تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ڪرونا جو ڪنڌُ ڀڄي شل …!! جيئند علي مھر

ڦٿڪي ڦٿڪي ساھُ کڄي ٿو ،
غريب امير سڀ
سٽجي ٿو !
سوچَ ۾ ويساھُ ٻڏي ٿو …
جيئڻ به ھڪڙي جنگ ٿي پئي آ !!
دنيا جو ئي دارون
تنگ ٿي پيو آ …
مرضُ اڃان ڪو مُڙيو ڪانھي…
اندر بُک…
ٻاھر ڪرونا !!
ٻارڙن کي ڪير سمجھائي ڀلا …
ٻن ڏينهن کان روزي بند آ …
نڪتاسين ته
لاپرواھيءَ جي ٻاڦ
بڻجي وينداسين …
ٻرنديءَ تي تيل ھاربو آ جيئن !
خدارا …
ٽولا ٽولا بيهي
پنهنجي تباھي نه ڪيو
ائين ٺٺولَ اجائي نه ڪيو…
لاڪ ـ ڊائون جي لڄ رکو ڪجھه
هي سڀُ سوڀون
اوهان جي ساٿ سان ئي ماڻبيون !!
جيءُ آ ته جھانُ آ …
ڀلا جي ڪجھه ڏينهن
پاڻ جهليندو
جُڙي پوندو
احتياط ئي زندگي آ …
هي ڏينھن به گذري ويندا
ڀاڪر بوسا وري به ايندا …
دعائن جا ھٿ کڄن ٿا
ننڍا وڏا سڀ چون ٿا
ڪرونا تنهنجو ڪنڌُ ڀڄي شل …
هن وبا کي پاڙئون پٽڻو آ …
گھر ـ ٻارن خاطر
پنهنجي ديس جو حڪم اکين تي!
ھاڻِ سنگت گھر ڀلا ھُون …
ھاڻِ سنگت گھر ڀلا ھُون.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *