تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام علي ڀرسان جهڳي کي باهه: 7 مهينن جو ٻارڙو بابو ولد ڪانجهي ڪولهي سڙي فوت*
  • *ميهڙ ٿاڻي اڳيان جهيڙو: 5 ڄڻا زخمي: ڇڏائڻ ۾ اي ايس آءِ کي به سروٽو لڳي ويو*
  • گوشت ڪيڏانهن ويو؟ ڪراچي ۾ گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ*اڻڄاتل ماڻهو ڪلفٽن ۾ گڏهن جي باقياتي اُڇلي ويا، جاچ ڪريون پيا ته گوشت ڪيڏانهن ويو: پوليس*
  • نئون ديرو: سڱاوتي تڪرار تان سالن هٿان ڀيڻيويو قتل*سئوٽن طاهر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو (نديم ککراڻي) پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو*

ڪجهه اديبن جون لکڻ بابت عجيب عادتون….ھمير گاد

مشهور افسانه نگار ۽ ناول نگار ڪرشن چندر تنهائي ۾ ڪمرو بند ڪري لکندو هو. هڪ ڀيرو سندس گهرواري چوري چوري ڪمري مان ليئو پائي ڏٺو ته هو پنهنجي آس پاس جي ماحول کان بي خبر پنهنجي لکڻ واري پيڊ تي جهڪيل هو، ان وقت ان جو چهرو تمام پريشان،خوفناڪ ۽ اجنبي لڳو. هن جي هٿ ۾ قلم خنجر وانگر نظر آيو. ڪجهه دير کانپوءِ ڪرشن چندر ڪمري مان ٻاهر نڪتو ۽ سڌو کائڻ واري ميز جي طرف آيو. ان وقت هن جو چهرو پرسڪون، تازو ۽ تمام معصوم لڳي رهيو هو.
فرانس جي ناول نگار وڪٽر ھيوگو جي اها عادت هئي ته هو لکڻ وقت سڌو بيٺو هوندو هو ۽ لکڻ لاءِ پنهنجي ڪلهن جيتري ڊگهي ڊيسڪ استعمال ڪندو هو.
مشھور اديب آسڪر وائلڊ ته سڀني کان گوءِ کڻي ويو. ان پنهنجي ڄم جو سال 1854ع بدران 1856ع ڪري ڇڏيو هو مقصد ان جو اهو هو ته هو ماڻھن جي سامهون پاڻ کي گهٽ عمر جو ثابت ڪري سگهي. اردو جو منفرد مزاح نگار شفيق الرحمان هميشه اٿي بيهي لکندو هو.
فرانس جو ناول نويس اليگزينڊر ڊوما لکڻ وقت ليمي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه پيئندو هو.
اهڙي طرح، انگريزي جي اديب ڪيرولين ويج وڊ لکڻ وقت اڪثر ريڊيو ٻڌندي هئي، ايئن کيس خيالن کي جمع ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملندي هئي. آئرلينڊ جو مشھور ناول نگار جيمز جوائس پنهنجون سموريون تحريرون بستري تي ليٽي لکيون. هن جو چوڻ هو “مان ان طريقي سان لکڻ ۾ آرام محسوس ٿو ڪريان”.
معروف اديب جي بي پريسٽلي صرف ڪنهن تحرير کي درست ڪرڻ يا سائن ڪرڻ جي لاءِ پينسل استعمال ڪندو هو. لارڊ ڊيوڊ سسلي پنهنجي طويل سوانح عمري پينسل سان لکي هئي.
اردو جي مشھور افسانه نگار،ڊراما نگار عصمت چغتائي بيڊ تي ليٽي لکندي هئي ۽ لکڻ وقت اڪثر برف کائيندي هئي. هن جو چوڻ ھو برف کائڻ سان نوان نوان خيال ايندا آهن. مشهور اديب جارج برنارڊشا پهريان ايترو شرميلو هو جو هو پنهنجي دوستن سان ملڻ کان به گهٻرائيندو هو بعد ۾ اهڙو وقت به آيو جو هو پنهنجي دور جو بهترين مقرر ٿيو.
انگريزي جو اديب ڊيڪسٽر پنهنجي تحرير ۾ ڪٿي به ڪاما، فل اسٽاپ ۽ وغيره نه لڳائيندو هو. برطانيه جو معروف اديب ڪومپٽن ميڪنزي لکڻ وقت پس منظر ۾ ڪلاسيڪي موسيقي ٻڌندو هو. هن جو چوڻ هو “اهڙي موسيقي هن جي خيالن کي توانائي بخشيندي آھي”.
مختصر افساني جو باني مشھور مصنف ايڊگرايلن پو جي باري ۾ چيو ويندو آھي ته هو لکڻ وقت اڪثر پنهنجي پالتو ٻلي کي پنهنجي ڪلهن تي ويهاري ڇڏيندو هو.



This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *