تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪراچي لاءِ 1100 ارب ڪٿان ايندا؟ سوشل ميڊيا سوال اٿاري ڇڏيا

وزيراعظم عمران خان جو ڪراچي لاءِ اعلانيل پيڪيج سواليه نشان بڻجي ويو، سوشل ميڊيا تي پيڪيج ۾ شامل وفاق ۽ صوبي جي حصي بابت مختلف سوال اٿاريا ويا آهن، اڪثر صارفين اهو پڇندا رهيا ته 1100 ارب رپيا ڪٿان ايندا، ڪير ڪيتري رقم ڏيندو؟، سنڌ جي ترقياتي بجيٽ 232 ارب آهي ۽ پيڪيج ۾ 800 ارب جو حصو آهي باقي رقم ڪٿان ايندي؟ اهڙي ريت وفاق جي ترقياتي بجيٽ 700 ارب آهي ته پوءِ باقي رقم ڪٿان ايندي؟، پوسٽن ۾ اهو به چيو ويو ته قرض کڻي پيڪيج جي رقم پوري ڪئي ويندي يعني ماڻهن کي قرضي ڪيو ويندو يا وري سنڌ جي ٻين شهرن جا ڪم روڪي اتان جي رقم صرف ڪراچي لاءِ استعمال ڪئي ويندي؟. اشفاق آذر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوري سنڌ جي ترقياتي بجيٽ 232 ارب رپيا آهن، سنڌ حڪومت جيڪي ڪراچي لاءِ 800 ارب رپيا ڏيڻا ڪيا آهن اهي ايندا ڪٿان؟ جنهن تي ڪمينٽ ڪندي شاهنواز هڱورجو لکيو ته ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، محمد شريف ڄامڙو لکيو ته قرض ورتو ويندو، حفيظ ڪنڀر لکيو ته ڳالهه ڪرڻ ۾ ڇا آهي، عاجز جمالي لکيو ته ان ۾ ورلڊ بينڪ ۽ چين جا پئسا به شامل آهن، دلشاد ڀٽو لکيو ته بحريا ٽائون کان 460 ارب ملندا جن مان هڪ سئو ارب سپريم ڪورٽ وٽ جمع ٿيل آهن. اسد ممتاز رڏ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي لاءِ 1113 ارب جو پيڪيج، 800 ارب سنڌ حڪومت جا، 162 ارب ٻه سال اڳ وفاق جا اعلان ڪيل آهن باقي 151 ارب ۾ ڪراچي کي اين ڊي ايم اي حوالي ڪيو ويو آهي. پيڪيج جو مقصد اهو نڪتو ته پيسا سنڌ جا استعمال وفاق ڪندو. ذوالفقار واهوچو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وزيراعظم پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي وارو ڪم ڪري ويو، ڪڪڙ ڪوري جو نانءُ وڏيري جو، وزير اعظم ڪراچي پيڪيج جو جيڪو اعلان ڪيو آهي 1100 اربن جو ان ۾ وفاق جو حصو 36 ارب رپيا آهي باقي سڀ پيسا سنڌ ۽ ٻين مالي ادارن جي قرض جا آهن، سنڌ سرڪار 285 ارب، چائنيز لون 250 ارب، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ 107 ارب، عالمي بينڪ 82 ارب، اي ڊي پي بي آر ٽي ريڊ لائين 39 ارب وفاقي سرڪار 36ارب، سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت بحريا ٽائون جا 301 ارب رقم آهي، سڀني کي خبر آهي ته وفاق جڏهن سنڌ کي اين ايف سي جي حصي جي رقم نٿو ڏئي، اڳ جيڪا وزيراعظم 160 ارب ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو اها رقم به اڃا نه ڏني اٿس ته هي وري ڪٿان ڏيندو؟. اهڙي پوسٽ تي يوسف جوکيو لکيو ته بلاول چيو آهي ته وفاق جو حصو 300 ارب آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *