تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪوئي ٻيو … مظھر الاسلام/ ھمير گاد

خبر ناهي هن جو ٽيليفون نمبر ڪهڙو آھي، هو مون کي اڪثر فون ڪندي آھي.شڪايتون ڪندي آ، ڪهاڻيون ٻڌائيندي آھي، ڪاوڙ ڪندي آھي ۽ ناراض ٿي ويندي آھي تڏهن فون ڊسڪنيٽ ٿي ويندي آھي پر هو ٻيهر فون ڪندي آھي ۽ جڏهن مان فون جو رسيور کڻي ” ھيلو“ ڪندو آھيان ته هو خاموش ٿي ويندي آھي ڪجهھ ناهي ڳالهائيندي.
مان سمجهي ويندو آھيان ته هي ان جي ئي فون آ.
مان هن کي پرچائيندو آھيان ۽ هو پرچي ويندي آھي.
پوءِ به هو جڏهن ڪٿي ملندي آھي ته منهنجي طرف ائين ڏسندي آھي ڄڻ ته چوندي هجي اها مان نه آھيان جيڪا توکي ٽيليفون ڪندي آھي.مان به هن جي طرف ائين ڏسندو آھيان ڄڻ چوندو هجان جيڪي تنهنجون ڪالز رسيو ڪندو آ اهو مان نه آھيان ڪوئي ٻيو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *