تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ڪريل جو ڪو به ڪونهي ڪو… سڪندرھاڙھو

ھاڻي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته ھن کان پنهنجو اولاد به ناراض ٿيڻ لڳو آھي، ۽ انهن جو ناراض ٿيڻ بلڪل سھي به آهي، پر مونکي به ھاڻي ائين محسوس ٿيندو آهي ته ھن جي ڪلينڪ گھٽ ۽ ادبي اوطاق وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر  منهنجي ننڍپڻ جو دوست آهي، مونکي به ھن تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳندي آهي، ته ھن وٽ مريض گھٽ ۽ اديب شاعر ۽ ٻين فن سان واسطو رکندڙ ماڻهو وڌيڪ ويٺل نظر ايندا آهن. الاھي ته ڪيترا دفعا ان ڳالهه تي ھن سان منهنجي منھن ماري به ٿي آهي تنهن ھوندي به ننڍي لا جو يار آھي ھلائيندا پيا اچونس.
ڪڏهن ڪڏهن ته چانھه جو بل به ھڪ ھفتي کان پوءِ ڏيندو آهي. جنهن تي مونکي وري ڏاڍي ڪاوڙ لڳندي آهي. اصل دل چوندي آهي وٺي ڪُٽيانس. پر ڇا ڪجي ڊاڪٽر ٿي پيو آهي، ڪڏهن ڪڏهن منهنجي به ڪم ايندو آهي، آئون ان ڳالهه جي ڪري وري ماٺ ٿي ويندو آھيان. پر اسان جي شھر جو به عجيب اتفاق آهي جو ھن شھر ۾ اديب، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار ته لاتعداد آهن.. يا کڻي ائين چئون ته لٺ ھڻجي ته ڪنهن نه ڪنهن فنڪار شاعر يا وري ڪھاڻيڪار کي ضرور وڃي لڳندي، پر افسوس انهن جون دليون ننڍڙيون ٿي ويون آهن، جو انهن وٽ نه ڪا بيٺڪ نه ئي وري ڪا ادبي آفيس آهي. صبح کان وٺي ھن جي ڪلينڪ تي شام تائين منهنجا پندرنھن چڪر ضرور لڳندا آهن، ھر ڀيري سنڌ جو ڪو نه ڪو اديب، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار ضرور ويٺل نظر ايندو آهي..ڪيترا ڀيرا ئي اڌارا پئسا مونکان گھريا اٿائين ۽ چوندو آهي، ڏي ته ماني گھرايان مھمان وڌي ويا آهن..جنهن تي مونکي ڪاوڙ لڳندي آهي ته ھو وري چوندو آهي اڳئي مونکان ھڪ دادلا دانشور ڪاوڙجي ويا آهـن ھي به نه ڪاوڙجي وڃن..اصل پيسا ڏي ته ماني گھرايان..
يار جي ڪلينڪ تي رات جو ويندو آھيان ته پنج ڇھه بسڪيٽ جون ڦاريون پيون ھونديون آهن، سمجھي ويندو آھيان ته يار شايد اڄ به گهر جي ماني نصيب نه ٿي ھوندس پر بک تي ڏينهن گذاريو اٿس..ته آئون پڇندو آھيانس ڇا وري ڪي مھمان اچڻا اٿئي ڇا؟
ويچارو چوندو آهي نه نه مھمان ته ناھن اچڻا بس ٿوري بک لڳي ھئي، تنهن ڪري بسڪيٽن جون ڦاريون گھرايون اٿم.. وري مونکان وڏي رڙ نڪري ويندي ھئي..ڪافي ڀيرا مشورا ڏنا اٿمانس ڪلينڪ ڪنهن ٻھراڙي جي ڳوٺ ۾ کول جتي ادبين کان وڌيڪ مريضن کي فائدو ٿئي.. يار کلي چوندو آهي دوستن جا پوءِ ڪتاب ميگزين وري ڪنهن جي ايڊريس تي ايندا؟ ته وري آئون سمجھائيندو آھيانس ادا ھي تنهنجي ڪلينڪ آهي شھر جي لائبريري ته ناھي جو ھر ڪتاب ميگزين تنهنجي ڪلينڪ تي ٿو اچي.
يار جي ڪلينڪ جو اھو روز جو سلسلو جاري ھو. ھڪ ڏينهن صبح جو آئون جيئن پھتس ته ڏٺم يار جي ڪلينڪ بند ھئي، ائين ٻئي ڏينهن به بند نظر آئي. آئون گھڙي لاءِ پريشان ٿي ويس ۽ وري سوچيم ته متان ڪنهن ڪم ڪار سان ٻاهر ويل ھجي، ائين ڪندي ڪلينڪ اٺ ڏينهن مسلسل بعد رھي. سوچيم ڇو نه وڃي گهر پڇي اچانس. فون نمبر به بند اٿس. يار ڪٿي پيالو ته نه ڪري ويو آهي، ڇو جو ڊاڪٽر اڪثر تڪڙا ھليا ويندا آهن.. تنهن ڪري اصل سڌو دروازي جو رخ ڪيو مانس..
در کڙڪايم ته پاڻ نڪري آيو، ساڻس ملڻ کان پوءِ ڪلينڪ بند هجڻ جو پڇيومانس چيائين يار طبيعت سھي ڪونه ھئي ۽ ڪلينڪ جو خرچ گهڻو ٿي ويو ھو ۽ مٿان او پي ڊي به نه جي برابر آهي. مون ٽھڪ ڏيندي چيو ڊاڪٽر اديبن واري جو اوپي ڊي گهڻي اٿئي.. تنھنجا ڪافي مريض بند ڪلينڪ جي ارد گرد ڦرن پيا.. چيائين بس يار ھنن غريب اديبن جي پارت ھجئي جي اچن ته چانھه جي اڌ پيالي ضرور پيارجان.. وراڻيم: ھا ادا..! ھا واھ جو ٺھيو آھين اول ئي تنهنجي ڪلينڪ بند ڪرائي اٿن.. ۽ وري چوين ٿو ته چانھه جي پيالي پياريان جيئن منھنجو ھوٽل بند ٿي وڃي..نه ادا نه، آئون ايترو چريو ناھيان.. اڳيئي ملڪ ۾ ڏسين ٿو نه ڪيتري مھانگائي آهي.. انسان پنهنجو پيٽ پالڻ کان آزرت آهي.. مٿان ھي دوست جيڪي دنيا جا ھر احساس لکي ڪيترن ئي احساسن جا مالڪ بڻجن ٿا.. پر ھو پاڻ ان احساس کان الائي ڇو وانجهيل آهن، جو اچي ٻئي جي روزڪار کي اوطاق سمجهي ڪچھريون ڪرڻ لڳي ويندا آهن.. ڊاڪٽر اھڙن کي ھيرائي پاڻ کي ھوٽل تان ڪڍرائڻو ٿورئي آ.. ڊاڪٽر منھنجا جملا ٻڌي ھڪو ٻڪو ٿي ويو.
ھڪ ٿڌو ساھ ڀريندي چيائين..ھا ادا..! چوين سچ ٿو جيڪي دوست سڄو ڏينهن منهنجي ڪلينڪ تي ويٺا ھوندا ھئا اڄ اھي سڀ مونکان پڇڻ به نه آيا آھن. واقعي ادا..! ڪنهن سچ چيو آهي بيٺھي جو يار سڀ ڪو آ..ڪريل جو ڪو به ڪونهي ڪو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *