تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ڪم لٿا پيا آهن!! … حاجي شاد

سنگهار پنهنجي ڍري ٻڌل گوڏ جي ور مان پن وارين ٻيڙين جي جھوڙي ڪڍي ۽ جهوڙي مان هڪ ٻيڙي سيري ڪڍيائين ته پن جي ٻيڙي اندر تماڪ ڪو نالي ماتر……هڪ ٻه ٻيڙي کي مھٽا ڏئي کڻي تيلي ڏنائين پر هڪڙي تيلي ٻي تيلي پر ٻيڙي نه دکي ،گوڏ جا ڍرا ور ور ڏئي ٻڌندي چيائين” يار مجنا! ڳالھه ڪا جٺ هاڻ هڪ ته پن مهانگو ،ٻيو تماڪ گهٽ پيو تيليون ساڙ. هاء ڙي قسمت ڪو وقت هو ته پن جي ٻيڙي جو پيٽ تماڪ سان ڦاٽندو هو پر ملڪ مهانگائي وڌي ته ٺڳي به وڌي وئي ٻيڙين جي جهوڙي به وڃي پنجاھ کي لڳي جيڪا هڪ رپئي ۾ وٺي پيتيسين،بس! مجنا ملڪ ۾ ته باھ ٻري وئي آھي ملڪ ۾ بک ڪاهي اچي پئي آھي،کاڌي پيتي دوا درمل جا خرچ ويا وڻ چڙهي،غريب ته بخار جي گوري وٺڻ کان به لاچا، اسان جهڙا مڙھا مڙس جن جو نڪو اوهي نڪو واهي ،ڀلا سي ڪيئن وقت پاس ڪن،ٻيلي مجنا مالڪ پيو مھر ڪري باقي پنهنجا ٽپڙ پورا اٿئي!!“
يار سنگهار چئين سچ ٿو هڪ مهانگائي ٻيو وري اهي ماڻھن جا ابتا ڦيل! مون واري ڇوري جي هٿ ۾ ڪو شيشي جو موبائل آيو مصيبت آيو آھي ،سڄو ڏينهن اٿس ان ۾ اک ڪم کان ٻرو.هي سڀ مصيبتون ماڻھن غريبن جا گهر تباھ ڪرڻ لاء ٺاهيون آھن،وقت جو زيان ،خرچ الڳ، ڳالهه ڪا مھاڙ غريب ماڻھو ته منهجي ليکي سنگهار يار مري جان ڇڏائي باقي ٻيو ڪهڙو گس وٺي!!“ هي ٻئي ٻير جي ڇڊڙي ڇانو هيٺ ويٺا آھن ۽ سج وڃي پيو الهندي ڀر آخري الوداع ڪندي.
يار مجنا مون کي هڪڙي ڳالهھ جو واء پيو آھي ڀلا توکي ڪا کڙڪ…!!؟ سنگهار پن واري ٻيڙي جو آخري سوٽو هڻندي ٻيڙي مان جان ڇڏائيندي چيو ”يار ! ڪجهه سر سر مونکي به پئي آھي، ٻيلي وڌيڪ ته رب کي خبر پر ڪلهه رات نبوء واري مينهن جي واڙي تي ويٺا هئاسين ته نبوء ڳالهه ڪئي ته ڀيلن جي ٻانهن ڪي شيخ ڀڄائي ويا، ۽ ڀيلن جون اصل ڪوڪون هجن!!“ يار سنگهار تون ته پيو اصل رٻن کي داڳ ڏئين. ڳالهه جي کڙڪ پئي اٿئي پر خبر ڪجهه الٽي ڪري ويو آھين، ميان ! ڀيلن جو ڇورو ڪونه هو ڪرشنيو،اھو شيخن جي ڇوري ٻھاري ويو، نه سڻين نه ٻڌين پيو دٻون ڏئينن……!!“
”اڙي مجنا! ڪهڙيون ٿو خبرون ڪرين مسلمانن جي نينگري… هندوء سان…… مار ڀڙيان…!!“ ڌڻي ڪو پناھه ڏي باقي مسلمانن جا ڪم به لٿا پيا آھن،هي ٻئي خبرون ڪرڻ ۾ پورا هئا ته سانجهه اچي پر پکيڙيا هئا ٻئي ڳوٺ ڏانهن رڙھڻ لڳا، اڃان ڳوٺ جي پاسي ۾ لڳل نلڪي تان پاڻي پي رهيا هئا ته پريان نبو اصل واء پاڻي ڪندو آيو جهڙو ڪا ڳوٺ کي باھ لڳي هجي!! ”ابانبو!آهي ته خير. صفا سهڪندو اچين!؟“ يار سنگهار ڪهڙيون ٿو خبرون ڪرين، ٿي ظلم ويو پر هاڻ اصل پوليس جا ٻئي هٿ ٻوڙ ۾ باقي راڄ ڀاڳ ۾ وڏي خواري ٿي وئي…!؟ ڀلا مجنا آخر ٿيو ڇا. ٻيلي ڪجهه ٻڌاء به سهي يا رڳو پيو ڳهجارتون ڏيندين……!!؟
يار سنگهار ڪهڙيون ٿو خبرون پڇين. شيخن ڀيل ڇوري ڪرشنيو کي اصل ڪهاڙين سان وڍي ڇڏيو، چون ٿا ته لاش ڳترا ڳترا ڪري ڇڏيائون، ”ڀلا پوء شيخن جي ڇوري!!“ شيخن واري ڇوري ڪراچي ۾رئيس ستار ڏني جي بنگلي تي. ”نبو اهو وري ڪيئن…!؟“ اڙي يار ،سنگهار تون به پيو ٻارن واريون ڳالهيون ڪرين،اصل ۾ هو رئيس کي وٽ…ڇوري هئي چتونء جو ٻچو ڀيل تي الئه ڪيئن هرکي. باقي ڪجه سر سر اها به پئي آھي ته رئيس ڇوري پاڻ ٿمي ڇڏي آھي.… !!“ ”مجنا! ٻيلي پاڻ کان ڳالهه ڳري آھي پاڻ ٿا وڃي ڳنڌڻ پاڻي جو ڪيون … باقي ماڻھن جا اصل ڪم لٿا پيا آھن…!!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *