تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ڪورونا وائرس، دنيا لاءِ آزمائش…پروفيسر مطيع الله ڪونڌر

ڪورونا وائرس جي تيزيءَ سان ڦهلاءَ ۾ جتي سڄي دنيا جيان سنڌ کي وڏي آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اتي وفاق ۾ ويٺل حڪمرانن جا سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ڏانهن رويا به پڌري پٽ ٿي پيا آهن. ڪهڙي طرح اسلام آباد جا حڪمران سنڌ جي سورن کي نظرانداز ڪن پيا، اهو تاريخ ۾ ضرور رقم ٿي رهيو آهي. اهو پڻ ته تاريخ جي هن اسٽيج تي ڪو ماڻهو، ڪهڙو ڪردار ادا ڪري پيو. ”دنيا، اسٽيج ۽ ڪردار“ تان شيڪسپيئر ياد اچي ويو. سورهين صدي عيسويءَ ۾ انگلينڊ جو رهاڪو، اديب ۾ ڊرامه ليکڪ، جنهن کي انگريزي ٻوليءَ سان گڏ دنيا جو وڏو ليکاري پڻ مڃيو وڃي ٿو، پنهنجي هڪ ڊرامي ۾ دنيا کي هڪ اسٽيج سان ڀيٽ ڏيندي، هر مرد ۽ عورت کي اداڪار ڪوٺيو. هن جي چواڻي ته دنيا جي اسٽيج تي هر ڪو پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري زندگيءَ جي پڄاڻيءَ تي پهچي ٿو. ان کان علاوه هن ڊرامي جي هڪ گيت ۾ انساني زندگيءَ جا ست ڏاڪا هن طرح بيان ڪيا اٿس:
1- ڄاول ٻار: جنهن کي نرسون پالين ٿيون يا تڪڙو تڪڙو ناچاق به رهي ٿو.
2- پنڌ ڪندڙ ٻار: جيڪو اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ناهي.
3- ڇوڪرو: پنهنجي ارد گرد شين وڻن ٻوٽن پکين جانورن ۽ ماڻهن لاءِ پيار محبت جو لاڙو رکندڙ.
4- نوجوان: حب الوطنيءَ وارو جوشيلو جوان، جسم تي فيشن آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
5- سپاهي: طبيعت ۾ سنجيدگي اچيس ٿي ۽ روب تاب اچي وڃيس ٿو.
6- جج: جنهن ۾ هو جسماني طور ڪمزور ٿئي، جوانيءَ وارا وڳا کيس ويڪرا ٿيو وڃن. نظر لاءِ چشمواستعمال ڪري ٿو.
7- پوڙهو: نه ڏسي ٿو نه ٻڌي ٿو نه کائي ٿو. ٻيهر ٻارائي واري طبيعت ڏانهن موٽي ٿو.
زندگيءَ سان سلهاڙيل ٻه سچيون ڪهاڻيون:
ڪنهن ملڪ جي هڪ مشڪري ڪندڙ اداڪار لاءِ چوندا آهن ته اسٽيج تي پنهنجو پرگرام ڪري ماڻهن کي خوب کلائيندو هو. هن جا ڀوڳ ٺڪاءَ ٻڌي، هر ڪو پيو کلندو هو. ماڻهن کي کلائي کلائي جڏهن پنهنجو پروگرام پورو ڪندو هو ته اسٽيج تي پردي پويان اسٽول تي ويهي ڪجهه وقت روئندو هو ۽ ائين ڪرڻ هن جي معمول ۾ شامل هو. اهڙي هڪ ٻي ڳالهه، ڪنهن عورت لاءِ به ڪندا آهن. جڏهن اناجَ گهٽ ٿيندا هئا يا ڏڪار جي صورتحال هئي، يا پوءِ سندس گهر ۾ غربت پنهنجي عروج تي هئي، سو جنهن ڏينهن سندس گهر ۾ رڌ پچاءَ لاءِ ڪجهه نه هوندو هو ته سنجهي سان ديڳڙي پاڻيءَ سان ڀري چلهه تي رکي باهه ٻاري ڇڏيندي هئي ۽ ڪنهن ڪنهن مهل ان ۾ ڏوئي به پئي ڦيرائيندي هئي. ان سان هوءَ پنهنجي ٻارن کي اوسئيڙي ۾ رکندي هئي ته اجهو ٿو ڀت تيار ٿئي. سندس ٻار کٽ تي سمهي پيا کاڌي تيار ٿيڻ جو انتظار ڪندا هئا ۽ جيئن جيئن رات اڳيان وڌندي هئي. انهن ٻارن کي کاڌي جو انتظار ڪندي ننڍ اچي ويندي هئي. سڀني ٻارن کي ننڊ پيل ڏسي، اها عورت اٿي ديڳڙيءَ کي چلهه تان لاهي گرم پاڻي هاري باهه وسائي ڇڏيندي هئي. اتي ئي ويٺي هلڪي آواز ۾ سڏڪا ڀري اچي ٻارڙن ڀر ۾ سمهي پوندي هئي.
هي ٻئي ڪهاڻيون، سچن انساني جذبن جون ترجمان آهن. انهن مان انساني روين جي خبر پوي ٿي ته ڪير ماڻهو، ٻين لاءِ ڪيترو خلوص رکي ٿو. اهو پڻ ته اسان ڄاڻون ٿا ته انسان جي گذران جو بنياد ذراعت آهي ۽ اسان جي ملڪ تي رب جون مهربانيون آهن، جنهن ذرخيز زمينون ۽ بهترين پاڻيءَ جو نظام عطا ڪيو آهي ۽ ائين ئي ملڪ جا هاري جيڪي گرمي سرديءَ ڏينهن رات جي خيال رکڻ کانسواءِ زمينون آباد ڪري جهجهي انگ ۾ ڪڻڪ. ڪمند، ساريون ڦٽيون ڀاڄيون ۽ ٻيا ميوات جي پيدوار ڪري رهيا آهن. کنڊ جا ڪارخانا اناج جا گدام ميوات سان ڀريل ٽرڪن جي روڊن تي چرپر ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا. اسان جو هڪ دوست پروفيسر سيد نثار احمد شاه چوندو آهي ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ عوام رياست جو ڳيجهو هوندو آهي. پر اسان جهڙن ملڪن ۾ عوام رياست جو محتاج ڪين آهي، ڇو ته هي پاڻ جهجي مقدار ۾ خوراڪ اپائي ٿو. مٿين ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي، اچو ته اسلام آباد هلون. اقتداري ايوانن ۾ مقرر وقت لاءِ ڪجهه ماڻهو اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. هڪڙن جو وارو پورو ٿيڻ تي وري نوان چهرا اچن ٿا ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. جيڪڏهن اخباري بيان ڪٺي ڪجن ته پهرين ۽ پوين جي ڊائلاگن ۾ ڪوبه فرق نه ملندو! جيئن: ”خزانو خالي آهي، عوام قرباني ڏئي. ٻاهريون قرض تمام گهڻو آهي. عوام قرباني ڏئي. بجلي مهانگي ڪرڻ پئٽرول مهانگو ڪرڻ گيس مهانگي ڪرڻ، خوشيءَ سان نه پر مجبوري کان ڪري رهيا آهيون. سمجهون ٿا ڪجهه مهانگائي ٿي آهي، اجهو ٿا ذخيرو ڪندڙن خلاف وٺ پڪڙ ڪريون ۽ ائين ئي حڪومت طرفان به ملڪي ماليات ڪڻڪ کنڊ، ڀاڄين وغيره جي کوٽ بابت اخبارن ۾ بيان پڙهندا آهيون. هي عوامي نمائندا، عوام جي حق ِ حڪمرانيءَ جون علامتون بڻيل وڏين عمارتن جي ڪمرن ۾ ويهي، مختلف مختلف مسئلن تي بحث ڪندا نظر ايندا آهن ۽ پڪ سان انهن گڏجاڻين ۾ مٿين مسئلن بابت حقيقي انگ اکر پيش ڪندا هوندا. سبب پڻ بيان ٿيندا هوندا. پر انهن گڏجاڻين کان فارغ ٿي عوام کي ٻڌائڻ لاءِ جيڪي ڪجهه چيو ويندو آهي، يا عوام لاءِ جيڪو ڪجهه ظاهر ڪيو ويندو آهي، سو ڀوڳ يا هرو ڀرو اوسئيڙو لڳندو آهي. ان بيان تي هيترن سارن نمائندن مان ڇا هڪ به پنهنجي ليکي ويهي ٻه سڏڪا ڀريا هوندا!؟ بلڪل به نه! ڇاڪاڻ ته ملڪ جي راڄڌاڻيءَ ۾ ويٺل حڪمران، ڪورونا وائرس جهڙي سنگين معاملي تي سنجيده ناهن، اهي باقي ڪهڙي قيامت ڇڏائيندا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *