تازا ترين
  • پ پ ايم پي اي علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو*عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ علي مردان شاهه ڪيترائي ڀيرا وزير ۽ ايم پي اي رهيو*علي مردان شاهه صوبائي وزير سردار شاهه جو مامو ۽ ضلعي چيئرمين نور علي شاهه جو ڀاءُهو
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

ڪجهه ادبي اصطلاحن جون آسان سمجهاڻيون ….ظهير لغاري

هر فيلڊ جي پنهنجي هڪ مخصوص لغت هوندي آهي، جيڪا پروفيشنل يا انهي فيلڊ سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو ئي سمجهندا آهن. ادب جي به هڪ دنيا آهي، جنهن جي پنهنجي زبان آهي. سو حاضر آهن، ادبي ٻوليءَ جا ڪجهه اصطلاح ۽ انهن جي آسان سمجهاڻي.
پبلشر جو نوٽ:
ڪتاب جي پهرين پني تي هڪ اهڙي تحرير پڙهڻ لاءِ ملي ٿي، جنهن ۾ اڪثر اهو تاثر ڏنل هوندو آهي ته ادارو هي ڪتاب ڇپائڻ ۾ سرهائي محسوس ڪري رهيو آهي. پوءِ ڀلي پبلشر “ نوٽ” وٺي اهو ڪتاب شايع ڪري، ان جي خبر ته مطالعي کان پوءِ پوندي ته، هائو ٻيلي! پبلشر کي واقعي به اھڙو ڪتاب شايع ڪندي سرهائي محسوس ٿي هوندي.
ارپنا:
جيڪو ليکڪ سمجهندو آهي ته بس! هي آخري ڪتاب آهي. اهو ارپنا ۾ گهر کان شروع ٿي، اوڙو پاڙو ڇڏائي، ڳوٺ جي سار سنڀال لهي، آخر ۾ سنڌي ادب جي بي تاج بادشاهن کي ياد ڪري وڃي ساهه کڻندو آهي.
مهاڳ:
هي هڪ خاص قسم جي تحرير يا سرٽيفڪيٽ هوندو آهي، جيڪو ڪتاب جي مهڙ ۾ پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. اها تحرير اڪثر ڪري ڪنهن نالي چڙهئي کان لکرائي ويندي آهي، مزي جي ڳالهه اها ته اسان جا مهاڳ اسپيشلسٽ اهو لکڻ ۾ ايترو ته وقت لڳائيندا آهن جو جيڪڏهن ڪو واقعي تخليق ڪار هجي ته ان عرصي ۾ هڪ ٻيو ڪتاب لکي وٺي. مهاڳ اسپيشلسٽ هميشه بهانا پيو ڪندو آهي، ڪڏهن ناچاڪي، ته ڪڏهن ويجهي جو چشمو گم ٿيڻ، ڪڏهن وري پري جو. نيٺ هو اهڙو شاندار مهاڳ لکي ٿو جو ڪتاب جي ليکڪ کي به يقين نه ايندو آهي ته هي واقعي مهاڳ منهنجي ڪتاب جو آهي! ڇاڪاڻ ته پاڻ وٽ اهڙا به مهاڳ اسپيشلسٽ به پيا آهن جيڪي مواد پڙهڻ کان سواءِ مهاڳ لکن ٿا.
پيش لفظ:
مهاڳ ۽ پيش لفظ ڳالهه مڙئي ساڳي آهي. جڏهن مهاڳ لکندڙ مهاڳ لکي، لکي بيزار ٿئي ٿو ته پيش لفظ لکي ٿو. ڀلجو متان، ڊز ٻنهي ۾ ساڳيا هوندا آهن.
اَمُهاڳ: 
هن جي لغوي معنيٰ آهي ته هي مهاڳ نه آهي، پر آهي ساڳئي ماني ساڳ سان، يعني ساڳيو مهاڳ.
سَمُهاڳ:
هي سنڌي ادب جي سرموڙ شاعر امداد حسيني جي تخليق آهي. سَمُهاڳ پڙهي پهرين ته مٿي کي چڪر اچي ويا ۽ ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه اچي ته آخر مهاڳ، امهاڳ به پڙهياسين پر هاڻي هي ڪهڙي مصيبت مٿان اچي ڪڙڪي آهي. پوءِ ڪنهن علم واري وڃي اها ڳجهارت ڀڳي ته هي مهاڳ ۽ امهاڳ جو latest version آهي، جنھن جي معنيٰ آهي سٺو مهاڳ. مهاڳ ۾ هونئن به غير يقيني ڳالهيون هونديون آهن، پر ان جي مٿان سَمُهاڳ يعني سٺي مهاڳ جي اسٽئمپ به لڳل هجي ته ٿي ويندو هل پنهل.
ٻه اکر: 
اڪثر اديب يا دانشور “ٻه اکر” جي آڙ وٺي تقرير شروع ڪري ڏيندا آهن. هي اڪثر اهي اديب ۽ دانشور هوندا آهن جيڪي ڪنهن ادبي پروگرام ۾ واڌي هوندا آهن، ڇو ته اتي تقرير جو ٽورنامينٽ لڳل هوندو آهي ۽ اهي رهجي ويندا آهن، “ٻه اکر” جي آڙ ۾ پلاند وٺندا آهن. اهو انهن جو بنيادي حق به آهي.
پنهنجي پاران يا منهنجي پاران:
هن تحرير ۾ اديب ڳڻ ڳائيندي اهو لکندا آهن ته جيڪڏهن فلاڻي جو ساٿ نه هجي ها ته هي ڪارنامو سرانجام نه ڏئي سگهان ها. هن قسم جي تحرير ۾ اڪثر 2 قسمن جون ڳالھيون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. هڪ ته هن ڪتاب ۾ جيڪڏهن ڪا ڪمي پيشي هجي ته آگاهي ڏني وڃي، پوءِ جيڪڏهن ان جي نشاندهي ڪريو ته هاءِ گهوڙا مچي ٿي وڃي، ابا فلاڻي، فلاڻي عظيم ليکڪ کي “لويو” آهي. ٻئي ڳالهه هي ته هن ڪتاب ۾ ڪي ڪوتاهيون هجن ته درگذر ڪيون وڃن. پر مزي جي ڳالهه ته ان تحرير جي آخر ۾ ٻه مختلف نيٽ ورڪ جا موبائيل نمبر ۽ اي ميل ايڊريس ڏنل هوندي آهي، ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته تعريفي ڪال هنن نمبرن تي ڪري سگهجي ٿي.
فليپ ڪور:
هي اڪثر شاعري جي ڪتابن ۾ هوندو آهي، جنهن ۾ تمام گهٽ لفظن ۾ تمام گهڻي تعريف ڪبي آهي. فليپ ڪور تي تقريبن 8 يا 10 عاليشان قسم جا تعريفي جملا هوندا آهن.
بئڪ ٽائيٽل:
هن تي صفا ڪنھن مصروف قسم جي اديب کان زوري جملا لکرايا ويندا آهن يا ان کان لکرايا ويندا آهن، جنهن جي ادب ۾ “گهر جي واڌي ڀاتي” واري حيثيت هوندي آهي.
مهورت:
هي آهي ته ڪتاب جي “منهن ڏيکائي”. پر هن ۾ اڪثر اديب ۽ دانشور اهڙيون ته مفت واريون اجرڪون پايون ويٺا هوندا آهن، جھڙي سندن شاديون هجن.
صدارتي تقرير:
صدارتي تقرير ڪندڙ اڪثر اهو چوندي ٻڌو ويندو آهي ته مون هي ڪتاب پڙهيو ته ناهي پر هي دانشور آهي چوٽي جو. وڏو نالو آهي. سنڌي ادب تي هن جي ڇاپ (ڇاٻ نه) آهي.
مهورتي تقريب:
هن تقريب ۾ ڪتاب جي گهٽ پر ڪجهه دانشورن جي منهن ڏيکائي وڌيڪ ٿي ويندي آهي.
ڪنهن به اديب جي نالي تي قائم ڪيل چيئر :
هن چيئر تي ويهڻ لاءِ ڪجهه ماڻهو ويل چيئر تي به کڄي ايندا آهن، پوءِ آهي ڪوشش ڪندا آهن ته ويل چيئر تي ئي گهر کڄي وڃن.
مداح:
جنهن تي دانشوري جي ٽڪلي لڳل هوندي آهي، انهي کي وري ڪنهن يار دوست تي مداح هئڻ جي ٽڪلي هڻڻ جو صوابديدي اختيار هوندو آهي ته آئون الاڻي خان جو مداح آهيان. پوءِ ان دانشور لاءِ ضروري ناهي ته جنهن جو هو مداح آهي ان جو ڪتاب به پڙهيو هجيس. هو ته بس رڳو مداح هوندو آهي.
تنقيد:
هي ليکڪن يا ان جي “حوارين” لاءِ صفا ناپسنديده لفظ آهي. اديبن ۽ دانشورن جو هڪڙو حلقو (هلڪو نه) اڃان تائين تنقيد جي وجود کان ئي انڪاري آهي. انهن مطابق جڏهن ته تنقيد جا اڃان اصول ئي طئه نه ٿيا آهن ته پوءِ انهي نج ادبي تنقيد کي به “لوئڻ” جي زمري ۾ ئي رکجي ۽ ڪنهن اديب يا دانشور سڳوري تي تنقيد ڪندڙ يعني “لوئڻ” واري کي جواب ڏيڻ بدران ان جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. ٿي سگهي ته سوشل ميڊيا تي ان جي خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪجي. اخبار وارن کان ان جي تحريرن تي بندش جو مطالبو ڪجي.



This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *