تازا ترين
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*
  • *گھارو ويجھو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پيرسن فوت *سيد فارم ھائوس تي پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب55 ورهين جو صفدر شاهه فوت ٿي ويو* پيرسن جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو*
  • *مبارڪپور ۾ چوري ڪندي 2 چور سوگها،مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ چنڪي واھ تي چورن افغان مهر جي گهر کي کاٽ ھنيو ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا *ڳوٺاڻن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُالله جعفري کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو *مبارڪپور پوليس پھچي ٻن چورن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُ الله جعفري کي گرفتار ڪري ورتو*

ڪلنڪ … سڪندرھاڙھو

ھاڻي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته ھن کان پنهنجو اولاد به ناراض ٿيڻ لڳو آھي ۽ انهن جو به ناراض ھجڻ بلڪل سھي آهي پر مونکي به ھاڻي ائين محسوس ٿيندو آهي ته ھن جي ڪلنڪ گھٽ ۽ ادبي اوطاق وڌيڪ لڳندي آهي ـ ڊاڪٽر منهنجي بچپن جو دوست آهي مونکي به ھن تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳندي آهي ته ھن وٽ مريض گھٽ ۽ اديب شاعر ۽ ٻين فن سان واسطو رکندڙ ماڻهو وڌيڪ ويٺل نظر ايندا آهن ـ الاھي ته ڪيترا دفعا ان ڳالهه تي ھن سان منهنجي مونھن ماري به ٿي آهي پر تنهن ھوندي به ننڍي هوندي جو يار آھي ھلائيندا پيا اچونس ڪڏهن ڪڏهن ته چانھه جو بل به ھڪ ھفتي کان پوءِ ڏيندو آهي.جنهن تي مونکي وري ڏاڍي ڪاوڙ لڳندي آهي اصل دل چوندي آهي وٺھي ڪٽيانس..پر ڇا ڪجي ڊاڪٽر ٿي پيو آهي ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن منهنجي به ڪم ايندو آهي، مان ان ڳالهه جي ڪري وري ماٺارجي ويندو آھيان ڪيترا ڀيرا ئي اوڌارا پيئسا مونکان گھريا اٿئين ۽ چوندو آهي ڏي ته ماني گھرايان مھمان وڌي ويا آهن..جنهن تي وري مونکي ڪاوڙ لڳندي آهن.ته ھو وري چوندو آهي اڳئي مونکان ھڪ دادلا دانشور ڪاوڙ جي ويا آهـن ھي به نه ڪاوڙجي وڃن..اصل پيسا ڏي ته ماني گھرايان..يار جي ڪلنڪ تي رات جو ويندو آھيان ته پنج ڇهھ بسڪيٽ جون فاريون پيون ھونديون آهن دل ۾ سمجھي ويندو آھيان ته يار شايد اڄ به گهر جي ماني نصيب نه ٿي ھوندس پر بک تي ڏينهن گذاريو اٿس..ته آئون پڇندو آھيانس ڇا وري ڪي مھمان اچڻا اٿئي ڇا..?ويچارو چوندو آهي نه نه مھمان ته ناھن اچڻا بس ٿوري بک لڳي ھئي تنهن ڪري بسڪيٽن جون فاريون گھرايون اٿم..
ھڪ ڏينهن صبح جو آئون جيئن ئي پھتس ته ڏٺم يار جي ڪلنڪ بند ھئي ائين ڪندي ٻئي ڏينهن به بند نظر آئي آئون گھڙي لاءِ پريشان ٿي ويس ۽ وري سوچيم ته متان شايد ڪنهن ڪم ڪار سان ٻاھر ويل ھجي ائين ڪندي ڪلنڪ اٺ ڏينهن مسلسل بند رھي سوچيم ڇو نه وڃي گهر ڏانهن پڇي اچانس فون نمبر به بند اٿس.يار ڪٿي پيالو ته نه ڪري ويو ڇو جو ڊاڪٽر اڪثر ماڻهو تڪڙا ھليا ويندا آهن..تنهن ڪري اصل سڌو دروازي جو رک ڪيو مانس..ملڻ تي معلوم ڪيو مانس چيائين يار طبيعت صحيح نه ھئي ۽ ڪلنڪ جو خرچ گهڻو ٿي ويو ھو ۽ مٿان اوپي ڊي به نه جي برابر آهي.مون ٽھڪ ڏيندي چيو ڊاڪٽر اديبن واري جي اوپي ڍي گهڻي اٿئي.. تنھنجا ڪافي مريض بند پيل ڪلنڪ جي ارد گرد فرن پيا..چيائين بس يار ھن غريب اديبن جي پارت ھجئي جي اچنئي ته چانھه جي اڌ پيالي ضرور پيارجان..ته وراڻيم ھا ادا..! ھا واھ جو ٺھيو آھين اول ئي تنهنجي ڪلنڪ بند ڪرائي اٿن ۽ وري چوين ٿو ته چانھه جي پيالي پيار جان ته جئين منھنجو ھوٽل بند ٿي وڃي..نه ادا نه .آئون ايترو چريو ناھيان..اڳيئي ملڪ ۾ ڏسين ٿو نه ڪيتري مھانگائي آهي..انسان پنهنجو پيٽ پالڻ کان آزرتو آهي..مٿان ھي دوست جيڪي دنيا جا ھر احساس لکي سندس ڪيترن ئي احساسن جا مالڪ بڻجن ٿا.. پر ھو پاڻ ان احساس کان الاھي ڇو قاصر آهن.جو اچي ٻئي جي روزگار کي اوطاق سمجهي ڪچھريون ڪرڻ لڳي ويندا آهن..ڊاڪٽر اھڙن کي ھيرائي پاڻ کي ھوٽل تان ڪڍرائڻو ٿورئي آ.. ڊاڪٽر منھنجا جملا ٻڌي ھڪو ٻڪو ٿي ويو ٿڌو ساھ ڀريندين چيائين..ھا ادا..! چوين سچ ٿو جيڪي دوست سڄو ڏينهن منهنجي ڪلنڪ تي ويٺا ھوندا ھئا اڄ اھي سڀ مونکان پڇڻ به نه آيا آھن.واقعي ادا..! ڪنهن سچ چيو آهي بيٺي جو يار سڀ ڪو آ..ڪيريي جو ڪو به ڪونهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *