تازا ترين
  • *حيدرآباد: سلاوٽ پاڙي ۾ 11 هزار ڪي وي واري تار ڪري پئي، رهواسي خوف ۾ مبتلا*
  • *سکر ۾ پرسرار نموني گم ٿي ويل 2 ٻارڙا جنسار عرف جنار ۽ عدنان عرف دعنان هٿ، هڪ شڪي گرفتار*
  • *جيڪب آباد: مغوي زال ۽ نياڻي کي بازياب ڪرائڻ بدران پوليس اهلڪار طعنا ڏيندا آهن: جيڪب آباد ۾ پيرسن پوليس اهلڪار جو احتجاج * جيڪب آباد: حاجي سليم منهنجي زال ۽ ڌيءُ کي اغوا ڪيو آهي، پوليس بازياب نه ٿي ڪرائي: اڪرم لاشاري * جيڪب آباد: اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار قالو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو: پوليس *
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*

ڪهاڻي……تنبورو…….حسيب ناياب منگي

هن جي معصوم چهري، جيڪو هاڻي مرجهائجي چڪو هو، تان ڳوڙها قطارون ڪندي وهي رهيا هئا، گذريل ستاويهن ڏينهن کان اهو معمول بڻجي چڪو هو ته هوءَ روز رات جو روئي سمهندي هئي، اڄ به بستري تي ليٽي هوءَ شيريءَ سان گذاريل پيار ڀريون گهڙيون ساري پئي.
“شيري جڏهن ساڻ هوندو هو ۽ ڪنهن ڳالهه تان روئندي هئس ته شيري تڙپي اٿندو هو، هو منهنجي ڳلن تان ڳوڙها اگهي تسلي ڏيندو هو، ميوزڪ سٽي هال هجي يا آئيس اسڪيٽنگ تي وڃڻ، ڪيئن نه گڏجي خوشيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀريندا هئاسون، اسان ٻنهي جون ٻانهون هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ هونديون هيون ۽ زندگي جا مزا ماڻي گڏ جيئڻ واري ڏاڪڻ جا ڏاڪا کل ۽ خوشي سان چڙهڻ سکي رهيا هئاسون، ته قسمت جي وڄ اسان مٿان اچي ڪڙڪي پئي، هئه! قسمت سان به ڪي مون مندايون ڪيون هيون جو عين ان وقت دوکو ڏئي وئي جڏهن شيريءَ سان ٿي ويندڙ محبت واري تعلق کي شادي جي رشتي ۾ تبديل ڪري رهي هئس”
شيريءَ کي ياد ڪندي جهوٽو ٿو لڳي وڃينس، هن جي خواب ۾ اڄ به عجيب ميوزڪ جو آواز اچي ٿو، هر روز جيان اڄ به خواب ۾ پئي ٿي سوچي:
“هي ڇا آهي؟ ههڙي ميوزڪ ته حادثي کان اڳ ڪانه ٻڌي هئم، الله!! ايڏو سڪون! ايڏي گهري ڪشش! واهه! ايڏي سڪ ۽ ڇڪ! ڇا اهو ساز شيري ته نٿو وڄائي؟”
اهو سوچيندي ئي جاڳي پوي ٿي، اکيون ڇا کولي ته سج جا روشن ڪرڻا هن جي ڪمري واري دريءَ تي پهچي چڪا هئا، جاڳي پوي ٿي ۽ فريش ٿي ماءُ ۽ پيءُ وٽ اچي ٿي.
پڻس جيڪو اڳ ئي هن ۽ شيريءَ جي محبت جو مخالف هو، سو پڻ ڌيءَ جي گول ۽ خوبصورت چهري ڏانهن نگاهون کڻي نهاري ٿو ته روئي پوي ٿو. ماءُ ڌيءَ کي ڀر ۾ ويهاري چوي ٿي ته “ردا! ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ شيريءَ جي اها ئي وهي هئي، هن جي نصيب ۾ 22 سالن جي عمر ۽ تنهنجي نصيب ۾ ساڻس ڇهن سالن جو ساٿ لکيل هو. قسمت جا فيصلا به ڀلا اڄ ڏينهن تائين ڪي ٽري سگهيا آهن ڇا؟ جو هاڻي ٽري وڃن ها، شيري زندهه هجي ها ۽ تون پنهنجي محبت کي ماڻي خوش گذارين هان”.
ٻاجهه ڀريو هٿ ردا جي مٿي تي ڦيرائي پڻس چوي ٿو ته “تون ته منهنجي جيئڻ جو سهارو ۽ منهنجي جگر جو ٽڪرو آهين. مون کي توتي ناز آهي، ڌي! 21 سالن کان هتي نيويارڪ ۾ آهيون، هتان جي ماحول ۾ رهندي تون منهنجي هر پابندي جي اکيون پوري اطاعت ڪئي، دين، دنيا ۽ ها! هي ڏس تون ته اڄ به اڇي شلوار تي اجرڪ جو چولو پهريو آهي. تون ته هتي اسان سان پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿي ڳالهائين. مان سمجهي ٿو سگهان ته هن وقت تنهنجو اندر رت جي ڳوڙهن جي ڇولين کي برداشت ڪندو هوندو. مهينو اچي ٿيڻ تي آهي، هاڻي غم جي پهاڙ تان خوشيءَ جي زمين تي قدم رکي هلڻ سکي وٺ”
ردا پيءُ جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ پنهنجي خوبصورت اکين مان نيرن کي وهڻ کان روڪي نٿي سگهي، هن کي اڄ ماءُ ۽ پيءُ اڳيان ڳالهائڻ جو بهترين موقعو مليو هو سو کين ٻڌائڻ لڳي ٿي ته “مون شيري جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ کانپوءِ جيتري دير به اک هنئي آهي تنهن ۾ اهڙي ميوزڪ کي وڄندي پئي ٻڌان جا اڳ ڪڏهن ٻڌي نه اٿم، سا ميوزڪ مون کي سڀني کان منفرد ۽ سڪون بخشيندڙ لڳي رهي آهي”.
ماءُ ۽ پيءُ هن جي خواب واري اشاري کي سمجهندي سنڌ هلڻ جو زور ٿا ڀرن، ردا روئي چوي ٿي ته “شيري جي جدائي منهنجي وجود کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. هڪ وڇوڙو سٺو نٿو ٿئي، وري شيري ۽ پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ڇڏڻ وارو امتحان! مون مٿان قيامت ڇو ٿا برپا ڪيو”؟
پيءُ ۽ ماءُ آڏو گهڻو ئي ٻاڏائي ٿي پر پيءُ جي اڳيان هڪ نٿي هليس، ماءُ کيس سمجهائي چوي ٿي ته
“پنهنجي اباڻي ديس جي زمين تنهنجي ڏکاري جيون لاءِ آٿت جو سبب بڻجندي. اسان به تنهنجي ڪري وطن جي مٽي تي ڪجهه گهڙيون گذاري وٺنداسين”
ردا جي رضامندي ڏسندي، سنڌ اچڻ لاءِ تياري ۾ لڳي ٿا وڃن ۽ سنڌ پهچڻ شرط ردا کي ناناڻن ۽ ڏاڏاڻن ڏانهن وٺي وڃڻ کان پهرين ماءُ ۽ پيءُ ڀٽائي جي نگري تي وٺي ٿا اچن، سنڌين جي سدا حيات شاعر جي درگاهه تي پهچي ڇا ڏسي ته ڀٽائي جا فقير تنبورو وڄائي رهيا آهن، حيران ٿي پيءُ جي ٻانهن کي زور سان پڪڙي چوي ٿي
“بابا هي ته اهو ئي راڳ آهي جيڪو مون کي خواب ۾ سڪون ۽ قرار بخشيندو هو. بابا! هاڻي سنڌ کان پري نه هلنداسين!”

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *