تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪرڪيٽ…عذير عابد

ادا بخشل ” تو وارو ڇورو به ڪون سڌرندو با، شادي جي جو ڳالھه ٿو ڪرين ته عرس ۾ ڇوڪري ڏيو، ڇوڪري کي چئو ڪو ڌنڌو ڌاڙي ته ڪري، صبح شام ھڪ ڪرڪيٽ ڏسڻ ٻيو کيڏڻ، باقي ڪو ڪم ڪار نه ڪيان ”
حاضر ادا حاضر پيرل
مون وسان گھٽايو ھوندو، ابا پنهنجي زمين تي ته ھارپو ڪون ڪندو ھڏ حرام آ شھر ۾ درزي جي دڪان تي بيھاريومانس چوٿين ڏينھن ڀڄي آيو ‘
ھا ادا ” اھو مرض صفا خراب آ
ھن نڀاڳي کي لڳو ڪٿان اھو مرض
پنهنجي خاندان ۾ ته اھڙي وبا ڪونھي، اسان سڀ ڀائر به محنتي آھيون ,ھن عمر ۾ به پورھيو ٿا ڪيون، ھي ڇورا جواني ۾ به ھڏحرام ـ ”
ادا ‘ بس اھي ڪمانگرن جا ڇورا آھن نه پاڻ به ڪو ڪم ڪن نه ڪر
اسان جي به چڱي خاصي ڇوري کي ڪم کان وڃائي ڇڏين، خانداني ڪرڪيٽر آھن، ڪارو اٿن منھن ‘
بس ادا ڪھڙا سور پٽيون، ڌڻي ھدايت ڏيندس ڳچ وقت ٿي ويو آ چگو ھلان ٿو”
ٺيڪ آ ادا ….. نعيم بخشل جو پٽ آ، سندس مگڻي ٽي سال اڳ چاچي پيرل جي ڌي سان ٿي ھئي ـ
بخشل گھر پھتو ‘ ماسات ڪٿي آ نعيم ؟؟
ويو آ ھوٽل تي راند ڏسڻ، پنج سئو منٿون ڪري ورتا اٿن، مينھن جي ڪٽي لاءِ رکيا ھيم، بس کڻي ڏنامانس ‘
پٽينھن سان گڏ تنھنجي به ڪل ٿڙي وئي آھي، ڇورو ڪرڪيٽ تي جوا ٿو کيڏي، ڇو ڏنيس پيسا ‘
ماسات ھاڻي ڇا ڪيان، جوان پٽ پيسن لاءِ منٿون ڪري، منهنجي کيسي ۾ پيا ھجن ۽ نه ڏيانس، مونکان ايئن نه ٿيندو ”
چڱو اٿ ھاڻي ماني کڻي ڏي، وري ويندس ٻني تي’
ڳوٺ جا سڀ ڪرڪيٽر ڇوڪرا ھوٽل تي ويٺا ھيا
صاحب ڏي حوال ‘ اي بي ڊيوليئر گھڻو ٺاھيو ؟
صاحب اڄ ڊيوليئر جي نه ھلي جلدي آئوٽ ٿي ويو ـ
ھان جاني آھي ته ڪنڌار رانديگر ھل ڀلا مورني مورڪل
جاني مورڪل جو اڃا نمبر نه آيو ـ ستين نمبر تي ايندو آ ـ
پوءِ ڀلا سئو اسي ڪيئن لڳو ,ٽوئنٽي ۾ ـ ؟؟
صاحب ڪوڪ ۽ ملر ڇڪي رکيو ڪم
ھان ڀلا اسٽارڪ جي بالنگ نه ھلي ڇا ؟؟
آسٽريليا ڏانھن ـ
جاني اڪيلو اسٽارڪ ڇا ڪندو ؟
جانسن ۽ واٽسن کي اوور ۾ چار چار لڳا ـ
ھان ـ
ابو
جانسن کي به ـ ھا نعيم اڄ ڪوڪ مڇريل ھو ـ
ڏسون ھاڻي واٽسن يا وارنر لڳن ته واھ واهه نه ته فنچ ۽ ميڪسويل ۾ حال ڪونھي جو سئو اسي چيز ڪري سگھن ـ
آسٽريليا جي بيٽنگ ڪيڏي مھل آ
ادا اڌ ڪلاڪ جو وقفو آ پوءِ وري راند ھلندي ـ
چگو ساڍا ٽي ٿي ويا آھن ھاڻ کڻون اسٽم ۽ بيٽيون ته ھلون پوءِ موٽي اچي ھاليٽيز ڏسنداسين ـ
صاحب اڃا ته نٽھڻ اس آھي
تون به شوق نه ڄاڻين پيارا، اس شوق کي ڇا ڪندي؟ اٿو ته ھلون
مان ۽ باقي سنگت ھلون ٿا، سعيد تون مون واري سوٽن کي گھران وٺيو اچ
ھا صاحب ھلو ڀلي ـ
سڀ دوست ھوٽل تان اٿيان , ڊگري ڪاليج روانا ٿيا ,جٿي ھر روز ڪرڪيٽ کيڏندا ھيا ـ
ھنن ڇوڪرن جو صبح ,شام ننڊ ,جاڳ ,ابو امڙ ۽ محبوبا صرف ڪرڪيٽ ھئي , باقي ٻي جھان جي ڪا به سڌ نه ھين ڪا ـ ھاڻ سڀ اچي جوان ٿيا ھيا , والدين جو گھر ۾ پٽڪو ته ڇورا ھاڻي ڪو ڪم ڪار ڪن ,انھن مان گھڻا ته شادي شدھ ھيا پر اسانجي ڳوٺ ۾ ادب کان ويندي فلسفي تائين سج اڀري کان سج لٿي تائين ھنن ڇوڪرن جو بحث ڪرڪيٽر جون ڪھاڻيون , بالنگ ,بيٽنگ ۽ فيلڊنگ جو فلسفو ھيو,
نعيم ڳوٺ جي ٽيم جو ڪپتان آ . بيٽون ,اسٽم ,بال ۽ ٽيپون سنڀالي رکڻ ,تنھن کانپوءِ سڀني ڇوڪرن کي گڏ ڪرڻ ھن جي ذميداري آھي ـ
گھر ۾ ھر روز جي ڪروڌ ,گھپي باوجود ,نعيم کي ڪنهن ڳالهھ جي ڄڻ خبر نه رھندي آھي ,سواءِ ڪرڪيٽ ڏسڻ جي ,ـ
گرائونڊ ۾ سڀ گڏ ٿيا ,ھفتي ڏيڍ کان ميچ تي شرط لڳڻ سبب سڄو ڳوٺ گڏ ٿيندو ھيو راند ڏسڻ لاءِ ,
ھليا ٽاس ڪر پيارا
نعيم ٽاس کٽي بيٽنگ چوز ڪئي,
اٺن اورز ۾ 120 اسڪور ٺاھيائون ,
اڙي ھيڏي سعيد توھان ۾ افعال ڪونھي تنهنجي ھوندي نعيم جي ٽيم 120 ٺاھيو آھي’
چاچا دعا کپي تنهنجي چيز ڪنداسين ‘سعيد ڳوٺ جي ھڪڙي پري مڙس کي جواب ۾ وراڻيو ,
اڄ شرط ب ڇھن ھزارن جي لڳي ھئي جيڪو کٽي ٻارنھه ھزار گھر کڻي وڃي ,
سعيد جي ٽيم بيٽنگ شروع ڪئي
راند زور شور سان ھلي
آخري اوور ۾ ويھن جو اسڪور پي کپيو ,
رانديگرن ۽ تماشائن جون دليون پي ھليون .
پھرين ٻن بالن ۾ ٻه چوڪا لڳا
ٽيون بال جيئن ڪريو ,سڀني وٺي خوشيون ملھايون آئوٽ آئوٽ
امپائر ٺف جواب ڏنو
ادا نعيم ايج ناھي لڳل ڀلي تون ٻاھرين کان پڇ ,
ڪيئن ناھي لڳي ھيڏو آواز ٿيو آ ,
بحث ڪندي ڪندي نعيم ۽ سعيد تيز ٿي ويا ,
ٻنھي ھڪٻئي کي ڳچي کان ورتو
ڳوٺاڻن ڇڏائڻ بدران ڪن سعيد جي پاران ڌڪ ھنيا ته ڪن وري نعيم ڏانھن , ڪجهھ وقت جي ٿڦاٿڦي کانپوءِ ان وقت ته معاملو ٽري ويو ,سعيد جيئن گھر پھتو ,وڏي ڀاءُ چيس: ڇورا ڏي احوال راند کٽي ,ٻه ھزار جو وٺي ويئن ,
سعيد سڄي وارڌات ٻڌايس ,
بس مونکي وڃڻو ھو اڏي تي ,تڏھن راند ڏسڻ نه اچي سگھيس ,نعيم جي اھا مجال توسان وڙھيو آ ,
کڻ لٺيون ڇورو ھوٽل تي ويٺو ھوندو ,
ھا ادا ھل ,
نعيم ھوٽل تي ڪرڪيٽ پي ڌٺي ,ھي ٻئي ڀائر مٿان اچي ڪڙڪيس , ھو اڪيلو ھٿين خالي ھي ٻه مڙس لٺين سان ,نعيم جو مٿو ڪچو ڪري وڌن ,ڪجهھ دير ۾ ھوٽل وارن ڇڏائي اسپتال پھچايس ,, نعيم جا مالڪ به اسپتال پھتا,مٿي کي ٽانڪا لڳرايونس . ٻه ڏينھن گذريا ,نعيم اڃا مڪمل طرح ٺيڪ نه ٿيو ھو ,
نعيم جي سوٽن کي سعيد ڳوٺ جي گھٽي ۾ اڪيلو ملي ويو , چار ڄڻا ھڪڙي ھمراھ مٿان قيامت بڻجي ڪڙڪيا ,برسات سان گڏ وسندڙ ڳڙي وانگر مٿان ڪڙڪاٽ ڪندا رھيس , ھڻي مڙس کي اڌ مئو ڪري ڇڏين ,.
ٻه ٽي ڏينھن گذريا وري سعيد وارن پلاند جي تياري ڪئي , نعيم جي پيءُ بخشل ۽ چاچي پيرل سوچيو ,ڪرڪيٽ تان شروع ٿيل ھي معاملو اڃا ويندو وڌندو , سعيد جي پيءُ سان مليا ,ملي ڪري معاملي کي ٿڌو ڪيائون , تڏھن وڃي فساد جھڪو ٿيو ـ
ٽي مھينا گذري ويا ,نعيم جي شادي ٿي وئي ،شادي جي ٻي ڏينھن گھر وارن کي چيائين : وڃان ٿو شھر مزدوري جو ڪم مليو آ ,
گھران موڪلائي سڌو اچي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي پھتو :
ھليا سعيد ٽاس ڪر

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *