل اندر پنهنجو آنو لاهي ٿي, تنهن ڪري هن کي اندروني (Endo-parasitoids) سڏيو وڃي ٿو. هن جي آني منجهان پئراسٽائيڊ جو ڪينئون (Larvae) ڦٽي پوي ٿو. جيڪو اندران ئي اندران ميوي جي مک جي ڪينئن (Larvae) جي جسم کي کائيندو رهي ٿو ۽ پنهنجي واڌ
بقايا: ڪورونا، ميوات ۽ ميوي جي مک!
ويجھه به ڪندو رهي ٿو. ان عرصي دوران ميوي جي مک جو ڪينئون (Larvae)، سوٻٽ (Pupa) جي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿو. نتيجي ۾ ان سوٻٽ (Pupa) اندر پيدا ٿيندڙ ميوي جي مک کي پئراسٽائيڊdaci) (Aganaspis جو ڪينئون (Larvae) کائيندو رهي ٿو جڏهن ته سوٻٽ ۾ اندر پنهنجو سوٻٽ بڻائي بالغ (Adult) بڻجي ٻاهر نڪري اچي ٿو، جنهن جي حياتي تقريبن 3 کان 4 هفتا ٿئي ٿي، ۽ ھر هڪ مادي 38 کان 40 آنا لاهيندي آھي، تنهن ڪري هن کي (Larval cum pupal) پئراسٽائيڊ (Parasitoid) سڏيو ويندو آھي.
هي ميوي جي مک جي سوٻٽ جو پئراسٽائيڊ (Parasitoid) آھي. باغن ۾ زمين مٿان ڪريل ميون ۾ موجود ميون جي مک جا ڪينئان (Larvae) ٻاهر نڪري (Popout) ڪندا رهندا آھن، ۽ اهي اتي مٽيء جي شگافن ۾ ئي سوٻٽ بڻجي ويندا آھن. سوٻٽ تي موجود کڏن ۽ کٻن (grooves) تي هي پئراسٽائيڊ (Dirhinus giffardii) جي مادي آنو لاهيندي آھي. ان ڪري هن کي ٻاهريون (Ecto parasitoid) چئبو آھي، ۽ جڏھن آني مان پئراسٽائيڊ جو ڪينئون (Larvae) ڦٽندو آھي ته، اهو سوٻٽ (Pupal) ۾ سوراخ ڪري اندر داخل ٿي ويندو آھي. اتي واڌ ويجھ جي مرحلي ۾ موجود ميوي جي مک کائي ختم ڪري ڇڏيندو آھي ۽ پوءِ سوٻٽ (Pupa) بڻجي ويندو آھي. هي تقريبن ڪينئين (Larvae) ۽ سوٻٽ (Pupa) جي حالت ۾ 15 کان 18 ڏينهن تائين رهي ٿو، ان کانپوء هي بالغ (Adult) بڻجي ٻاهر نڪري ايندو آھي. جڏھن هي پئراسٽائيڊ (Dirhinus giffardii) ميوي جي مک(Bactrocera dorsalis) جي سوٻٽ مان ڦٽندو (Emerge) آھي ته، هن جي حياتي تقريبن 3 کان پنج هفتن تائين هوندي آھي، ۽ هر هڪ مادي 40 کان 43 آنا لاهيندي آھي. ساڳي ريت، جيڪڏھن هي پئراسٽائيڊ (Dirhinus giffardii) ميوي جي مک (Bactrocera zonata) جي سوٻٽ Pupa مان ڦٽندو آھي، ته هن جي حياتي تقريبن 6 کان 7 هفتن تائين ٿيندي آھي، ۽ هر هڪ مادي تقريبن 120 تائين آنا لاهيندي آھي. انهي مان اهو ثابت ٿيو ته پئراسٽائيڊ(Dirhinus giffardii) جي ميزبان(Host) تان ورتل خوراڪ سندس عمر ۽ آنن جي مقدار کي وڌائي ۽ گهٽائي سگهجي ٿو.
خاص صلاحون (Recommendations)
هنن ٻنهي پئراسٽائيڊس Dirhinus giffardii ۽ Aganaspis daci کي بائيو ڪنٽرول ليبارٽريز ۾ 26 ۽ 28 سينٽي گريڊ تي پاليو وڃي ٿو ۽ پوءِ زيتون جي باغ ۾ مارچ کان مئي ۽ آگسٽ کان نومبر تائين ۽ انبن جي باغ ۾ جولاء کان سيپٽمبر تائين (Parasitization) لاء ڇڏيو ويندو آھي.هر هڪ باغ ۾ پئراسٽائيڊ Dirhinum giffardii ۽ Aganaspis daci في ايڪڙ 500 کان 3000 هر پندرهين ڏينهن کانپوءِ ڇڏيا وڃن، ته جيئن حياتياتي نظام تحت صحت بخش ميوو حاصل ڪري پنهنجي ڌرتي ۽ قوم سان سچائي جو ثبوت ڏيون ۽ ججهي مقدار ۾ ناڻو پڻ ڪمايون.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *