تازا ترين
  • *احمد پور ويجهو 14 ورهين جي نينگري نگھت ڌيءُ امان الله وسطڙو مبينا طور اغوا: ٽن ڄڻن صبر علي، شڪر علي ۽ منٺار وسطڙو خلاف اين سي داخل*
  • *سڪرنڊ ۾ پاڙيسري جو وڪيل رياض احمد عرف راجا تي قاتلاڻو حملو، نازڪ حالت ۾ نوابشاهه ريفر*
  • *سيوهڻ زيادتي ڪيس: عدالتي اجازت بعد جاچ ٽيم ڊي ايس پي کاڻوٺ علي شير خاصخيلي جي سربراهي ۾ معطل سول جج امتياز ڀٽو جي چئمبر جو معائنو ڪيو*
  • *ميرپورماٿيلو ۾ پرڻيل ناري جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ، شڪ جي بنياد تي مڙس گرفتار، وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * ميرپورماٿيلو: عورت شمائلا کي مٿي ۾ ڳولي لڳل آهي، جاچ ڪيون پيا: پوليس * ميرپورماٿيلو: ڀاڄائي گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪيو آهي: ڏير اسلام بوزدار *
  • *راڻيپور: ٻن ڀائرن شڪيل بروھي ۽ ظريف بروھي وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ: 17 سالن جو نوجوان شڪيل بروھي مارجي ويو، ظريف بروھي مرڻينگ*
  • *ڪراچي: ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا خلاف اي جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪندڙ انسپيڪٽر کي شوڪاز نوٽيس جاري، 7 ڏينهن ۾ وضاحت طلب * ڪراچي: اوهان جونيئر آهيو، ڪنهن سينيئر خلاف ڪيئن ٿا انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي سگهو؟ نوٽيس *
  • *حيدرآباد/ڄامشورو: 15 ڏينهن کان گم ڄاڻايل مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد جو حيدرآباد ويجهو لاش هٿ، وارثن کي دوستن تي شڪ * حيدرآباد/ڄامشورو: شاگرد فتح راجپوت جو لاش اڪرم واهه مان هٿ آيو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي * حيدرآباد/ڄامشورو: پٽ دوست جي دعوت تي ڪوٽڙي ويو هو، شڪ آهي ته دوستن کيس قتل ڪيو: شير سومار *
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ ڪليم امام اسلام آباد طلب: سڀاڻي وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏيندو*
  • *اسلام آباد: سنڌ ۾ اتحادين کي اعتراض: آءِ جي لاءِ سنڌ سرڪار کان نوان نالا طلب * اسلام آباد: آءِ جي تبديليءَ وارومامرو وفاقي ڪابينا جي ايجنڊا مان خارج: وڏي وزير سان ڳالهين جو ٽاسڪ گورنر حوالي *
  • *لاڙڪاڻي ۾ چوري ٿيل 3 ڪلو سون مان 31 تولا متاثر دڪاندار کي واپس: ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش اهو نه ٻڌايو ته سون ڪٿان هٿ ڪيو * لاڙڪاڻو: 31 تولا سون سوڌو چوري ٿيل ٻيو سامان ملي ويو آهي: دڪاندار عبدالله شيخ *
  • *مون خلاف سازش ٿي آهي، سولائيءَ سان وڃڻ واروناهيان: آءِ جي سنڌ*
  • *هالا ڀرسان 7 ڄڻڻ جي قتل جو ڪيس داخل: جوابدار ڌُر گهر خالي ڪري فرار*
  • *پشاور ڀرسان مسجد جو امام مبينا طور 14 ورهين جي ڇوڪري کي اغوا ڪري ويو*
  • *ريل سڙڻ جي واقعي بعد 19 ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي(شيخ رشيد) وڏن خلاف ڪارروائي ڪڏهن ٿيندي:چيف جسٽس*
  • *سرڪلر ريلوي ٽريڪ جي بحالي لاءِ وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو:سپريم ڪورٽ*

ڪهاڻي…… دوست ……..شائسته ٿهيم

هڪ ڏينهن فطرت پنهنجي دوست انسان سان ملڻ آئي، هوءَ ڪيترن ڏينهن کان انسان سان ناراض هئي پر جڏهن هن ٻڌو ته انسان جيل ۾ وڃي قيد ٿيو آهي، ته انهي کان حال احوال وٺڻ آئي. ان ڏينهن انهن انهي ڳالهه تي مباحثو ڪرڻ شروع ڪيو ته ڪنهن پنهنجي دوستي جو پورو حق ادا ڪيو آهي. فطرت چوڻ شروع ڪيو، ته جڏهن هن دنيا ۾ تو اک کولي ته آئون پهرين کان موجود هئس. تون جڏهن ارتقائي مرحلن ۾ هئين ته آئون ئي تنهنجي دوست بڻيس، مون توکي گهڻو ڪجهه سيکاريو، مون تنهنجي هميشه خدمت ڪئي، مون ۾ موجود سڀ شيون وڻ ٽڻ، ٻوٽن، سج چنڊ، تارن، ڪڪرن، آبشارن، هوائن، دريائن کي مون حڪم ڏنو ته تنهنجي خدمت ڪن ۽ ان جي بدلي ۾ توکان ڪجهه به نه گهرن. مون تنهنجون سڀ ضرورتون پوريون ڪيون. تو مونکي پنهنجو استاد بڻايو، تو پکين کي ڏسي ٻولڻ سکيو، تو جانورن کي ٻر ٺاهيندي ڏسي پنهنجا اجها اڏيا، تو پکين کي ڏسي اڏامڻ سکيو، تومڇين کي ڏسي ترڻ سکيو، تو جبلن کي ڏسي اوچيون عمارتون ٺاهيون، مون خزانن جا ذخيرا تو آڏو رکيا ۽ تو انهن مان بي پناهه قوت، طاقت ۽ دولت حاصل ڪئي. خشڪي، پاڻي، صحرا، خلا ۾ مون توکي اڳتي وڌڻ لاءِ رستا کوليا، پر انهي وچ ۾ تون وساري ويٺين تون پاڻ به فطرت جو حصو هئين، مون هر شئي تنهنجي سهولت لاءِ تو آڏو رکي پر تون هڪ ڳالهه جيڪا مون مان نه سکين، اها هئي خدمت ڪرڻ ۽ توکي خبر آهي ته منهنجي ڏنل درس کي تو نه اپنايو، مون توکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ڪيترائي ڀيرا مون توتي ڪاوڙ ڪئي ۽ پنهنجي دهشت جا روپ تو آڏو ظاهر ڪيا. پر تو منهنجي هڪ ڳالهه تي به عمل نه ڪيو، تو مونکي تباهه ڪرڻ شروع ڪيو ۽ انهي وچ ۾ مون توسان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. تو جبلن کي ڊاهي روڊ رستا جوڙيا، پنهنجا گهر جوڙيا ۽ انهي گهرن ۾ تون پنهنجي ٺاهيل رسمن رواجن ۾ قيد ٿي وئين ۽ هاڻي تون انهي قيد مان ڪڏهن به نه ٿو نڪري سگهين.
انسان پنهنجي بچاءُ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته ها دوست ايئن ئي آهي ته تون مان مون گهڻو ڪجهه سکيو، جيڪي به تو چيو اهو سچ آهي. پر خدمت ڪرڻ مون به وسان نه گهٽايو، مون به تنهنجي خدمت ڪئي آهي، مون تنهنجي حفاظت لاءِ تهذيبون جوڙيون، مون تنهنجي تهذيب و آرائش لاءِ ڪيتري جاکوڙ ڪئي. مون سماج جوڙيو. مون ان ۾ تنظيمون، قاعدا، قانون، برادريون، انجمنون، پارٽيون، طبق، رياستون سڀ تنهنجي بقا لاءِ جوڙيا. پر مون ۾ لالچ اچي وئي، جنهن سبب مون تو تي اقتدار ته حاصل ڪيو پر تنهنجي ڏنل سبقن مان درس حاصل نه ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ آئون مونجهاري جو شڪار آهيان، مون ۾ تو جيان تخليق جي صلاحيت هئي پر اها صلاحيت بس مون پنهنجي پاڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ تو ته مونکي آزاد رهڻ جي خوبي به ڏني هئي پر آئون پنهنجي ئي ٺاهيل رسمن رواجن ۾ قيد ٿي ويو آهيان. جتان نڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي ۽ اسان وچ ۾ پنهنجي دوستي جو ڌاڳو به ڇڄي ويو آهي. ٿي سگهي ته مونکي معاف ڪجان، ڇو ته مون تنهنجي دوستي جو حق ادا نه ڪيو پر پنهنجي مفاد لاءِ ڪم ڪندو رهيس.
ان ڏينهن کان پوءِ فطرت انسان کان موڪلائي وئي ۽ انسان ان ڏينهن کان پنهنجي ٺاهيل رسمن رواجن ۾ قيد ٿي ويو.



This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *