تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

ڪرونا وائرس کان پهرين تاريخ جون ڏهه ڀيانڪ ترين وبائون …ظفر سيد/صدام ساگر

ڪورونا وائرس دنيا ڀر ۾خوف جي لهر ڊوڙائي ڇڏي آهي، پر تاريخ ۾ايندڙ وبائون هن کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ڀيانڪ هيون. چين جي شهر ووهان کان ڦهلجندڙ ڪورونا وائرس سموري دنيا کي پنهنجي توجهه جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڪيترن ئي مُلڪن چين سان رابطا ختم يا محدود ڪري ڇڏيا آهن. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته ماضي ۾ڪيئي ڀيرا ايئن ٿيو آهي ته خوفناڪ وبائن وڏي پئماني تي انساني آبادي کي دربدر ڪري ڇڏيو ۽ ان جي مقابلي ۾ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪابه حيثيت ناهي. هتي اسان ماضي ۾ڦهلجندڙ ڏهه هولناڪ ترين وبائن جو ذڪر ڪري رهيا آهيون جنهن دنيا جي وڏن حصن کي برباد ۽ تباهه ڪيو.
1- ڪارو موت
فوتين جو انگ: ساڍا ست ڪروڙ کان 20 ڪروڙ
انساني تاريخ ڪڏهن به ايڏي وڏي سانحي کي منهن ڏئي نٿي سگهي. 1347 کان 1351 تائين طاعون جي هن وبا پوري دنيا کي ايتري قدر متاثر ڪيو ته، چيو وڃي ٿو جيڪڏهن اِها وبا نه آئي هجي ته اڄ دنيا جو نقشو ڪجهه ٻيو هجي. ماهرن موجب طاعون جو جرثومه ايشيا کان ٿيندو تجارتي رستن ذريعي مشرق وسطيٰ ۽ پوءِ يورپ وڃي پهتو جتي اهو 30 کان 60 سيڪڙو آبادي کي موت جي منهن ۾وٺي ويو. تباهي ايتري قدر ڀيانڪ هئي جو پوري شهر ۾مُردن کي دفنائڻ وارو ڪوئي نه بچيو هو. هن وبا جي اثرن جي ڪري دنيا جي مجموعي آبادي گهٽ ٿي ۽ ٻيهر آبادي جي اُن سطح تائين پهچڻ لاءِ دنيا کي ٻه سئو سال لڳا.
بونس: 21هين صديءَ جي سب کان مهلڪ وبا
2013 کان 2016ع مغربي آفريقا ۾پکڙجندڙ ايبولا وائرس سان 11300 ماڻهو فوت ٿيا هئا ۽ اهڙي طرح هي هلندڙ صديءَ جي هاڻي تائين جي سڀ کان وڏي مهلڪ وبا آهي.
2-هسپانوي فلو
فوتگيون: ڏهه ڪروڙ
اها وبا ان وقت پکڙي جڏهن دنيا پهرين عالمي جنگ جي تباهي جي ملبي هيٺ دٻيل هئي يعني 1918ع کان 1920ع تائين. ان وقت دنيا جي آبادي پوڻا 2 ارب جي ويجهو هئي، جڏهن ته هسپانوي فلو تقريبن هر چوٿين شخص کي متاثر ڪيو. ان وقت جنگ جي صورتحال سبب يورپ جي ٻين حصن ۾فلو سان ٿيندڙ فوتگين کي لڪايو ويو، جڏهن ته اسپين جيڪو جنگ ۾شامل نه هو ۽ اُتان کان گهڻين فوتگين جون خبرون اچڻ بعد اِهو تاثر مليو جهڙوڪ هِن بيماري خاص طور تي اسپين کي هدف بڻايو آهي. عام طور تي فلو ٻارن ۽ ٻُڍن لاءِ گهڻو خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي پر هسپانوي فلو خاص طور تي نوجوانن کي موت جي ور چاڙهيو.
3-ايڊز/ايڇ آءِ وي
فوتگيون: 3 ڪروڙ
ايڊز نئين بيماري آهي، جنهن جو وائرس اولهه آفريقا ۾چمپنزيون کان انسان ۾منتقل ٿيو ۽ پوءِ اُتان کان باقي دنيا ۾پکڙيو. هن بيماري سڀ کان گهڻو آفريقا کي متاثر ڪيو هن وقت60 سيڪڙو کان وڌيڪ مريضن جو تعلق صحارا آفريقا سان آهي. البته هاڻي اهو مرض موثر علاج دريافت ڪيو ويو آهي جنهن سان ان تي قابو پائڻ ممڪن ٿي چڪو آهي.
4- جسٽينن طاعون
فوتگيون: اڍائي ڪروڙ
541 کان 542 ۾ايندڙ اِها وبا طاعون جو پهرين وڏو مثال آهي. هن وبا ٻن سالن جي اندر اندر بازنطيني سلطنت ۽ ان سان ساساني سلطنتن کي سيلاب جيان لپيٽ ۾آندو، هن وبا جو اثر ايتري قدر شديد هو جو ماهرن موجب هن تاريخ جي ڌارا ئي بدلائي ڇڏي. چيو وڃي ٿو هن وبا ان سلطنتن کي ايترو ڪمزور ڪيو جو عرب آساني سان ٻنهي کي اونڌو ڪرڻ ۾ڪامياب ٿي ويا.
5-ڪوڪولزتلي 1
اها وبا پڻ ميڪسيڪو ۾آئي هئي هن وبا ٻين جي مقابلي ۾وڌيڪ اڍائي ۽ 50 لک کان ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاريو. هي انگ اکر ان لحاظ کان بيحد ڀيانڪ آهن ته اُن وقت آبادي اڄ جي مقابلي ۾تمام گهٽ هئي ۽ تصور ڪيو وڃي ته ان ڪيئي نه پوري ملڪ کي بنجر بڻائي ڇڏيو هوندو.
6- انتونين جي وبا
فوتگيون: 50 لک کان هڪ ڪروڙ تائين
هي دهشتناڪ مرض ان وقت پکڙيو جڏهن رومي سلطنت پنهنجي عروج تي هئي. 165 عيسوي کان 180 عيسوي تائين جاري رهندڙ هن وبا پوري يورپ جي وڏن حصن کي ويران ڪري ڇڏيو. مشهور حڪيم جالينوس هن دور ۾گذريو ۽ هن مرض جا تفصيل بيان آهن، پر اهو واضح نه ٿي سگهيو ته اهو مرض ڪهڙو هو ۽ ان سلسلي ۾خسره ۽ چيچڪ ٻنهي جو نالو ورتو وڃي ٿو.
7-ڪوڪولزتلي 2
فوتگيون: 20 لک کان 25 لک
جڏهن هپسانوي مهم جوئين براعظم آمريڪا تي ڌاڪو ڄمايو ته ان سان انساني تاريخ ۾هڪ هولناڪ الميي جنم ورتو، مقامي آبادي جي جسمن ۾يورپي جراثيم خلاف ڪنهن قسم جي مدافعت موجود نه هئي، ان لاءِ اُهي اجل جو شڪار ٿيا. هي سانحو 1576ع کان 1580 تائين ميڪسيڪو ۾پيش آيو، جنهن ۾20 لک کان 25 لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، اهو واضح ناهي ته اصل بيماري ڪهڙي هئي، پر مريضن کي تيز بخار ٿيندو هو ۽ بدن جي مختلف حصن مان خون جاري ٿي ويندو هو.
8. ايراني طاعون
فوتگين جو انگ: 20 لک کان وڌيڪ
هونئن ته طاعون جي بيماري وقتن بوقتن سر کڻندي رهي ٿي، پر 1772ع ۾ايران ۾هيبتناڪ وبا ڦهلي، ان زماني ۾هن موذي مرض جو ڪوئي علاج نه هو، جنهن سبب پوري مُلڪ کي لپيٽ ۾آندو.
9- ايشيائي فلو
ڪُل فوتگيون: 20 لک
1957ع کان 58 تائين چين مان ئي هڪ فلو اُڀريو جنهن ڏسندي ڏسندي دنيا ڀر کي پنهنجي لپيٽ ۾آڻي ڇڏيو. ماهرن موجب هن جو وائرس بطخون مان انسانن ۾منتقل ٿيو. هن وبا سان 20 لکن جي ويجهو ماڻهو فوت ٿيا، جنهن سان رڳو آمريڪا ۾70 هزار فوتگيون ٿيون.
10: ننڊ جي وبا
ڪُل فوتگيون: 15 لک
1915ع کان 1926 تائين ڀڙڪندڙ هِن وبا جو سبب هڪ جراثيم هو جيڪو دماغ جي اندر حملو ڪندو هو، هن بيماري کي گردن ٽوڙ بخار جي هڪ شڪل سمجهيو ويندو هو ۽ اُن جي مريض تي شديد غنوگي طاري ٿي وڃي ٿي، مرض جي شدت ۾مريض بُت جو بُت رهجي ويندو آهي ۽ نه ئي هلي سگهي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *