تازا ترين
  • *ڪراچي: تعليم کاتي جا آفيسر ۽ ملازم بنا اجازت سيڪريٽريٽ نه اچن: سرڪيولر جاري*
  • *گمبٽ: گمس اسپتال ۾ غلط ڪئنولا سبب عورت مسمات نجمه ڪوري جو خراب ٿي ويل هٿ ڪينسر جي خدشي سبب ڪٽيو ويو، الزام هيٺ آيل نرس خلاف ڪارروائي نه ٿي * گمبٽ: مسمات نجمه ڪوري جو هٿ ڪٽيو ويو آهي پر انصاف ناهي مليو: عورت جا وارث * گمبٽ: جاچ ڪيون پيا، غلفت ڪندڙ نرس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي: گمس انتظاميه *
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

ڪهاڻي….دوستي!…ليکراج ميگهواڙ

کيئرا ڏي خبر اڄ انب ۽ زيتون ڪيڏانهن ويا آھن (کيئرو انب ۽ زيتون ٽئي سٺا دوست آھن) جو تون اڪيلو ويٺو آھين، ڪنھن اداس ڇوڪريءَ جيان؟ کيئرو ڪنڌ مٿي ڪري، ھٿن ۾ کنيل پين کيسي ۾ لڳائي روانو ٿي ويو، بنا ڪنھن موٽ ڏيڻ جي.
ٻئي ڏينھن جو سج اڀريو تڏھن به کيئرو اڪيلو انهي رستي تي هڪ پوڙھي پڪي جهور نم جي وڻ ھيٺيان، چِچُو کي من ۾ اڻُ تڻ ٿي ته ڇو نه اڄ کيئري سان ويهي ڪچهري ڪجي! اهڙي ئي خيال سان اڳتي وڌي اچي هو کيئرو جي ڀرسان ويٺو. ڪجهه دير ٻئي هڪٻئي کان بلڪل اڻڄاڻ اجنبي ويٺل ٿي لڳا.
نيٺ چچو خاموشي جو سينو چيرندي، کيئري ڏانھن نھاريندي پڇڻ لڳو ادا خوش آھين؟
کيئرو ورائڻ لڳو، جي ھا سائين، توهان ڪيئن آھيو؟
آئون ٺيڪ آھيان بابل، تون صفا منجهيل ھوندو آھين، گذريل 2 ڏينھن کان، ڇاڪاڻ ته توهان ٽئي دوست ڳوٺ جي ماڻهن جي نظرن ۾ ۽ ھر وقت گڏ هوندا آھيو! پوءِ ڀلا ڪجهه ڏينھن کان اوهان جي دوستي تي ڪنھن ڪوجهي جي نظر لڳي وئي ڇا؟
کيئرو وڏو شوڪارو ڀري چوڻ لڳو، چچو تون جيڪو سوال ڪرين پيو نه، ان جو جواب شايد مان نه ڏئي سگهان ۽ آئون ڏيڻ به نه ٿو چاهيان شايد.
اھو منھنجي سوال جو جواب نه ٿيو؟ چچو طنزيه لهجي ۾ چيو. کيئرو ٿوري دير لاءِ ڀت بڻجي ويو، تڏھن چچو اھو سوچي اٿيو پئي ته ھاڻي معاملو الائي ڪهڙو آھي، جو هي جواب ڏيڻ نٿو چاهي، جڏھن اھي ٽيئي دوست ڪٿي ملبا تڏھن مان وري هنن سان اهي سوال ڪندس.
چچو اٿيو پئي ته کيئرو وڏو شوڪارو ڀري چوڻ لڳو ته ويهو ڀلا اوهان کي اسان جي دوستي جو درد ٻڌايان. جي ها کيئرا مونکي ٻڌاءِ چچو ھيٺ ويهندي چيو.
کيئرو چوڻ لڳو ته چچو وقت جي ھن تيز رفتار جي وهڪري ۾ دوستي اھو رشتو آھي، جنھن جي سڳنڌ ساٿ ۽ نڀاءُ کان سواءِ ھر انسان اڌورو ۽ اڻپورو هوندو آھي. پر اسان ٽيئي دوست آئون، انب ۽ زيتون پرائمري اسڪول کان گڏ رهيا آھيون. اسان جون سوچون، اسان جا غم، خوشيون ھڪ ئي رهيون ھيون، ڇاڪاڻ ته اسان ٽئي دوستي جي اھڙي مالها جا مڻيا ھئاسين، جيڪي وکري ٽڙي سگهيا ٿي، پر ٽٽي ڀڄي ڀري ڪونه ٿي سگهياسين. پر هن “وقت” اسان جي اھڙن خيالن سوچن ۽ ساٿ کي شايد ڌار ڪري ڇڏيو آھي، اھو چئي کيئري جي اکين ۾ لڙڪ لڙي پيا!
چچو سموري ڳوٺ جيان ھنن جي دوستي سان واقف ھو. هو کيئري کي دلجاءِ ڏيندي چوڻ لڳو ته کيئرا “دوستي ھن سنسار جو واحد ھڪ اھڙو رشتو آھي، جنھن کي تون لفظن يا پنھنجي حرف بياني ۾ حقيقي ۽ شعوري طور وضاحت ڪري ئي نه ٿو سگهين، ڇاڪاڻ ته دوستي جو ڀرم اوهان جھڙا عظيم ماڻھو ئي رکي سگهن ٿا جيڪي ھن دنيا جي منافق لالچ ۽ دوکيبازي کان ڪوھين ڏور ھجن.
تڏھن کيئرو چچو کي ورائڻ لڳو ته آئون اڃان به انهي دوستي جي ڌاڳي ۾ پرويل مالها سان منھنجي دوستن کي ئي جپندو آھيان پر اھي ٻئي عين وقت تي مون کي ايئن اڪيلو ڪري ويا آھن. آئون ان کي برداشت ڪري سگهان ٿو پر منھنجي گهر وارن توڙي ڳوٺ وارن جي ذھن ۽ انهن ڪاليجي ۽ اسڪولي شاگردن تي اسان جي دوستي جو منفي اثر ڪيترو پوندو؟ اھو سوچيندي منهنجو دماغ ڄڻ ڦاٽي پوندو آھي. کيئرا آخر ٻڌايو ڀلا اھي ويا ڪيڏانهن آھن؟
کيئري اداسي وچان چيو ته چچو توکي خبر آھي نه انب جو والد هڪ سياسي ماڻھو جو خاص معاون ۽ ويجهو آھي! جيڪو ساڻس ھر وقت گڏ ھوندو آھي ۽ زيتون ھڪ صحافي جو پٽ آھي، جنهن جي والد جا رابطا منسٽرن توڙي ھر وڏي سطح جي ماڻھن سان آھن! باقي آئون ھڪ پورهيت مزدور ھاري جو پٽ، منھنجي والد مون کي پنھنجي جسم مان پگهر وهائي پڙھايو آھي، جنهن جا زخم مون ڀرڻ بدران مرڳو ڇيڙيا آھن.
چچو پريشان ٿي ٻيھر تعجب وچان پڇڻ لڳو ته آخر انهن کي ٿيو ڇا آھي، مون کي اڃان سمجهه ۾ نه ٿو اچي؟
کيئرو ٻئي ھٿ نرڙ تي ڏيئي چوڻ لڳو، ادا انب پنھنجي پٽ کي وڏي شھر ۾ وٺي وڃي نوڪري ڏياري ڇڏي آھي، جنھن هاڻ پنھنجو نمبر ئي بدلائي ڇڏيو آھي! زيتون کي به والد 17 هين گريڊ جي نوڪري وٺي ڏني آھي! جيڪو اڄ ڪلهه مون کي سڃاڻي ڪونه! باقي آئون جهڙو ھئس تهڙو رهجي ويس، ڇاڪاڻ جو آئون پورهيت مسڪين جو اولاد هئس، مون وٽ وڏي سطح جا رابطا نه هئا! مون وٽ فقط غريبي هئي، آئون هوشيار هئس! بابا سخت پورهيا ڪري پڙهائي سگهيو! پر ايترو پئسو نه هو جو نوڪري وٺي سگهي، کيئرو روئڻهارڪو ٿي اٿي ويو هليو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *