تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

ڪميشن جي تياري ڪندڙ شاگردن کي حق ڏنا وڃن …صدام جوکيو

هر سال سنڌ جي مختلف يونيورسٽين مان ڪيترائي شاگرد ڏينهن رات اوجاڳا ڪاٽي محنتون ڪري، غريبي حال ۾ وڏيءَ جهد جفا سان 4 يا 5 سال ريگيولر يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي ڊگريون حاصل ڪن ٿا، جن مان ڪجهه شاگرد پهرين ۽ ٻين پوزيشنن ۾ امتحان پاس ڪري فرسٽ ڊويزن ۾ ڊگريون حاصل ڪن ٿا، ڪجهه شاگرد پنهنجن شعبن ۾ ايتري محنت ڪندا آهن جو هو فيڪلٽي ٽاپ ۾ اچي ويندا آهن، پر افسوس ان ڳالهه جو آهي جو اهڙن شاگردن جي لاءِ جيڪي اعليٰ تعليمي ادارن مان پهرين پوزيشنن ۾ امتحان پاس ڪن ٿا ۽ مثالي ڪم ڪري ڏيکارين ٿا، انهن لاءِ به ڪا مقرر ڪيل نوڪري ناهي ۽ هو ايتري تعليم ۽ ڄاڻ بعد به يا پرائيويٽ نوڪري ڪن ٿا يا آسرن ۾ ويهي وڃن ٿا. پرائيويٽ نوڪرين ۾ اهڙن شاگردن کي تمام گهٽ پگهارن ۽ سندن علم مطابق ڪم ناهي ملندو، بلڪه اهو ڪم جيڪو ميٽرڪ پاس به ڪري سگهي ٿو، ان ڪم تي اعليٰ تعليمي ادارن مان فرسٽ ڊويزن ۾ امتحان پاس ڪيل شاگردن کي رکيو وڃي ٿو. اهڙن يونيورسٽين جي شاگردن جي لاءِ جيڪو ٻيو سٺو رستو آهي، اهو آهي ڪميشن جو! سچ ته اُهي شاگرد جيڪي يونيورسٽيءَ ۾ چار يا پنج سال محنت سان پڙهي ڊگريون حاصل ڪري نڪرن ٿا، انهن مان ڪيترائي شاگرد وري ٻيڻي ۽ ٽيڻي محنت ڪري ڪميشن جي تياري ڪندا آهن، هو صبح جو 8 يا 9 بجي کان رات جو 10 بجي تائين لائبريرين ۾ وڃي سمورو وقت پنهنجو ساهه ست ڏئي، سڀ خوشيون ۽ خواهشون قربان ڪري هر طرح جي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا ۽ ڪميشن جي لاءِ مقرر ڪيل ڪورس جنهن ۾ سائنس، ڪرنٽ افيئر، تاريخ، انگريزي، اسلاميات، پاڪستان افيئر ۽ ٻين ڪيترن ئي پاسن جي ايم سي ڪيوز توڙي تحريري ۽ چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن جي نهايت وڏيءَ محنت سان تياري ڪن ٿا. پر افسوس اهو آهي جو ايتري تياري ڪندڙن سان به ويساهه گهاتيون ٿين ٿيون ۽ پوريءَ تياريءَ جي باوجود به جنهن ملازمت ۽ عهدي جا هو حقدار آهن، انهن عهدن تي وڃي بااثرن جو اولاد ويهي ٿو. سنڌ جا شاگرد آخر وڃن ڪيڏاهن؟
اُهي شاگرد جيڪي ڪميشن جي تياريءَ دوران ڪيترن ئي پاسن جي نهايت سٺي ڄاڻ حاصل ڪري وٺن ٿا، جيڪڏهن انهن کي به نوڪريون نٿيون ملن ته پوءِ ڪيئن سنڌ ۾ نوان شاگرد محنت ڪري تعليم حاصل ڪندا، ڪيئن سندن اعتبار ۽ اميد جڙندي ۽ ڪيئن ملڪ جي ترقي ٿيندي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اداري سان سلهاڙيل آفيسرن کي التجا آهي ته ڪميشن جي تياري ڪندڙ محنتي شاگردن کي سندن محنت موافق حق ڏنا وڃن.
سال 2013ع کان هيستائين ڪميشن جي جن به امتحانن جون رزلٽون سامهون آيون آهن، انهن ۾ پاس ڄاڻائي مقرر ڪيل ڪجهه آفيسرن جي مقرريءَ ۾ پنهنجا نوازي ۽ سفارش هلي آهي، اهڙا انڪشاف احتساب واري اداري نيب پاران ظاهر ڪيا ويا آهن. ڪميشن پاس ڪري مقرر ٿيندڙ آفيسر اُهي هوندا آهن، جيڪي پاليسيون جوڙنيدا آهن. جيڪڏهن اهڙن عهدن تي محنتي ۽ حقدار ماڻهو نه ويهاريا ويندا ته پوءِ سنڌ جي ترقي ٿيڻ ۽ عوام ڀلائي ۽ حق ترسي رياست جڙڻ ناممڪن آهي. سنڌ جي سمورن ادارن جي سختيءَ سان جانچ پڙتال ڪئي وڃي ۽ ڪرپٽ آفيسرن تي ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ محنتي شاگردن جي ڦٻائجي ويل حقن جا حساب طلب ڪيا وڃن. اهو شاگرد جيڪو ڪميشن جهڙي امتحان جي پوري تياري ڪري ٿو، اهو پوري حڪومتي نظام کي سمجهي وٺي ٿو، بلڪ دنيا جي تقريبن سموري سياسي، سماجي، معاشي ۽ ٻين پاسن جي ڄاڻ تائين جي رسائي رکن ٿا. انهن سان ٿيندڙ رياڪاري واري سلوڪ جا نتيجا صوبي جي ترقي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهن ٿا. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن واري اداري کي وڌ کان وڌ مضبوط ۽ انصاف پسند بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن هڪ پاسي تي سنڌ جي شاگردن جو اعتبار جڙي سگهندو ۽ صوبائي توڙي ملڪي نظام پڻ مضبوط بڻجي سگهندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *