تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ڪتا ۽ هڪ ذهني مريض جي راءِ…روشن شيخ

مان ذهني مريض ته هونئن ئي آھيان، پر ڪڏھن ڪڏھن بي سبب پريشان رھندو ھان، اھا پريشاني خوف کي جنم ڏيندي آ، ڪڏهن اھو خوف ٿيندو آ ته سڀاڻي مان مري ويندس، ڪڏھن اھو خوف ٿيندو آ ته مان جنھن ڇت جي هيٺان آرام ڪرڻ جي اداڪاري ڪري رھيو ھان، سا ڇت ڄاڻ ڪري. ھڪ دفعي رستي تي سفر ڪندي اھو خوف ٿيو ته اھو جيڪو سامھون رڪشو اچي رهيو آ اجھو مونکي اچي لڳو، ۽ ٿيو به ائين ئي، رڪشي واري جواسپيڊ بريڪر تان رڪشا ڪنٽرول مان نڪري ويو ۽ مونکي اچي لڳو. رات مون خواب ڏٺو ته ڪو رولو ڪتو مونکي ڏاڙھي ويو آ…. صبح جڏهن ننڊ مان اٿيس ته مونکي محسوس ٿيو ته مان سچ ۾ ڏاڙھجي چڪو آھيان ۽ مونکي منھنجو جسم ھاڻي به زخمي زخمي محسوس ٿي رھيو آھي.
زخمي جسم ۾ ڀانيان ٿو ٻاھر رولو ڪتا ڀونڪي رھيا آھن ۽ ڪتن جي ڀونڪڻ تي منهنجي ٻارن کي ننڊ اچي ويندي آ، ان ڪري مان ڪتن کي مارڻ جو مخالف ھان، ڇو ته جيڪڏهن ڪتا مري ويا ته پوءِ منھنجي ٻارن جي ننڊ ڦٽي ويندي ۽ اهي روڊن تي رلندا ۽ ڪتا انھن کي ڏاڙھيندا ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ ڪتي ڏاڙھڻ جون سيون جام ملنديون آھن پر اسان هروڀرو سرڪاري اسپتالن جون گلائون ڪندا آھيون، ان ڪري ته اسان گلائون ڪرڻ جا عادي آھيون.
پر اوھان جيڪڏهن مون جيان ذهني مريض آھيو / فرسٽريشن جا شڪار آھيو ته پوءِ اچو ته ڪتن جو شڪار ڪيون، ان کان اڳ جو ڪتا اسانجي جگر جي ٽڪرن کي پنھنجو شڪار بڻائين….

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *